تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

مختصر ڪهاڻي … سيلفي … احساس ابڙو

نازي او نازي ڇوري نڀاڳي اٿ ڏس سج ڪاٿي آيو آهي ھوڏي ڏس سڀ ٻار مسيت ڏي ويا هن اٿ مٿي ماڻھس مينهن جو ڦر ڪلي سان ٻڌندي ڌيءُ کي سڏ ڪيو .جيڪا پوتي مٿان وجهو آرام سان ستي پئي هئي .ڇوري نه ٿي ٻڌين اٿ ديهان اُٺ اٿ نازي هون…. هون… ڪندي پاسو ورايو ته ماڻھس ڪاوڙ مان هڪل ڪيس اٿين ٿي يا وجهان سوٽي ۾ هٿ ماءُ جي رڙين تي نازي اٿي ڪپڙا ٺاهيندي ڀڻ ڀڻ ڪندي واش روم ڏي هلي وئي ته ماڻھس وري شروع ٿي او نازي مار پوئي هل هل ديهان هڏ حرام جلدي ڪر مسيت وڃ مسيت ڏي. مان نه ويندس نازي اندران ماءُ کي ورندي ڏني ته ماڻھس ٻيلي جي باھ جان ڀڙڪي اٿي نه وينديءَ ٻوٿ نه ڀڃندي سانءِ نه ويندي حافظ ويچارو تو کي ڪيڏو ڀانءِ ٿو سڀ کان گهڻو تو تي ڌيان ٿو ڏي نه ويندي نازي ڀڻڪو ڏنو خبرآ مون کي ڀانءِٿو مون تي ساھه ٿو ڏي بڪ بڪ نه ڪر هاڻي هل ته ڪيانءِ نه هڏا گڏا.هڪ. ماڻهس مينهن ڏهي کير کاري هيٺان رکندي ڄڻ ڌيءُ کي آخري فيصلو ٻڌايو مان نه ويندس نه نازي به ڄڻ اعلان ڪري ڇڏيو. ماڻھس ڊڪي وڃي سوٽي ۾ هٿ وڌو رُمڙ ڪري ڌي ڏي وڌي بيھه ته ڀڃانءَته ناسون نه ويندي ماڻھس اڃا سوٽي کنئي ته پريان نازي جي پيءُ زال کي هڪل ڪيس ته نه هڻجانءِ ڌي کي نازي جي پيءُ کنڊ پتي کٽ تي رکندي وڌي وڃي زال کان سوٽي کسي ڌيءُ جي مٿي تي هٿ رکندي ڌيءُ کي چيائين ڇو امان تو قرآن جو سبق وٺڻ نه ٿي وڃي ماءُ جي چوڻ تي اسڪول وڃڻ به بند ڪيو تو . هاڻي وري مسيت کان به ڪروڌ ٿي ڪرين پيءُ جو اھڙو پيار ڏسي ڄڻ ته نازي جو هيانءُ ڇڄي پيو سڏڪندي پيءُ کي چيائين با…با…بابا م…ا…ن مان مسيت نه وين،..دس ڪلھ حا…ف..ظ.. پيو چوي ته نازي تون ڪيڏي سھڻي آهين سڀاڻي ڳاڙھا ڪپڙا پائي اچجانءِ ته سيلفي ڪڍنداسين

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *