تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

مختصر ڪــــهاڻي … بي منـزل خواب … صدام جوکيو

تعليمي سفر جي هر هنڌ، پنڌ ۽ پيچري تي مڃتا ۽ اعزازن سان اڳتي وڌندڙ مُرڪ پنهنجو گذريل سمورو جيون علمي عشق کي ارپي ڇڏيو هو. هوءَ هڪ رواجي نه پر غير معمولي ذهانت ۽ انتهائي تيز رفتار سان ڪاميابين جا ڏاڪا اڳتي چڙهندڙ ڇوڪري هئي، جنهن ۾ محنت جي قوت رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت مثل هئي. مُرڪ يونيورسٽي جي آخري سال ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ استادن وٽ هڪ مڃيل مثالي ڪردار رکندڙ شاگردياڻي هئي. هوءَ هر سال پهرين نمبرن ۾ امتحان پاس ڪندي رهي ۽ ڪيترن ئي خوابن کي دل ۾ جاءِ ڏئي، ڏينهن رات جهد جفا ۾ وقت بصر ڪندي هئي. پڇڻ تي هوءَ ٻڌائيندي هئي ته مان ايم. اي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي مڪمل ڪري ليڪچرار ٿيندس ته جيئن اڳتي جي زندگي به علمي سرگرمين ۾ رهندي گذري. سندس محنت، ذهنيت ۽ پُر عزم ڳالهيون، ٻڌي هر ماڻهو چوندو هو ته مُرڪ هڪ ڏينهن ضرور منزل ماڻيندي.
مرڪ مائٽن جي دادلي هئي ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ ۽ پيءُ کي هڪ پٽ نالي وسيم ۽ هڪ ڌيءَ مرڪ جو ئي اولاد هو. مُرڪ تي گهر جي ڪم ڪار جي ڪا به ذميداري نه هوندي هئي، جنهن جو هُن مثبت فائدو ورتو، کيس هر وقت هٿن ۾ ڪتاب هوندا هئا. هڪ ڏينهن مرڪ يونيورسٽي ۾ هئي ۽ سندس ماءُ، پيءُ ۽ ڀاءُ گڏ ويٺا هئا ته سندس والد وسيم سان مخاطب ٿيندي چيو، ”پُٽ وسيم مون ۽ توهان جي ماءُ، تو ۽ مرڪ جي شادي جو سوچيو آهي ۽ پنهنجن مائٽن ۾ ڏي وٺ جي مِٽي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي“
وسيم ”بابا شادي به هڪ ڏينهن ڪرڻي آهي ۽ مون کي ان ڳالهه کان ڪو اعتراض ناهي، منهنجي ڊگري مڪمل ٿي چڪي آهي، مان نوڪري به ڪري رهيو آهيان، باقي ادي مرڪ جي ڳالهه سو اُها به ماءُ پيءَ جي فيصلي جي خلاف ورزي نه ڪندي“. اهي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته مرڪ به يونيورسٽي مان واپس اچي وئي ۽ شاديءَ بابت ڳالهيون ڪندي ٻڌائين ته پيءُ کي چيائين ”بابا ڪنهن جي شاديءَ جون ڳالهيون پيون هلن؟“جلدي ۾ پيءُ بدران سندس ماءُ جواب ڏنو ته ”راڻي تنهنجي وڏي ڀاءُ جي“ ڀاءُ جي شاديءَ جو ٻُڌي مُرڪ ڊوڙي وڃي ڀاءُ کي ڀاڪر پاتو ۽ نهايت خوشيءَ مان چيائين ”واهه ادا واهه تنهنجي شاديءَ جون ڳالهيون پيون هلن ۽ مون کي خبر ئي نه آهي“ڀاڻس مسڪرائي ۽ شرمائي چيو ”تون ته ڊانسون ڪنديئن“،
ڪجهه وقت بعد وسيم جي مڱڻي جون تياريون ڪيون ويون، ٻئي ڏينهن مرڪ جي ٿيڻ واريءَ ڀاڄائيءَ کي ميندي لائڻ لاءِ ڪيتريون ننڍيون وڏيون عورتون ويون، پر مرڪ کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو. مرڪ تمام گهڻو ضد ڪيو پر آخر چپ ڪري ويهي رهي، کيس اڃان حقيقت جو پتو ئي نه هو. سندس سئوٽ، ماسات وڃي ميندي لائي موٽي آيون. ڪجهه دير بعد وسيم جي ساهُرن کان مايون سندن گهر آيون ۽ چيائون ”اسان جي ڪنوار مرڪ ڪٿي آهي ته اسان کيس ميندي لايون“ مرڪ جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته وائڙي ٿي وئي، کيس اڃان به ڳالھه سمجھ ۾ نه آئي.
ماڻس کيس چيو ”مرڪ ٺهي ويھه مايون توکي ميندي لائينديون، توکي ڀاءُ جي عيوض ڏنو ويو آهي، ڀاءُ جون خوشيون قبول نه ٿئي ڇا؟“. ايترين مائين ۾ مُرڪ جو انڪار ڪرڻ گهر جي وڏي بي عزتي هئي،،، اهڙي طرح سندس مڱڻو ٿي ويو، خواهشون ۽ خواب حقيقت جي راهه تي هلڻ کان انڪاري ٿي پيا، رشتن جي زنجيرن مُرڪ جي مَنَ کي اونداهيءَ جي اهڙي رستي ڏانهن ڌڪيلي ڇڏيو جو سندس ڏينهن راتيون روئڻ ۽ سڏڪڻ ۾ گذرڻ لڳيون ۽ يونيورسٽي کان فائنل ڏيندي ئي سندس شادي ڪرائي وئي، هوءَ اڄ ليڪچرار نه پر ٻن ٻارن جي ماءُ بڻجي چڪي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *