تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

متان نه مڃين !

ڪورونا وائرس جي ڪري نه رڳو عوام کي ماسڪ ضروري پائڻ جون هدايتون ڪيون پيون وڃن پر عوام پاران پڻ ماسڪ جو استعمال وڌايو ويو آهي جنهن ڪري ماسڪ جون نيون نيون ڊزائينون به مارڪيٽ ۾ اچي رهيون آهن، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اجرڪ واري ماسڪ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بعد پ پ اڳواڻ شازيه مري پڻ اجرڪ جي ماسڪ واري پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي بلاول ۽ شازيه مري جي اجرڪ وارين تصويرن جي تعريف به ٿي رهي آهي ته انهن تي تنقيد به ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ امداد سومرو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل…اجرڪ وارو ماسڪ، جنهن تي سلمه جعفر لکيو ته سنڌ ڪورونا وائرس ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، ماسڪ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ آهي ته جيئن اهي پاڻ کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکي سگهن. ان کانسواءِ ڊاڪٽر ماهين پڻ اجرڪ واري ماسڪ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته اجرڪ جي ته سونهن ئي سنڌ آهي، پوءِ ڇو نه ڪورونا هجي. شازيه عطا مري پنهنجي اجرڪ واري ماسڪ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ميڪ اپ، ڪووڊ 19، اهڙي تصويرن کي ڪيترن ئي ماڻهن پسند ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *