تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

متان نه مڃين !… ٻنهي مان آواز ايندو ؟

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي هڪ ٻي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن بعد سوشل ميڊيا تي مٿس تنقيد سميت دلچسپ تبصرا هلي رهيا آهن، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عثمان بوزدار کي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائڻ لاءِ مائيڪ لڳائي وڃي ٿي ۽ ان بعد سندس هڪ ڪن ۾ هينڊز فري لڳائي وئي پر جڏهن ٻئي ڪن ۾ هينڊز فري وڌي وڃي ٿي ته عثمان بوزدار چوي ٿو ته اها ٻي ڇا جي لاءِ ؟ انهن ٻنهي مان آواز ايندو؟ جنهن بعد کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته انهن ٻنهي مان آواز ايندو ۽ مائيڪ مان آواز ويندو. ان کان اڳ عثمان بوزدار جي اها ڳالهه سوشل ميڊيا تي مشهور ٿي هئي ته ڪورونا چڪ ڪيئن هڻندو آهي؟ پر نئين وڊيو بعد دلچسپ تبصرا هلي رهيا آهن، ڪجهه صارفين پاران ته اهو به لکيو ته ماڻهو هروڀرو قائم علي شاهه تي تنقيد ڪندا آهن، پنجاب جو وزيراعليٰ سڀ کان وڏو نمونو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *