تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

مذهبي ڪٽرپڻي جو شڪار ٿيل عمر خيام رڳو رباعين جو شاعر ناهي … ممتاز بخاري

سنڌي ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن نامور شاعرن ”چوسٽا“ لکيل آهن. چئن سٽن واري شاعري جي اها صنف فارسي ۾ ته تهائين مقبول رهي آهي ۽ سنڌي شاعر ان مان ئي متاثر ٿي ”چوسٽي“ جي صنف ۾ پنهنجي شاعري جو اظهار ڪن ٿا. رباعين کي دنيا ۾ جيڪڏهن مقبوليت ملي ته اها بنا ڪنهن شڪ جي عمر خيام جي ڪري. سندس انگريزي ۾ ترجمو 1889ع ۾ ايڊورڊ فٽز جيرالڊ ڪيو. ان بعد هو سنڌي ۽ اردو سميت دنيا جي درجنين ٻولين ۾ ترجمو ٿي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. هن جي رباعين جا خيال به سوين شاعرن پنهنجي شاعري ۾ آندا آهن جن ۾ هندي ٻوليءَ جو وڏو شاعر سپر اسٽار اميتاڀ بچن جو پيءُ هري ونش راءَ به شامل آهي ته ڪيترن ئي نغمن ۾ مئي ڪدي، ساقي توڙي جواني جي عشق جي بي خودي وارو اظهار سندس شاعراڻي خيال جي طرز تي آهي. پر عمر خيام رڳو رباعين جو شاعر ناهي پر هو سائنسدان هو، کيس هيئت دان يا نجوم جي علم جو ڄاڻو، فيلسوف، رياضيدان، فلڪيات ۽ طب جو ماهر سمجهيو ويندو آهي. الجبرا هن جي وڏي سڃاڻپ آهي، ابن سينا سندس فلسفي جو مرشد هيو. عمر خيام الخوارزمي جي بيهجي ويل حسابن کي هن اڳتي وڌايو. هو پاڻ قرآن شريف جو حافظ هيو پر هن کي مذهبي ڪٽرپڻي ڏاڍو سٽي وڌو ۽ ان جو ڪارڻ شاعري ۽ سائنس هئي. سندس شاعري ۾ شراب جي ذڪر کي پنهنجي معنى ۾ ورتو ويو. اهو قصو هيئن آهي جو يارهين صديءَ ۾ وچ اوڀر جي اڪثر حصن تي سلجوقي بادشاهت هئي، هو شروع ۾ سلجوقي سلطان ملڪ شاهه جي درٻار جو حڪيم مقرر ٿيو. اهو جيئن فوت ٿيو ته ان جي ٻي زال ترڪان خاتون جو ننڍو پٽ باشاهه مقرر ٿيو پر سرپرست طور حڪومت ترڪان خاتون کي ملي. اصل ۾ عمر خيام وزير نظام الملڪ جو دوست هيو جنهن ڪري هو درٻار ۾ آيو. نظام 1092ع ۾ قتل ٿيو، ان بعد جلال الدين ملڪ شاهه به فوت ٿيو. ترڪان خاتون جا منڍ کان ئي نظام المڪ سان اختلاف هئا. ان ڪري خاتون ان جي سمورن ويجهن سمجهيو ويندڙن کي هٽائي ڇڏيو ۽ عمر خيام به ان زد ۾ اچي ويو.
جڏهن سندس دوست نظام بادشاهه ٿيو هو ته هن عمر خيام کي گهرائي کيس مراعتن جي آڇ ڪئي هئي پر عمر خيام کيس سائنس جي تجربن هن بادشاهه کان معاوضي طور هڪ سائنسي تجربيگاهه ٺهرائي هئي جنهن کي رصد گاهه چيو ويندو هو. ان دوران هن جون عشق جي موضوع تي رباعين شهر شهر ۾ نوجوانن کي متاثر ڪيو ۽ مذهبي ان کي شر ڪوٺڻ لڳا. پر هو بادشاهه جي ويجهو هو ته ڪنهن به نه ٿي ڪڇيو ۽ جيئن سندس محل مان نيڪالي ٿي ته هو ڪجهه مذهبي ماڻهن جي الزامن جي گهيري ۾ اچي ويو. مٿس توهين جا الزام لڳا ۽ هو مڪي هليو ويو جتي ڪجهه وقت رهيو ۽ حج ڪري پنهنجي ڳوٺ اچي خاموشي سان رهڻ لڳو سندس اڪثر وقت مسجد ۾ گذرندو هو. هن مٿان بهتانن جو جهان به هلندو رهيو. نه رڳو خاموش رهيو پر لکڻ ۽ ڳالهائڻ به محدود ڪري ڇڏيائين. ان کان اڳ هن حسابن، موسيقي، فلڪيات ۽ ٻين موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا. سندس سوانح نگار لکن ٿا ته هن جو ننڍپڻ ۾ حافظو تيز هو، هڪ ڀيرو پڙهيل ڪتاب ياد رهندو هئس. هو لکن ٿا ته خيام موجب فلسفو ٽن سوالن جو جواب آهي. ڇا ڪا شئي آهي؟ هي ڇا آهي؟ ۽ جيڪو ڪجهه آهي اهو ڇو آهي؟
هو عربي فارسي جو ڄاڻو هيو. ايراني شهر نيشاپور ۾ 1048ع ڌاران جنم وٺندڙ عمر خيام جا فلڪيات جا ڪتاب سموري يورپ ۾ حوالي طور ڪتب ايندا آهن، سندس اهميت جو اندازو ان مان آهي ته جن سائنسدانن جا انٽرنيشنل آسٽروناميڪل يونين پاران نالا چنڊ جي ڪريٽرن (پيالي نما کڏ) تي رکيل آهن انهن ۾ عمر خيام به شامل آهي. هن جو نالو چنڊ جي هڪ کڏ تي 1975ع ۾ رکيو ويو. روس ۾ استخوان سميت سندس مجسما ڪيترن ئي هنڌن تي موجود آهن. سندس شاعري کي به حسابي انداز سان سمجهيو ويندو آهي جيئن سندس هڪ سوانح نگار پروفيسر خادم علي هاشمي. نيشنل بوڪ فائونڊيشن پاران 2017ع ۾ ڇپايل ڪتاب ”عمر خيام“ جي صفحي صفحو49 تي لکيو آهي: ”رياضي ۽ فلسفي جيان رباعي جا ٻه حصا هوندا آهن. پهرين حصي ۾ دعوا پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ٻي حصي ۾ دليل يا ثبوت ڏنو ويندو آهي.“ هو ”جلالي ڪيلينڊر“ جو پڻ باني آهي. فلسفي سميت سائنس ۽ حسابن جي علم ۾ شاندار ڪتاب، تحقيقي مقالا لکڻ باجود هن جي شهرت شاعر واري وڌيڪ آهي. ان جو ڪارڻ شايد ان دور ۾ غير روايتي انداز ۾ شعر ٿي سگهن ٿا! پر هن جو ذڪر ڪيل موضوعن ۾ ڪم ايترو آهي جو دنيا دنگ آهي. عمر خيام 1131ع ۾ وفات ڪري ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *