تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

متان نه مڃين !… ريلي ۾ شرڪت ڪريو پئسا وٺو

ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ريلي ڪڍي وئي هئي جنهن بابت هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ شخص کي پئسا ورهائيندي ڏيکاريو ويو آهي، وڊيو ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ريلي ۾ پئسا ورهايا پيا وڃن، وڊيو رڪارڊ ڪندڙ شخص چئي رهيو آهي ته آئون ڊاڪ خاني چوڪ وٽ بيٺل آهيان ۽ هي عوامي ريلي ناهي، هن ريلي ۾ شامل سموريون گاڏيون خالي آهن، ماڻهو هنن کي ريلي لاءِ ناهن مليا، تنهن ڪري 500-500 رپيا مزدورن کي ڏئي انهن کي ريلي ۾ وٺي وڃي رهيا آهن، وڊيو ۾ خالي گاڏيون پڻ ڏيکاريون ويون آهن، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي ايم ڪيو ايم مٿان تنقيد ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ريلي ۾ شرڪت لاءِ پئسا ڏنا پيا وڃن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *