تازا ترين
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ماڪڙ جو امڪاني حملو ، ڇا آبادگار نقصان لاءِ تيار رهن ؟؟؟ … انيس لغاري

سنڌ جو عوام اڃا ڪورونا جهڙي خطرناڪ وبا سان جهيڙي رهيو آھي ته مٿان وري ماڪڙ جي امڪاني حملي ويتر سندن ڳڻتين ۽ پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي ، وڻن ۽ ٻوٽن  جي حفاظت واري وفاقي اداري ( ڊپارٽمينٽ آف پلانٽ پروڊڪشن DPP ) سنڌ حڪومت کي خبردار ڪيو آھي ته ايران  کان ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچندا جنهن سان فصلن ، ميون ۽ ڀاڄين کي سخت نقصان رسڻ جو انديشو آھي پر ان کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال بابت جيڪا اڳڪٿي سنڌ جي زراعت واري وزير ڪئي آھي ان زميندارن ۽ آبادگارن جي پريشانين ۾ ٻيڻو اضافو ڪري ڇڏيو آھي, سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير جو چوڻ آھي ته جيڪڏنهن وفاقي حڪومت تعاون نه ڪيو ته سنڌ جي ريگستاني پٽي جي 35 لک ايڪڙن تي موجود ماڪڙ جا بيدا جون ۾ برسات پوڻ جي صورت ۾ سندن واڌ ويجھه ۾ بي پناھ اضافو ڪري ڇڏيندا جنهن سان سنڌ جي 15 ضلعن جي 50 هزار اسڪوائر فٽن ۾ 30 لک ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل کي تباھه ڪرڻ جي صلاحيت رکندا ، وفاقي حڪومت جي ريگستاني ماڪڙ جي خاتمي ۽ ڪنٽرول بابت نيشنل ايڪشن پلان به ماڪڙ جي حملي جي صورت ۾ ربيع جي فصل کي353 بلين جڏهن ته خريف جي فصل کي 464 بلين جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو آھي ، ان صورتحال مان سمجهي سگهجي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ماڪڙ جي امڪاني حملي سان ڪيترو نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي ۽ ملڪ ۾ کاڌي ۽ خوراڪ جي شين جو بحران پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌي ويا آھن،
توڙي جو وفاقي حڪومت گذريل سال کان ملڪ ۾ ماڪڙ بابت هنگامي ايمرجنسي نافذ ڪندي گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت ( Food & Agriculture Organization ) جي رهنمائي هيٺ  نيشنل فوڊ سيڪيوريٽي ۽ ريسرچ واري وزارت (MFSR) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ ( NDMA ) ڊپارٽمينٽ آف پلانٽ پروڊڪشن ( DPP ) ۽ صوبن جي زراعت واري وزارت تي مشتمل ڪميٽي تشڪيل ڏيئي  ريگستاني ماڪڙ جي خاتمي ۽ ڪنٽرول لاءِ قومي ايڪشن پلان ( National Action Plan For Surveliance And Control Of Desert Locusts 2020-2021) ترتيب ڏنو جنهن مطابق ماڪڙ جي خاتمي لاءِ صوبن جي صلاح ۽ مشوري سان  ٽن مرحلن ۾ ڪم ڪيو ويندو جنهن تحت پهريون مرحلو جنوري کان جون 2020 ٻيو مرحلو جون کان ڊسمبر 2020 ۽ ٽيون مرحلو جنوري کان جون 2021 تائين هوندو ، قومي ايڪشن پلان جو پهريون مرحلو پورو ٿيڻ تي آھي پر ان پهرين مرحلي ۾ وفاقي حڪومت پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجھ علائقن ۾ ته ريگستاني ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪرايا آھن پر سنڌ جي ڪنهن به علائقي ۾ نه هوائي اسپري ڪيو ويو آھي ۽ نه ئي پنجاب جي چولستان ۽ خوشاب ضلعن وانگر چيني ماهر گهرائي ريگستاني ماڪڙ جي بيدن ۽ انهن جي افزائش بابت ڪا اسٽڊي ڪرائي وئي آھي ڄڻ ته سنڌ هن وفاق جو حصو ئي ڪونهي . 
سنڌ حڪومت گذريل سال ماڪڙ جي خاتمي ۽ ڪنٽرول لاءِ 330 ملين روپيا رکيا هئا جنهن مان بقول سنڌ جي زراعت واري وزير جي 181 ملين جون 19 اسپري واريون گاڏيون ۽ اسپري لاءِ هڪ لک لٽر پيسٽي سائيڊ دوا خريد ڪئي وئي هئي ، ماڪڙ جي امڪاني حملي کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت وفاق کي بار بار اپيل ڪري رهي آھي پر اڃا تائين وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي اپيل کي سنجيده وٺڻ لاءِ تيار ناهي ، گذريل سال سنڌ ۾ ماڪڙ جي حملي کي روڪڻ لاءِ گهربل مدد جي فراهمي واري معاملي تي جهڙي طرح وفاقي حڪومت جو سنڌ حڪومت سان عدم تعاون ۽ ڇڪتاڻ وارو رويو رهيو اهو رڪارڊ جو حصو آھي ، مٿان وري ڪورونا وائرس بابت وفاق ۽ سنڌ ۾ پاليسي متعلق جيڪو تڪرار هلندو پيو اچي ان سان ماڪڙ جي امڪاني حملي جي روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت جو گهربل ڪردار ، مدد ۽ تعاون رولڙي جو شڪار ٿيندي نظر پيو اچي جنهن جو سڌو سنئون نقصان سنڌ جي آبادگارن کي ڀوڳڻو پوندو ، وفاقي حڪومت کي هونئن به سنڌ جي معاملن ۾ ڪا به دلچسپي ڪونهي ۽ سنڌ حڪومت به ماڪڙ کي منهن ڏيئڻ لاءِ فقط وفاقي حڪومت کان بار بار مدد جي اپيل کانسواءِ ڪا  به سنجيده ۽ ٺوس حڪمت عملي نه ٺاهي سگهي آھي ماڪڙ جي حملي جي صورت ۾ گذريل سال جيان هن ڀيري به ائين چئي جان ڇڏائيندي ته قدرتي آفتون وفاقي سبجيڪٽ آھي اسان وفاق کي بار بار مدد جي اپيل ڪئي پر وفاقي حڪومت اسان سان ڪنهن به قسم جو گهربل تعاون ۽ مدد نه ڪئي ۽ نتيجو پاڻ سڀني کي ساريل آھي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ماڪڙ جي حملي جي صورت ۾ آبادگارن کي تباهي لاءِ ذھني طور تي تيار رهڻ گهرجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *