تازا ترين
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*

محبتن جو کارو ۽ هڪ گوارڻ! … ليکراج ميگهواڙ

درياهه ۽ لھرن ۾ تِک آھي پر جتي عشق آھي، اتي تتي تِک ئي نرالي آھي، سھڻيءَ جيڪي ساھڙ جي صورت ۾ ڏٺو سو جي سندس سرتيون ڏسن ھا ته ھو به گھڙا کڻي مھراڻ ۾ ڪڏي ڪاھي پون ھا اهڙي ڪا عاشقياڻي نه ٿي ڏسجي جا ساھڙ جي صدقي ڪنن ۾ ڪاهي پوي،سھڻي، سانجھيءَ جي ٻانگ سڻي، درياهه ۾ گھڙي ٿي پوي ۽ ائين پيئي چوي ته ”پرينءَ جي قدمن ۾ سر قربان ٿيو ته ڇا ٿيو“.سڪ وارين ﻻءِ نه درياهه ۾ ڪو خطرو آھي نه جھنگ ۾ ڪو خوف جيڪي خودي ڇڏي ۽ ترھي کي ترڪ ڪري، مھراڻ ۾ بيٺيون، سي ڪنن ڪين روڪيون!!؟ ها! ليلا سچن محبتن ﻻءِ ترھو بار آهي! سھڻي، ڄرڪن ۽ سيسارن جي ور چڙھي به ساھڙ کي نه ٿي وساري، سچو طالب به سمورا وھم ۽ غم ترڪ ڪري، حقيقي محبوب جي تلاش ۾ نڪري ٿو پوي ۽ سر جو سانگو نه ڪري، نيٺ وڃيو ساڻس ھڪ ٿئي. نيڻي جيڪا ليلا جي پاڙي جي هڪ سانوري رنگ جي ڇوڪري آھي پر اخلاق هن جا سفيد آبشار جهڙا آھن! ليلان هڪ گوارڻ جي غريب اولاد آھي پر هو محبت ۾ دل جي درد کي مات ڏئي جيئڻ ڄاڻي وئي آھي! تڏھن ئي هن کي پنهنجي مڙس طلاق ڏني!
اهي ٻئي ڇوڪريون هڪٻئي جون دوست آھن، دردن تڪليفن جي پرک پروڙ ڪرڻ وارا سمورا انسان هڪٻئي جا دوست هوندا آھن! اهو سچ آھي ته ”اذيتون ذلتون نه هجن ها ته شايد هن سنسار ۾ ڪو ڪنهن جو دوست نه هجي ها!!“.ليلا! هي ٻانهن کي ڇا ٿيو آھي؟ ”هي داغ ته ڪجهه به ناهي نيڻي! جيڪو ڏسجي پيو اهو تمام گهٽ آھي پر جيڪو اندر ۾ منهنجي وجود تي داغ هن وقت جي ويرن ۽ وحشي حالتن ڏنا آھن سي تمام وڏا ۽ اذائيندڙ آھن! شڪر آھي هي داغ ڏسي هينئون ڀرجي نه ٿو جيڪي داغ تڪليف پل پل ڏيندا پيا آھن ڏسڻ جا قاصر ناهن سي جيءُ جهوريندا رهن ٿا“. نيڻي آئون هلان ٿي هاڻي مونکي اڄ گهڻو پري وڃڻو آھي ، تنهنڪري وڃان ٿي. ليلا پنهنجي سر تي سينگاريل کارو کڻي پنهنجي ننڍڙي ٻچي لاءِ نڪري پئي ٿي! هڪ ڳوٺ پهتي جتي هن ڏٺو ته هڪ مڙس پنهنجي پتني ديوي کي چئي رهيو هو ته گوارڻ آئي آھي تون پنهنجي ضرورت مطابق شيون وٺي ڇڏ سڀاڻي تنهنجو وِرت جو هوندو. ليلا لاءِ هڪ اهڙو مڙس هن جي خواھش نه پر هن جي لاءِ تصور کان ڪوهين ڏُور هو! هُن ڇوڪري جڏھن هن کان چوڙين جي گهُر ڪئي ته هن جي اکين ۾ ٻه لڙڪُ ڪوسا هن جي معصوم ڳلڙن کي چمندي ڌرتي تي ڪري پيا! انهي ڇوڪري يڪدم چوڙين کي ڇڏي هن جي چهري ڏانهن حيرت سان ڏسي جانچي پڇڻ لڳي، ٻائي توکي ڇا ٿيو آھي لڙڪ لاڙي رهي آھين؟ ليلا جهيڻي آواز ۾ چيو ته ”لڙڪ به ڪيڏا نه سچار آھن جو اهي سچائي جو دستڪ ڏيندي دير ئي نه ٿا ڪن …سڀئي انسان لڙڪن جيئن سچار ٿي پون ته دنيا ڪيتري خوبصورت ٿي پوي! رنڱ متڀيد نفرتون ويڇا اهي سڀ شيون انسان پنهنجي اندر ۾ پالي ڪيئن ٿو!؟ جڏھن ته انسان جو وجود ئي فطرت جي طور طريقن مطابق اهڙي شين کان نفي آھي! ليلا شفاف لڙڪن کي پنهنجي ميري پليءَ سان اگهندي چيو ته مونکي بيحد خوشي ٿي ته توهان جو پتي ديو اهڙو بهترين انسان آھي…!
اها ڇوڪري خوشي سان ٻھڪي پئي، ليلا وڌيڪ چوڻ لڳي عورت ڏس ڪيتري نه معصوم ۽ ڀولي آھي جو هوءَ مرد جي محبت خاطر خوشين جا باغ بنائيندي دير نه ٿي ڪري! ڇوڪري خاموش ٿي ليلا کان پڇڻ لڳي ته تون اهڙي سھڻي آھين پر هي ڪهڙو ڪم پئي ڪرين؟تنهنجو مڙس ڇا ٿو ڪري؟ اهڙو سوال ليلا لاءِ بنهھ اذائيندڙ هو، ليلا چوڻ لڳي هي وزن مون پنهنجي ننڍڙي لاءِ کنيو آهي باقي منهنجو مڙس ٻن سالن کان اسان کي ڇڏي ويو هليو! ”هي کارو منهنجي ننڍڙي جي جياپي جي ٿنڃ آھي! هي منهنجو گذارو آهي، هن کاري ۾ آئون محبتون ورهايان ٿي! ۽ هن کاري ۾ آئون پنهنجا دک درد کڻي گهر گهر گهٽي گهمايان ٿي! هي کارو منهنجو جيون به آھي ته منهنجن تڪليفن جو ذخيرو به…!! توهان کي جيڪو وٺڻو آھي وٺو مونکي ٻيا گهر به ڪرڻا آھن؟ انهي ڇوڪري ليلا جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو هن کي چوڻ لڳي مان تنهنجون سڀئي ڳالهيون ڌيان سان پئي ٻڌيون تون واقعي! ڏُکاري آھين آئون تنهنجي لاءِ نيڪ تمنائون رکان ٿي، اميد ته توکي ٻئي جنم ۾ دنيا جو سموريون خوشيون ملنديون، باقي مان هاڻي توکان خريد ڪجهه نه ٿي ڪريان ڇاڪاڻ جو تون هڪ خوبصورت ڇوڪري آھين تون سمورو سونهن آھين! اهڙي سونهن کي ڏسي پسي سگهجي ٿو، خريد ناهي ڪبو.
ليلا ڇوڪري کي چوڻ لڳي ته ”توهان ڪڏھن ڪنهن کي ظاهري رنڱ ۾ پرکي نه ٿا سگهو جيڪڏھن ڪنهن جي پرک پروڙ ڪرڻي آھي ته ان جي اندر ۾ پيهي ڪري ڏسو! مونکي اهي درد سهندي ڏهاڪو سال ٿيا آھن! منهنجو جيئڻ هاڻي درد بنجي پيا آھن! شايد آئون هاڻي تڪليفن کانسواءِ رهي نه سگهان. ليلا جي اندر جي ڪيفيت لطيف اظهاري ٿو ته:
گَھرِ ويٺيون گَھڻا ڪريو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان.
انسان صلاحن تي هلي ٿو جيئي ٿو پر اهو مزو صلاحن ۾ ناهي جيڪو تجربي مان گذرڻ آھي، گوارڻ ليلا سونهن جا سڀ رنڱ ۽ خوبصورتي ھوندي زندگي دربدري واري گذاري آھي! شايد محبت جي پرک پروڙ هن لاءِ ائين ئي هئي! محبت ۾ گهڙو کڻي پار ٿيڻ آئون سمجهان ٿو محبت جي ڪُل وفائي ناهي! هن گوارڻ جيئن دردن کي کڻي گهر گهر گهٽي گهٽي وڃجي لڇجي ڀٽڪجي ۽ ٻيون هن جهڙيون ڪافي دردن سان منهن مقابل ٿي محبت جي جيت جو ترانو ويران گلين ۾ ڳائي سر اونچو ڪنديون رهن ٿيون!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *