تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

متان نه مڃين !… پر انهي سنڌ ۾ سنڌي به هوندا يا نه !

جڏهن جنرل پرويز مشرف سنڌين کي نا اهلي جو طعنو هنيو ته اسان سڀني جي قومي غيرت جاڳي پئي، پر اسان ڪڏهن به پنهنجي اهليت کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي.سنڌ ۾ اسيمبلين تائين پهچڻ جي صلاحيت رکندڙ ماڻهو پنهنجي اهليت سان سنڌ جا وسيلا ۽ سنڌ جون زمينون وڪڻي ڇڏين ٿا.سنڌ ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿيندڙ نوجوان پنهنجا گھر زمينون ۽ ڍور ڍڳا وڪڻي سرڪاري نوڪريون وٺن ٿا.سنڌ جا ڊاڪٽر پنهنجي اهليت سان سرڪاري اسپتالن مان نڪري پنهنجون پرائيويٽ ڪلينڪون هلائين پيا.سنڌ جا انجنيئر ڪميشن تي روڊ رستا عمارتون غير معياري اڏڻ جي منظوري ڏين ٿا.سنڌ جا تپيدار ۽ روينيو عملدار رشوت تي کاتا تبديل ڪري ڇڏين ٿا.سنڌ جا سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ڪرپشن جي خلاف اٿندڙ تحريڪون هلائي پنهنجي لاء رعايتون ۽ مراعتون وٺي چپ ٿي وڃن ٿا.سنڌ جا صحافي ڪرپشن جي خلاف ”ثبوت“ گڏ ڪري پنهنجي لاء ڪجھ ڏي وٺ ڪري ويهي رهن ٿا.جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ ڪو ٻوٽو ٻاري نٿا سگھن اهي ڪنهن ٻاهرئين ملڪ سنڌ جي ”حقن“ جي جنگ وڙهڻ جي لاء ”جلاوطن“ ٿي رهڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏين ٿا.سنڌ جيئندي سدا، پر انهي سنڌ ۾ سنڌي به هوندا يا نه، اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. (برڪت نوناري جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *