تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

متان نه مڃين !

ٽڪ ٽاڪ گرل صوبائي وزير جي آفيس ۾ !

پنجاب جي وزير فياض الحسن چوهاڻ ۽ معروف ٽڪ ٽاڪ گرل عليزي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، ان کان اڳ فياض چوهاڻ ۽ حريم شاهه جون تصويرون به وائرل ٿيون هيون، سوشل ميڊيا تي نئين وائرل ٿيل تصويرن ۾ ٽڪ ٽاڪ گرل عليزي صوبائي وزير جي آفيس ۾ سندس ڪرسي تي ويٺل نظر اچي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي اهڙيون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ويو ته عليزي صوبائي وزير جي آفيس ۾ سندس ڪرسي تي ويٺل آهي، سوشل ميڊيا تي صوبائي وزير مٿان تنقيد پڻ ڪئي وئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *