تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

مختصر جائزو…ممتاز بخاري جي ناول ”تنهنجو انتظار ڪرڻو آهي“… ميرحسن مري

سنڌي ٻوليءَ ۾ ھن وقت ڪافي تعداد ۾ ۽ سٺن موضوعن تي ناول لکجن پيا، ناولن کي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ به ملي رهي آهي. اسان وٽ افسانوي ادب تي هونئن به گھٽ ڳالهايو ويندو آهي پر خاص طور ناول تي ڪا اڪيڊمڪ تنقيد ٿيندي هجي، اها گھٽ نظر ٿي اچي..ممتاز بخاريءَ جي سڃاڻپ سنڌ اندر هڪ سٺي ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مترجم سان گڏ تحقيقي صحافي طوربه آهي سندس ناول “ڪلاس فور جي محبوبه” اڳي ئي پڙهندڙن وٽ پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ان ناول جي دنيا مڪمل هئي، ان جا ڪردار ، واقعات ۽ حالتون سڀ اسان جي هن طبقاتي سماج ۾ پهنجو وجود رکن پيا ان ڪري اهو ناول پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب ويو. سماجي رشتن تي ھڪ سٺو ناول آھي. جنھن ۾ رشتن جي وچ ۾مسئلا، زندگي جا قدر ، بدلجندڙ حالتن جو سٺو اظھار ٿيل آھي.
ممتاز بخاريءَ جو تازو ناول ”تهنجو انتظار ڪرڻو آھي“ جي دنيا جا ڪردار اڳئين ناول جي ڪردارن کان گھڻو منفرد لڳن ٿا. ڪنهن به ناول جي خوبصورتي به اها آهي ته اها پهريان لکجي ويل ناولن کان موضوعاتي ، ٽيڪنڪي توڙي ڪردارن جي حوالي سان مختلف هجي. ائين هي ناول سنڌي ۾ لکيل ڪجهه اڳين ناولن کان موضاعاتي اعتبار سان مختلف آهي،جڏهن ته ناول جي ٽيڪنڪ ڪا گھڻي مختلف نه آهي. ناول جي پهرين گھرج به ان جي انفراديت آهي سندس هيءُ ناول اڳ لکيل ناولن جي روايتن کي مضبوط به ڪري ٿو ته ڪٿي بنهه انفراديت سان پهنجي الڳ حيثيت سان اچي بيهي ٿو.هن ناول ۾ تصوف جي اھڙين روايتن کي جديد رنگ ۾ اُڻيو ويو آهي، جن ۾ هڪ مرد جو ڪردار جيڪو پهنجي پُر اسرار دنيا ۾ رهڻ جي ڪري عام سماجي زندگي جيئڻ کان انڪار ڪري پنهنجي دنيا کي ڳولهڻ لاءِ نڪري پئي ٿو. اها دنيا جيڪا انسان جي اندر سان کيس ويجهو ڪري ٿي. انسان جي ان مادي زندگي جنهن ۾ انسان فقط پرزو بڻجي ضرورتن جي حاصلات لاءِ جيئندو رهي ٿو. ضرورتن جي پٺيان ڊوڙ انسان کي روح کان پري ڪري بيهاريو آهي. ان ڪردار سان گڏ هڪ ٻيو عورت جو ڪردار به تخليق ڪيو ويوآهي، جيڪو ممتاز جي تخليقي خوبصورتي کي ظاهر ڪري ٿو. ائين ناول ٻن مک ڪردارن جي پراسرا زندگي تي هلي ٿو، جنهن ۾ انهن جي زندگين ۾ ايندڙ ٻين ڪردارن جي ساڻن روش يا هلت به اچي ٿي. انهن ڪردارن کي سامهون ايندڙ تجربا زندگي جي مختلف رنگن سان به ملائين ٿا. هي ناول اسان کي هڪ نئين منفرد پرڪيف، پر سوز ۽ دلڪش دنيا سان متعارف ڪرائي ٿو.
ناول جو مُک ڪردار لطنور آهي. لطنور جي ڪردار کي ان جي ڄم جي وقت ئي پراسرار زندگي سان ويجهو ڪري تخليق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان جو صوفي مزاج ڏاڏو پنهنجي پوٽي جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ان جي نالي رکڻ جي لاءِ پهنجي هم خيال دوستن کي گھرائي ٿو، جيڪي جاڳ بدران خواب ۾ نئين ڄاول ٻار جي لاءِ ” لطنور“ نالوتجويز ڪن ٿا، لطنور ٻن نالن کي گڏي هڪ نالو ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو پڻ ناول کي خوبصورت ڪيفيتن جي جهان ۾ کڻي وڃي ٿو. ان ڪردار جي دنيا ڏاڍي خوبصورت ۽ پر اسرار رکي وئي آهي.ناول جي نقادن جو چوڻ آهي ته وڏي ۾ وڏي ناول نگار کي به پهنجي ڪردارنگاري جي فني توڙي جمالياتي نزاڪتن ۽ قدرن جو شعوري احساس ڪرڻو پوندو آهي. لطنور جي ڪردار جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته هڪ اهڙو ڪردار جنهن جي دنيا الڳ ۽ منفرد آهي جيڪو عام سماجي زندگي جيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو. پنهنجي نئين نويلي خوبصورت ڪنوار کي اڪيلائين جي جهان ۾ ڇڏي تياڳ وٺي نڪري پوي ٿو.
لطنور جي زندگي کي وڌيڪ پراسرار بڻائيندي ناول نگار ڪردار کي منجهائي ٿو ڇڏي. ڪنهن ڪنهن وقت ائين ٿو لڳي ته ڄڻ ڪردار کي نئين رستي جي تلاش آھي. ڪردار اهڙين حالتن ۾ رکيو ويو آهي جتي حقيقي طور زندگي گذارڻ انتهائي مشڪل لڳي ٿي، پر ليکڪ ان زندگي گذارڻ لاءِ ڪردار جي ڪيل جستجوءِ کي نه ڏيکاري مضبوط ڪردار کي اھڙن هنڌن تي سطحي بڻائي ڇڏيو آھي. لطنور جي سڄي ڪردار ۾ هو جهڙين ڏکين حالتن ۾ زندگي گذاري ٿو. اهڙي جيئندان لاءِ ڪيل ڪوششون ضرور شامل ڪرڻ گھرجن ها. ناول جي مک ڪردار کي سڄي ناول ۾ ٻيا ڪردار ٿا هلائين. ڪردار خود صرف پراسرار رهي ٿو، جيئن ” ان ٽو وائلڊ “ ۾ مک ڪردار جي ڪري ٻيا ڪردار سگهارا بڻجن ٿا پر لطنور جي ڪردار کي ٻيا ڪردار ظاهر ڪن ٿا. لطنور سان هڪ اضافي ڪردار فنيلا کي ملائڻ جي ڪوشش فقط لطنور کي ان ڀنور مان ڪڍڻ ۽ ان جي واپسي لاءِ ڪو سبب ڪڍڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي، جنهن ۾ ليکڪ خود هن کي وڌو آهي. فنيلا سان لطنور جو ملڻ ناول ۾ غيرفطري ته نه ٿو لڳي، پر هن جو اسڪاٽش لهجي ۾ انگريزي ڳالهائڻ، فنيلا جي ”ڪوليگ“ جوسٽن جي ڪرادر جو فنيلا ۽ لطنور ۾ وڌيل قربتن تي ايشيائي طرز تي رد عمل ظاهر ڪرڻ ناول کي ڪمزور ڪرڻ ۾ پهنجو حصو ڳنڍيو آهي.
ناول جو ٻيو مُک ڪردار رباب ڏاڍو واضع ۽ مضبوط آهي. ان ڪردار سان نڀايو ويو آهي. هڪ نئين ڪنوار جنهن کي پهنجي گهوٽ سان ڪي مختصر پل گھارڻ لاءِ ملن ٿا. لطنور جي گھر کي ڇڏڻ کان پوءِ گھاريل اڪيلائين جا پل هن پهنجي سر تي کنيا. وڇوڙي جو سڄو روڳ رباب جي حصي ۾ آيو. لطنور ان سڄي روڳ کان آجو هجي ٿو. رباب جي ثابت قدمي پنهنجي محبوب جو انتظار ۽ ان جي لاءِ تڙپ رباب جي ڪردار کي خوبصورت بڻائين ٿا، جهڙي ريت رباب جي ڪردار کي شاندار طريقي سان اڀاريو ويو آهي، ان ريت لطنور جو ڪردار به اڀاريل هجي ها ته هيءُ ناول سنڌ جي اندر انهن چند ناولن ۾ شمار ٿئي ها، جن جو ذڪر شهپارن ۾ ڪيو ويندو آهي. ناول جي ڪلائمڪس جا ٻه پاسا آهن. هڪ پاسو رباب جو آهي، جيڪو دل کي ڇهي وجهي ٿو. جِتي لطنور جي لاحاصل سفر جي پڄاڻي گھر واپسيءَ تي سندس سڄي ڪيل تياڳ کي بي معنيٰ بڻائي ٿي وجهي، اُتي رباب جي ڪيل فيصلي ناول جي ڪلائمڪس کي ٻڏڻ کان بچائي خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *