تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

متان نه مڃين

ٽين جي دٻن سان پاڻي نيڪال

ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آھي ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پني عاقل جي شاهوڪار ٽائون ڪاميٽي، شاندار چيئرمين ۽ باڪمال ٽي ايم اوز ڪم ڪندا رهيا آھن، جن جون لکن ۾ پگهارون، لگزري لائيف اسٽائيل، هر سال ڪروڙن ۾ وڌندڙ بجيٽ آھي، پر پوءِ به شهر جو اهڙو حال، جو رهڻ تان ارواهه کڄيو وڃي، 6 سئو ملازم آھن،ڳري بجيٽ، تيل جي نالي تي لکين رپيا، صفائي جي نالي تي لکين رپين جا ٺيڪا پر پوءِ به ان ايڏي وڏي ٽائون ڪاميٽي ۾ اڄوڪي جديد دور ۾ به پاڻي نيڪال لاءِ مشينري بدران ٽين جا دٻا ۽ ٽرالي استعمال ڪئي پئي وڃي، پر هو ان سان گهڻن مهينن ۾ شهر جو پاڻي ڪڍي سگهندا؟ برسات بند آھي،گذريل ڏينهن کان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي پر پوءِ به هي صورتحال آھي. جڏهن ته ماهوار پوڻا ٻه ڪروڙ بجيٽ هوندي به مشينري بدران ٽين جي دٻن ۽ ٽرالي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ان اداري جي مالڪي ڪرڻي پوندي، ته جيئن شهر جي مالڪي ٿي سگهي. (برڪت جهنڊير جي فيس بوڪ وال تان ورتل)
پئرس جو ديدار !
دل چيو پئرس ۾ بيٺو آھيان ته دوستن کي شيشي وارن روڊن جو ديدار ڪرايان. هي حسن علي شاهه امام بارگاهه وايا حافظ رسول بخش مدرسه کان ڪوٽو موٽو چوڪ وارو روڊ آهي، شايد هي روڊ حساب ڪتاب واري ڏينهن به نه ٺهندي (اسرار سومرو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)
سوئمنگ پول جي مفت سهولت !

نئون ديرو ۾ سوئمنگ پول جي سهولت مفت ۾ موجود آهي، رشيد ابڙو شهر ۾ برسات جي بيٺل پاڻي واري تصوير شيئر ڪئي جنهن تي اظهر ابڙو لکيو ته سرڪار جي مهرباني سان اها سهولت ملي آهي، سلام راهوجو لکيو ته ٻيڙين جي سهولت ناهي ڏني وئي ڇا اهي پاڻ وٺون؟ ان کانسواءِ پوسٽ تي انتظاميا مٿان تنقيد پڻ ڪئي وئي
پاڻي نيڪال لاءِ امتياز شيخ 8 پوليس موبائلون ساڻ ڪري نڪري پيو

شڪارپور ۾ برسات ۽ چونڊيل نمائيندا جو ڪردا، برسات جي ڪري شهر ۾ پاڻي بيهجي ويو، صوبائي وزير امتياز شيخ 8 پوليس موبائيلون ساڻ ڪري پاڻ گاڏي ۾ ويهي شھر جو چڪر ھنيو، جڏهن ته چيئرمين ميونسپل عقيل عباس سومرو موٽر سائيڪل تي پوري شھر ۾ ٽيم سان گڏ بيٺل پاڻي پاڻ ڪڍندو رھيو. (سارنگ منير سومرو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *