تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

محبت واريون خودڪشيون … ڪاواباتا ياسوناري طفيل مگسي

هن کي هڪ خط مليو.جيڪو هن جي مڙس موڪليو هو.هن جو مڙس جيڪو هن کان نفرت ڪندو هو ۽ ھن کي ڇڏي وڃي چڪو هو خط به هن ٻن سالن کانپوءِ لکيو هو.جيڪو ڏورانهين ڏيھه کان هن وٽ پهتو هو.“ڇوڪري کي رٻڙ جي بال سان کيڏڻ نه ڏي.جڏھن اها بال اڇلائي ٿي ته ان جي زمين سان ٽڪرائڻ جو آواز مون کي هت ٻڌڻ ۾َ اچي ٿو.جيڪو منهنجي دل کي تڪليف ڏئي ٿو“ هن پنهنجي نون سالن جي ڇوڪري کان بال ورتو.هن جي مڙس طرفان هڪ ٻيو خط مليو.هن خط جي ايڊريس اڳئين خط کان مختلف هئي.
“ڇوڪري کي جوتا پارائي اسڪول نه موڪليندي ڪر…ان جو کڙڪو به مون کي هتي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ مون کي ائين لڳي ٿو ته ان جي جوتن سان منهنجي دل چٿجي رهي آھي.“ هن جوتن بدران ڌيءُ کي سينڊل پارايو.ننڍڙي ڇوڪري روئي ويٺي ۽ اسڪول نه وئي.هن جي مڙس کان هڪ ٻيو خط آيو.جيڪو هڪ مهيني کانپوءِ پهتو هو خط مان ائين ٿي لڳو .ڄڻ ھو بلڪل پوڙھو ٿي چڪو هجي.“ڇوڪري کي چيني جي ٿانون ۾ کائڻ نه ڏي.ان جو آواز به مون وٽ پهچي ٿو.جيڪو منهنجي دل کي چڪنا چور ڪري ڇڏي ٿو“ ڇوڪري ڪاوڙ منجهان چيني جي ٿانون جي الماڙي منجهان پنهنجو پيالو کڻي آئي.ماءُ ھن کان پيالو کسي ورتو ۽ ٻاهر پٿر تي ڦٽو ڪيائين.هن ڀيري پيالي ٽٽڻ جي آواز ۾ به هن جي مڙس جي دل جي چڪناچور ٿيڻ جو آواز به شامل هو.؟ هن کاڌي واري ميز کي به ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو.ان آواز ۾ ڇا هو؟ هن ڀت سان ٽيڪ ڏني ۽ ٻنهي هٿن جون مٺيون ڀڪوڙي ڀت کي هڻڻ لڳي.پوءِ ھو تيزي سان دروازي کان ٻاهر نڪتي۽ پٺي ڀر باغ ۾ وڃي ڪري ۽ ھن جو آواز؟
“امان امان…امان امان…امان امان“
هن جي ڌيءُ به هن جي پٺيان روئندي روئندي نڪتي پر هن سندس ڳٽي تي ٿڦڙ وهائي ڪڍي.
“وٺ.هي آواز به ٻڌ؛“
ٿڦڙ جي ان آواز جو پڙاڏو هن جي مڙس وٽ پهتو.جنهن تي هن جي مڙس وري هڪ ٻيو خط موڪليو.جيڪو اڳئين پتي کان اڃا به گهڻو ڏور هو.
“ڪو به آواز نه ڪڍو.گهر۾ لڳل گهڙيال بند ڪري ڇڏيو…نه دروازو کوليو ۽ نه ئي بند ڪريو.ايستائين ته ساهه به نه کڻو“
“توهان ٻنهي منجهان ڪوبه ناهي.توهان ٻنهي منجهان ڪو به ناهي…“
اهو.ڀڻ ڀڻ ڪندي هن جي اکين مان ڳوڙھا وهڻ لڳا.
پوءِ ھر پاسي خاموشي ڇائنجي وئي.نه ڪو آواز هو.نه ڪو گوڙ .شايد ماءُ ۽ ڌيءُ ٻئي مري چڪيون هيون.
۽ دلچسپ ڳالهھ اها ته هن جو مڙس به انهن سان گڏ مئو پيو هو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *