تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

محترمه….وجيهه وارثي سنڌيڪار: عرفان لُنڊ.

جڏھن اوهان جي ناسن سان
بدبوءَ جو واس ٽڪرائجي
تڏھن سمجهي وڃجو
اهو منهنجو لاوارث علائقو آھي
اڳيان گند جو ڍير
۽ ڍير تي کيڏندڙ ٻارڙا
انهن ٻارن سان پيار نه ڪجانءِ
جراثيمن سان ڀريل آھن
(مستقبل جا ڏوهاري ماڻھو )
انهن جي هٿن جون لڪيرون به نه ڏسجانءِ
غربت جي لڪير نظر ايندئي
ٻارڙيون پنهنجن هٿن کي لڪائينديون
انهن جي هٿن تي ڦلوڪڻا آھن
پوءِ اوهان کي گٽڪو کائيندڙ قوم ملندي!
هي منهنجي قوم آھي
ان سان نه ڳالهائجان ءِ
اها زهر اوڳاڇيندي آهي
پوءِ
منهنجي ماءُ ملندئي
بددعائن سان اوهان جو استقبال ڪندي
اڳتي ساڄي ۽ پوءِ کاٻي
منهنجو پيءُ راڪيٽ ٺاهيندي ملندئي
ٿوري دير ۾ خلائن جي سفر تي روانو ٿيندو
قدم وڌايو اسان اوهان سان گڏ آھيون
هي جهوپڙي آھي
منهنجون 3 نابين ڀيڻيون منتظر آھن
اهي ڄائي ڄم کان انڌيون ناهن
تهه خاني ۾ رھڻ جي ڪري
دنيا کي ڏسي نٿيون سگهن
اهي اوهان کي گينداڙي
خوش ٿينديون
۽ ٽڙيل پکڙيل مروڙيل ڪاغذن وچان
تپ دق ورتل انساني مهانڊو ملندو
اهو آئون آھيان
۽ اهي ٽڙيل پکڙيل مروڙيل ڪاغذ
منهنجا نظم آھن
انهن ڪاغذن منجهان
امان هڪ ڪاغذ کڻندي
چلهو ٻاريندي
۽ چوندي
شاعري سان چلھو ڪٿي ٻرندو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *