تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

مختصر نثر … بک ڇا آهي؟؟؟!! … سرمد ملاح

بک پڇ فٽ پاٿ تي ويٺل ٻار کان
جيڪو ٻه ڏينهن جي بک برداشت ڪري
پوءِ به پنهنجي چھري تان مرڪ نٿو ھٽائي،
ان معصوم دل کان پڇجان ..!!!
بک ڇا آهي؟؟
جنهن ماءُ جا ٻچا روز رات جو رڙيون ڪوڪون ڪري دلاسي ۾ سمھي پون ٿا ،
پنھنجي معصوم ٻچڙن کي اھڙي حال ۾ ڏسي !! ان ماءُ جي مٿان ڇا گذرندي ھوندي ان کان پڇجان؟؟!!
بک ڇا آهي؟؟؟
اڄڪلهه جي اھڙي دور ۾ خطرناڪ وبا جي ڪري روز ڏھاڙي تي مزدوري ڪندڙ ،
اھو پورو مھينو گھر ۾ واندو ۽ ٻچڙن جي بک کي ڪيئن برداشت ڪري ٿو!!؟
ان جي من ۾ جھاتي پائي ڏس توکي بک جو چٽو عڪس نظر ايندو ،اڃان به پڇين ٿو!!؟؟
بک ڇا آهي؟؟؟
اڄ به اسان جي زرخيز ملڪ ۾ ،
ھزارين ماڻھو بک جون سٽون نه سھندي! زندگيءَ جي جنگ ھاري ويھن ! پر ملڪ جا دلال! ڪنھن غريب جي مدد ته ڇڏ، رھندو ان کي غلاميءَ جي ڄار ۾ جڪڙي انھن کي موت جي دڳ لائين ٿا!!؟، پر :
انصاف ته خالي نالي ۾ وڃي رھيو آ !
ڪٿي ڪتا بادام پيا کائن! ته ڪٿي اشرف المخلوقات جھڙي ذات بک سبب مريو وڃي ، واهه قدرت تنھنجو انصاف ؟؟!!
اڃان پڇين ٿو (سرمد )؟؟
بک ڇا آهي؟؟؟!!
بک ڇا آهي؟؟؟!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *