تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

متان نه مڃين !

ڪورونا متاثر پائليٽ ۽ ويٽنامي ڊاڪٽر

هي اسڪاٽ لينڊ جو برٽس پائليٽ اسٽيفن ڪيمران آهي، جيڪو ڪميونسٽ غريب ملڪ ويٽنام ۾َ لينڊ ڪرڻ بعد ڪورونا پازيٽو قرار ڏيڻ تي هوچي منه سٽي جي اسپتال ۾ زير علاج ٿيو ته ويٽنامي اختيارين کيس ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ نازڪ ترين ڪورونا مريض ڊڪليئر ڪيو. هن جي ڦڦڙن مشڪل سان 10 سيڪڙو ڪم ٿي ڪيو. هو اڍائي مهينا، يعني پورا 10 هفتا، وينٽيليٽر تي هو، ويٽنامي ڊاڪٽر غيرملڪي شهري جي زندگي بچائڻ لاءِ موت سان وڙهندا رهيا ۽ نيٺ گذريل ڏينهن صحتياب ٿيڻ بعد کيس واپس برطانيا روانو ڪيو ويو. غور ڪريو 10 هفتا وينٽيليٽر تي ۽ 4 مهينا ڪورونا سان اسپتال ۾ وڙهڻ باوجود ڊاڪٽر هن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويا. جڏهن ته ويٽنام ۾ ڪورونا جو ڪو به مريض اڃا تائين فوت نه ٿيو آهي. ويٽنامي ڊاڪٽرن کي سلام آهي. ويٽنام ائٽمي طاقت ناهي ۽ نه دنيا جي ڇهين وڏي فوج جي هام هڻندڙ آهي. ويٽنام وٽ ايمانداري ۽ پروفيشنل سگهه آهي، جيڪا اسان وٽ ناهي. وش يو گڊ لڪ اسٽيفن ڪيمران، چڱو ٿيو جو تون ان حالت ۾ ڪنهن پاڪستاني اسپتال ۾ زير علاج نه هئين، نه ته 4 مهينا ڇا 4 ڏيهاڙا به نه ڪڍي سگهين هان. (اي آر امداد سومرو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *