تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

“مان ساهه نه ٿو کڻي سگهان” آمريڪا ڪاري گوري ۾ ڦاٿل

آمريڪا جي شهر مينياپولس سميت ڪيترن ئي هنڌن تي هڪ وڊيو ڪلپ جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ڪاوڙ ڀڙڪي پئي آهي. هن وڊيو ڪلپ ۾ هڪ گوري رنگ جو پوليس آفيسر هڪ هٿين خالي جارج فلوئيڊ نالي ڪاري رنگ جي شخص جي نڙيءَ تي گوڏا کوڙيندي نظر اچي ٿو. اهڙي واقعي جي ڪجهه منٽن کانپوءِ 46 سالن جي جارج فلوئيڊ جو موت ٿي وڃي ٿو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جارج ۽ ان جي ڀرپاسي موجود ماڻهو پوليس آفيسر کي کيس ڇڏڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن جارج مرڻ کان اڳ پوليس آفيسر جي گوڏي هيٺان وري وري چوي ٿو ته “پليز آءِ ڪانٽ بريٿ.” يعنيٰ مان ساهه نه پيو کڻي سگهان. پوليس آفيسر ڊيريڪ چاون کي جارج جي ڳچيءَ تي گوڏا رکندي ڏٺو ويو آهي ۽ کيس ان جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن وڊيو جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ گهڻا ئي ماڻهو صدمي ۾ آهن ۽ ڪاوڙيل آهن جڏهن ته مني سوٽا شهر سميت آمريڪا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن نيشنل ايسوسي ايشن فار ايڊوانسمينٽ آف ڪلرڊ پيپل نالي تنظيم هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي “سندن اعمالن اسان جي معاشري ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن خلاف هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪيو ويو آهي جيڪو نسلي فرق، زينو فوبيا ۽ تعصب تي ٻڌل آهي. ان بيان ۾ چيو ويو آهي ته “اسان هاڻي مرڻ نٿا چاهيون” اهڙي واقعي کانپوءِ آمريڪا ۾ نسلي تشدد جي تاريخ تي بحث ٿيڻ لڳو آهي. پوليس جي ختم نه ٿيندڙ ظلم واري سلسلي خلاف ماڻهن جي ڪاوڙ وڌي رهي آهي. پوليس ذريعي ٿيندڙ تشدد جي واقعن جي نگراني ڪندڙ هڪ ويب سائيٽ “ميپنگ پوليس وائلنس ڊاٽ او آر جي” موجب : “2013ع کان 2019ع وچ ۾ ٿيل 99 سيڪڙو قتل ۾ آفيسرن خلاف ڪو الزام لاڳو ناهي ڪيو ويو”
صدر ڊونلڊ ٽرمپ جارج فلوئيڊ جي ڪٽنب جي “دل جي گهرائين سان تعزيت” ڪئي آهي. پر ان جي هڪ تبصري سبب مٿس تنقيد ٿي رهي آهي. هن لکيو ته “جڏهن ڦرلٽ شروع ٿئي ٿي ته پوءِ شوٽ (گولي هڻڻ) به شروع ٿئي ٿو” بهرحال ان کانپوءِ هن ان جي وضاحت به ڪئي. ان کان اڳ اهڙي ريت ڪيترن ئي ڪاري نسل جي ماڻهن حياتيون وڃايون آهن. ان کان اڳ 23 فيبروري تي مبينا طور تي هٿياربند گوري رنگ جي ماڻهن 25 ورهين جي احمد آربيري جو پيڇو ڪيو ۽ ان کي گولي هڻي ماري ڇڏيو. اهڙي ريت 13 مارچ تي بريونا ٽيلر کي ان وقت ماريو ويو جڏهن سندس گهر هڪ ڀوري نسل جي پوليس آفيسر مبينا طور تي ڇاپو هنيو. مينيا پولس جي ميئر جيڪب فراءِ هڪ ٽويٽ ۾ چيو آهي ته “آمريڪا ۾ ڪاري رنگ واري برادري سان واسطو رکڻ جو مطلب موت جي سزا نه هجڻ گهرجي” سوشل ميڊيا تي “بليڪ لائيوز ميٽر” ۽ “جسٽس فار جارج فلوئيڊ” جهڙا هيش ٽيگز به ٽرينڊ ڪري رهيا آهن. روڊن تي مظاهرا ڪندڙن لاءِ جارج فلوئيڊ جا آخري لفظ “مان ساهه نه پيو کڻي سگهان” هڪ متاثر ڪندڙ نعرو بڻجي ويو آهي.
پراڻا واقعا
اڳوڻي صدر ۽ پهرئين ڪاري نسل جي آمريڪي صدر براڪ اوباما پنهنجي بيان ۾ هڪ وچولي عمر جي آفريقي-آمريڪي واپاري جي بيان کي ڪاپي ڪندي لکيو ته “دوست، مان اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مني سوٽا ۾ جارج فلوئيڊ سان پيش ايندڙ واقعي تڪليف پهچائي آهي. مان اها وڊيو ڏٺي ۽ روئي پيس. هن وڊيو مون کي هڪ طرح ٽوڙي ڇڏيو آهي.” اوباما چيو: 2020ع جي آمريڪا ۾ اهو معمول نه هجڻ گهرجي. اهي ڪنهن به صورت ۾ معمول نٿو ٿي سگهي.” هن واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي معاشري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين ۾ نسلي فرق جي پاڙن بابت بحث کي جنم ڏنو آهي، جنهن تحت پوليس جي طرز عمل، وفاقي حڪومت جي ڪردار ۽ فوجداري ڪيسن جي نظام تي بحث جاري آهي. هي واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا سبب هڪ لک کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ چار ڪروڙ ماڻهن جي ملازمت ختم ٿي وئي آهي ۽ ان سماج جي اقليتي برادري ۽ خاص طور ڪاري نسل جي ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. آمريڪا ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان پوليس هٿان ماڻهو مارجڻ وڏو مسئلو رهيو آهي. هن مخصوص طبقي جي ماڻهن خلاف پوليس جي ظلم کي چيلينج ڪرڻ لاءِ 1966ع ۾ آڪلينڊ ۾ بليڪ پينٿر پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو هو. مائيڪل برائون جي قتل ۽ “بليڪ لائيوز ميٽر” جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ هن مهم ۾ تيزي سان واڌ ٿي. هن احتجاجي تحريڪ جو مقصد “گوري نسل جي بالادستي جو خاتمو ۽ ڪاري نسل جي ماڻهن جي برادري خلاف تشدد جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻو هو” 2014ع ۾ هڪ ڀوري نسل جي پوليس آفيسر فرگوسن ۾ 18 سالن جي هٿئين خالي مائيڪل برائون کي گولي هنئي هئي. ان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي مظاهرا ٿيا هئا. مرندڙن جي هن لسٽ ۾ جيمار ڪلارڪ، جيريمي ميڪڊول. وليم چيپمين دوم، والٽر اسڪاٽ سميت ڪيترائي نالا شامل آهن.
پريشان ڪندڙ انگ اکر
جنوري 2015ع ۾ واشنگٽن پوسٽ پوليس فائرنگ جو هڪ ڊيٽا بيس ٺاهڻ شروع ڪيو. هن ڊيٽا بيس ۾ هيل تائين چار هزار 400 فائرنگ واقعا درج آهن. هن ڊيٽا بيس ذريعي “پوليس هٿان ڪاري نسل جي آمريڪين جي بي دردي سان مارجڻ” جي ڳالهه سامهون آئي آهي. ان موجب “ڪاري نسل جا ماڻهو آمريڪا جي ڪل آبادي جو رڳو 13 سيڪڙو آهن پر جي پوليس جي گولي سان مارجي ويل ماڻهن جي انگن تي نظر وجهون ته اهي سمورين فوتگين جو چوٿون حصو آهن ۽ هٿين خالي ماڻهن جي مارجڻ جي صورت ۾ اهو امتيازي ورتاءُ اڃان وڌيڪ کلي سامهون اچي ٿو ڇو ته ڪاري نسل جا ماڻهو سڀني فوتگين جو ٽيون حصو هجن ٿا.
ڊيٽا بيس ۾ هيٺ ڏنل شيون سامهون آيون:
هڪ هٿئين خالي ڪاري نسل جي شخص جو پوليس هٿان هٿئين خالي اڇي نسل جي شخص جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا وڌيڪ مارجڻ جو امڪان آهي.
پوليس جي گولي سان مرندڙ گهڻو ڪري مرد آهن. انهن مان اڌ جي عمر 20 کان 40 سالن وچ ۾ آهي.
2015ع کان هيل تائين پوليس جي فائرنگ سان تقريبن 3 ماڻهو روزانو مارجن ٿا.
ميپنگ پوليس وائلنس نالي سائيٽ موجب “پوليس رڳو 2019ع ۾ هڪ هزار 99 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو.”
ويب سائيٽ تي موجود انگن اکرن موجب : “ملڪ جي ڪل آبادي جو 13 سيڪڙو هجڻ باوجود مرندڙ 24 سيڪڙو ماڻهو ڪاري نسل جا هئا. 2019ع ۾ رڳو 27 ڏينهن اهڙا هئا جڏهن پوليس ڪنهن کي نه ماريو هو”
زميني حقيقت
بالٽيمور پوليس ڊپارٽمينٽ بابت انصاف کاتي جي 2016ع جي هڪ رپورٽ زميني سطح تي وڏي پئماني تي نسلي فرق کي وائکو ڪري ٿي. “آفريقي آمريڪين خلاف اميازي سلوڪ” جي عنوان سان هن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته “بالٽيمور پوليس ڊپارٽمينٽ غير متناسب طور تي آفريقي آمريڪين کي روڊ جي ڪناري هلڻ کان روڪي ٿي”“ “هڪ وچولي عمر جي آفريقي ڄائي آمريڪي شخص کي چئن سالن ۾ تقريبن 30 ڀيرا روڪيو ويو هو. وري وري روڪڻ باوجود ڪڏهن به 30 ڀيرا روڪڻ جو ذڪر نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ان تي ڪو ڏوهي ڪيس داخل ڪيو ويو. “روڊن تي گشت ڪندي بالٽيمور پوليس ڊيپارٽمينٽ غير متناسب طور تي آفريقي ڄائي آمريڪين کي روڪي ٿو. بالٽيمور پوليس ڊيپارٽمينٽ ۾ جن تي ڪيس درج ڪيا وڃن ٿا انهن مان 86 سيڪڙو ماڻهو آفريقي ڄاوا آمريڪي آهن. جيتوڻيڪ هو بالٽيمور جي ڪل آبادي جو رڳو 63 سيڪڙو آهن.” ڪاري نسل جي شهرين سان نسلي بنياد تي امتيازي سلوڪ کانسواءِ پوليس هٿان قتل جي ڪارڻن ۾ وڌيڪ عسڪريت پسندي، شفافيت جو فقدان ۽ احتساب جو فقدان وغيره شامل آهن. 2016ع جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ست لک هڪ هزار ڪل وقتي پوليس آفيسرن مان 71 سيڪڙو ڀوري نسل جا هئا جڏهن ته 27 سيڪڙو آفيسر ٻيا هئا ان کان اڳ 2017ع ۾ ٿيل هڪ تحقيق کي سمجهڻ ۾ ڪهڙي ريت مدد ملي ٿي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس آفيسر ڪاري نسل جي ماڻهن کان وڌيڪ گورن جو احترام ڪن ٿا. هڪ ٻي تحقيق موجب 2016ع ۾ ڪاري نسل ۽ ڀوري نسل جا آمريڪي هڪ ئي شرح سان منشيات جي وڪري ۽ استعمال ۾ ملوث آهن پر ڪاري نسل جي ماڻهن کي اهڙي طرح جي معاملن ۾ گرفتار ڪرڻ جو امڪان 2 ڏهائي 7 ڀيرا وڌيڪ آهي. جڏهن ته گهڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته پوليس جي زيادتي جي معاملن جو نسلي امتياز سان ڪو واسطو ناهي. اهڙا ماڻهو ڊينيئل شيور جي مثال ڏين ٿا جنهن کي هڪ پوليس آفيسر 2016ع ۾ قتل ڪيو هو.
ليکڪ ريڊلي بالڪو واشنگٽن پوسٽ ۾ لکيو: “جڏهن ڀوري نسل وارا ڪنهن ڀوري نسل واري خلاف پوليس تشدد واري وڊيو ڏسن ٿا ته ان تي اسان کي ڪاوڙ اچي ٿي اسان اداس ۽ بي چين ٿي وڃون ٿا پر اسان مان گهڻو ڪري ماڻهو پاڻ کي هن ڀوري نسل واري جي جاءِ تي نٿا ڏسن. ” اسان محسوس ڪريون ٿا ته جيڪڏهن اسان سنجيده ۽ باوقار ٿينداسين ته ان ڳالهه جو گهٽ امڪان آهي ته اسان پوليس سان جهڙپ ۾ شامل هجون. ۽ ان ڳالهه جو گهٽ امڪان آهي ته اسان جي حالت ڊينيئل شيور جهڙي هجي. پر جڏهن ڪو ڪاري نسل جو شخص ڪا وڊيو ڏسي ٿو جنهن ۾ ڊيريڪ چاون جهڙو آفيسر جارج فلوئيڊ جي ڳچيءَ تي گوڏو رکي بيٺل آهي ته هو سمجهي ٿو ته فلوئيڊ جي جاءِ تي هو ٿي سگهي ٿو يا ان جو پٽ، ڀاءُ يا دوست ٿي سگهي ٿو. آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان صدارتي چونڊ جي ڊوڙ ۾ امڪاني اميدوار لاءِ جوبائيڊن جي حمايت ڪاري نسل جي ماڻهن جي ووٽن سان ٿي آهي۽ صدارتي چونڊن جي ويجهو اچڻ سان ئي پوليس تشدد جو اهو معاملو چونڊ مهم جي اهم مسئلن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي.(بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان)

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *