تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

ماڻھو ھڪ درد سان ڪيترو جي سگھي ٿو … روشن شيخ

آصف جمالي نثري نظمن جو خوبصورت شاعر آھي، آصف جي نثري نظمن جو ڪتاب “درد جو البم” پڙھڻ لاءِ مليو ته آئون حيران ٿي ويس ته ھِنَ شاعر آخر ايڏو درد آندو ڪٿان آھي؟ ڇو ته آصف جماليءَ جي سموري شاعري درد آھي. آصف اھو بد نصيب پيءُ آھي، جنھن جو جون پٽ عبدالرافع ھڪ روڊ حادثي ۾ ماريو ويو، ھڪ اردو چينل جي رپورٽنگ مطابق تلھار سان تعلق رکندڙ شاعر آصف جماليءَ جو جوان پٽ ۽ سندس پٽ جا دوست اويس چانگ، صفيان ڀٽي ۽ ھڪ ٻيو دوست بدين مان ھڪ ھوٽل تان ماني کائي موٽي رھيا ھئا ته رستي ۾ ھڪ ڏاڍو مڙس رافع جي گاڏيءَ سان روڊ حادثو ڪرائي ٿو ۽ ان حادثي ۾ رافع جمالي، اويس چانگ ۽ صفيان ڀٽي ٿڏي تي مري وڃن ٿا. ھن حادثي تي آصف جمالي بلڪل ئي ٽٽي پيو آھي، بقول آصف جمالي جي ته منھنجو پٽ ۽ ان جا دوست حادثي ناھن مئا، پر انھن کي ھڪ سوچيل سازش تحت رستي ۾ ماريو ويو، ان ڏک ۾ آصف ھي درد ڀري دانھن لکي.
زندگي ڏک آهي
مون گھڻو ڪجهھ وڃايو آهي
زندگي ۾
ڪڏھن به ڪا وڃايل شي واپس نه ملي آهي
ڪجهھ ڏينھن جي ڏک کان پوءِ اھو وسري ويندو آھي
يا ائين سمجھو
ڪو نئون ڏک پراڻي ڏک جي جاءِ اچي وٺندو آهي
پر توکي وڃائڻ کان پوءِ سوچيان ٿو
دنيا ۾ اڃان اھڙو ڪو ڏک آهي
جيڪو ھن ڏک جي جاءِ اچي ڀريندو !
دنيا ۾ اولاد جي ڏک کان وڏو ڪو ڏک ئي ناھي، مون جڏهن آصف جي نثري نظمن جي ڪتاب “درد جو البم پڙھيو ” ته اھو سڄو ڪتاب ھڪ پيءُ پاران پٽ جي اڻ مندائتي وڇوڙي تي لکيو ويو آھي، مون جڏھن آصف کان سندس جي پٽ جي قاتلن لاءِ پڇا ڪئي ته ھو ڪجھ دير خاوشيءَ کانپوءِ ورندي ڏئي ٿو تہ سائين غريبن جي پٽن جا قاتل ڪڏھن پڪڙيا به آھن ڇا؟ ۽ آصف جو اھو موقف پنھنجي جاءِ تي ھڪ درد ڀري دانهن جيان آھي، ھتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ته ھوندا ئي آھن، پر ان کي لٺ کي وري مقتولن تي استعمال ڪرڻ جو رواج پڻ اسان وٽ وڌي ويو آھي، پر ھڪڙو ڏک ھوندو آھي، جيڪو اسانجي دل جي زمين کي پيو پائيندو آھي:
سگنيچر
ديوار تي
ھن جي سگنيچر ڏسي
اکيون ڀرجي اينديون آهن
ھن
ڇا سوچيندي
بي خبري ۾ سگنيچر ڪئي
سوچيان ٿو
شايد
دوستن جي باري ۾
منھنجي باري ۾
پنهنجي امي جي باري ۾
يا انھن روين جي باري ۾
سڀ ڳالھيون دل ۾ کڻي ھليو ويو
اسين
روين جي
اھا ڪاري رات
اڄ به جھاڳي رھيا آھيون
آصف جماليءَ جو ڏک اسان سڀني جو ڏک آھي، پر ڏک اھو به آھي ته ھڪ باشعور شاعر جو جون پٽ خونِ ناحق ٿي وڃي ٿو، پر اسان وٽ ان خونِ ناحق تي ڪنھن سوچڻ جيترو به وقت ڪونه ملي، سو ٿيڻ ته ائين گھرجي ته اسان سڀني کي آصف جماليءَ جي پٽ جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ پنھنجي مصروف زندگيءَ مان بس ٿورڙو ئي وقت ڪڍڻو پوندو ته جيئن آصف جماليءَ کي انصاف ملي سگھي:
ماڻھو ھڪ درد سان ڪيترو جي سگھي ٿو
مون
ڳوڙھن لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي
پر ھن ڏسي ورتو
وسندڙ مينھن اوچتو بيھي به رھي
پر ھن جي آثارن کي لڪائڻ ڪيترو ڏکيو آھي
منھنجي پسيل اکين
وقت کان پھرين
ھڪ گھڙي ۾
ھن کي جوان ۽ پوءِ پوڙھو ڪري ڇڏيو
مون ڏٺو
ٻه موتي
ھن جي اکين ۾ به چمڪيا
سوچيان ٿو
ماڻھو
ھڪ درد سان گڏ آخر
ڪيترو زندھ رھي سگھي ٿو

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *