تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ماڪوڙي هڪ عجيب جيت … محمد يونس کوسو

ماڪوڙي هڪ عجيب جيت آهي , جيڪو پنهنجي ڏاهپ ۽ باضابطه سماجي زندگي ۾ ٻين سڀني جيتن کان  نرالو الڳ آهي .ماڪوڙين جا هيستائين ۸ هزار قسم ڏٺا ويا آهن هي جيت پنهنجو گهر ايڏي ته نفاست ۽ ڪاريگري سان ٺاهيندو آهي ڏسڻ وارو دنگ رهجي وڃي ۽ ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ماڪوڙيون راڄ ٺاهي رهنديون آهن, جنهن ۾ عجب جي ڳالھه آهي جو انهن ماڪوڙين جو تعداد هميشه هڪ جيترو ئي هوندو آهي, ماڪوڙيون ٽن قسمن جون هونديون آهن. ماءُ ماڪوڙيون, پورهيت ماڪوڙيون ۽ نر ماڪوڙيون. آنا ڏيڻ جي موسم ۾نرن ۽ مادين جا پر نڪرندا آهن , جن جي مدد سان هو اڏامي ڪري هوا ۾ ملندا آهن اهي پنهنجي زندگي ۾ هڪ دفعو ئي ميلاپ ڪندا آهن ۽ ميلاپ کان پوءِ نر مري ويندا آهن ۽ مادي ماڪوڙيون پنهنجا گهر جوڙڻ ۾ جنبي وينديون آهن ۽ هڪ نئون راڄ جنم وٺندو آهي. 
پورهيت ماڪوڙيون کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪنديون آهن ۽ ماءُ ماڪوڙين ۽ سندن آنن ٻچن جي پالنا ڪنديون آهن. آنا ڪجهھ وقت کانپوءِ ڦٽندا آهن. جن مان لاروا نڪرندا آهن اهي لاروا پنهنجي واتن مان هڪ قسم جو پٽ ڪڍندا آهن جنهن سان پاڻ کي هو ويڙهي ڇڏيندا آهن, ويڙهيل جسمن کي ڪوڪون چئبو آهي. ٿوري وقت کان پوءِ ڪوڪونن مان ٻچا نڪرندا آهن نهايت ئي عيب ڳالھه آهي جو اهي ٻچا اول اول خوراڪ تلاش ڪري اچي پنهنجي ماءُ آڏو رکندا آهن .  ۽ ماءُ ٻاهر نه نڪرندي آهي هن جو ڪم فقط آنا لاهڻ هوندو آهي.ماڪوڙين جون گهڻيون ذاتيون زمين جي اندر پنهنجا گهر جوڙينديون آهن جيڪي ور وڪڙن وارا ۽ نهايت ڪاريگريء سان ٺهيل هوندا آهن,  گهر ڪيترين ئي ماڙين وارا هوندا آهن. ان جا گودام, آنا لاهڻ جون جايون, لاروا پالڻ ۽ ڪوڪون رکڻ جا ڌار ڌار ڪمرا هوندا آهن. پورهيت ماڪوڙين جو ڪم گهرن جي صفائي, خوراڪ گڏ ڪرڻ, لارون ۽ ڪوڪونن جي سنڀال ۽ دشمنن سان مقابلو ڪرڻ هوندو آهي
عام طور تي ماڪوڙيون نهايت ئي امن پسند هونديون آهن پر انهن ۾ ڪي ذاتيون جنگجو به هونديو آهن اميزان ڌاڪوڙيون انسانن وانگر وجھه وٺي ٻين تي حملا ڪنديون آهن . انهن وٽ باقاعدگي سان فوج هوندي آهي اهي انسانن جي جنگي حڪمت عملي وارو طريقو استعمال ڪنديون آهن. وڏي حيرت جي ڳالهھ آهي جو انهن ۾ دشمنن جي جاسوسي ڪرڻ , دوبدو مقابلو, اوچتي ڪاھ, لڪي ڇپي ويڙھه , گهيرو ڪرڻ, قتل عام ڪرڻ , دفاعي جنگ ڪرڻ , وقتي طور تي پوئتي هٽڻ , دشمن کي دوکو ڏيڻ , هڪ ڌر سان اتحاد ڪري ٻئي ڌر سان وڙهڻ , هارايل ڌر کان چٽي ڀرائڻ ,  ويندي ويندي غلام بڻائڻ جو به رواج  هوندو آهي. ماڪوڙين ۾ ڪي ذاتيون بدمعاش پڻ آهن. اميزان ۽ ڊرائيور ماڪوڙين جو ڌنڌو ئي جنگ ڪرڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ آهي.اڪثر ماڪوڙيون هڪ شهر ٻڌي رهنديون آهن پر ڪي ذاتيون خانه بدوش به آهن. آفريڪا جون ماڪوڙيون ايڏيون ته زبريون ۽ زهريليون هونديون آهن, جو اهي پکين, ننڍن جانورن ۽ ڪڏهن ڪڏهن  انسانن تي به حملو ڪنديون آهن ۽ نهايت ئي تيزي سان ماس پٽي کائي وينديون آهن جو ڪجھ وقت کانپوء  اتي رڳو هڏائون پڃرو پيو هوندو آهي.
ماڪوڙين کي اکيون  ڪون ٿين.اهي اکين وارو ڪم پنهنجن ” ڇهڻن” کان وٺنديون آهن. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ماڪوڙيون پنهنجي جسم مان هڪ خاص خوشبوء ڇڏينديون آهن جيڪا کين گهر موٽڻ وقت رهنمائي ڪندي آهي ڪن سائنسدانن معلوم ڪيو آهي ته ڪن ماڪوڙين ۾ ڪا قطب نما جهڙي الهامي قوت آهي جيڪا کين پنهنجي گهر  جو طرف ۽ مفاصلو معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي  ڪي ماڪوڙيون کنڀيون پوکينديون آهن ۽ وڏي ٿيڻ تي کائينديون آهن اهڙيون ماڪوڙيون کنڀين جو ٻج پوکڻ کان اڳ وڻن جي پنن کي ڪپي سنهو چورو ڪري ان ۾ پنهنجو گند ملائي ڀاڻ تيار ڪنديون آهن. اهڙي طرح آمريڪا جون ڪي ماڪوڙيون کاڌي لاءِ گاھه پوکينديون آهن. عجب جي ڳالهھ آهي ته اهڙيون به ماڪوڙيون آهن جيڪي جيت به  پالينديون آهن. اهي جيت گلن مان مٺو رس چوسي آڻيندا آهن پوءِ جيئن انسان, ڍڳين مينهن مان  کير ڏهندا آهن. تيئن هي ماڪوڙيون جيتن مان رس حاصل ڪنديون آهن. 

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *