تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ماسڪ سان ڪچھري … نجيد انجم لغاري

جڏھن به ڪنھن مريض جو آپريشن ٿيندو ھو ته صرف ڊاڪٽر ماسڪ پائي آپريشن ڪندا ھئا پر ڪورونا اچڻ کان پوءِ ھر ماڻھو جي چھري لاءِ ماسڪ ضروري ٿي پيو هو ائين منھنجو قدر آسمان کي ڇهي رھيو هو ڪورونا وائرس ته منھنجي قسمت ئي چمڪائي ڇڏي هئي 10 رپين وارو ماسڪ ماڻھن کي 100 ۾ به وڏي مشڪل سان پئي مليو ھر ماڻھو کي ماسڪ جي ڏاڍي ضرورت ٿي پئي هئي ماسڪ پائڻ ھر ڪنھن جي مجبوري هئي ۽ ماسڪ جي قيمت به چوٽ چڙهيل هئي شروع ۾ ته وڏي جفاڪشي سان خريد ڪندا ھئا بليڪ تي به ماسڪ وڪرو ٿيڻ لڳا ھئا ۽ اھو تاريخ ۾ پھرين ڀيري ائين ٿيو ھو اڳ ته صرف ڊاڪٽرن تائين محدود ھئس بھرحال چين جي شھر ووھان ۾ جڏھن ،2019 جي آخر ۾ ڪورونا جو ڪيس ظاهر ٿيو ته اتي جي ماڻھن ۾ خوف ڇائنجي ويو ۽ انھن منھنجي ڏاڍي عزت ڪئي ماسڪ پائڻ سبب انھن جي چھرن تي نشان ٿي ويا ھئا پوءِ به انھن ماسڪ نه پئي لاٿو..ڪورونا وائرس تيزي سان چين سميت پوري دنيا ۾ ڦهلجي ويو،
ڪورونا سنڌ جي وڏي شھر ڪراچي ۾ داخل ٿيو، شروع ۾ ته ماڻھن مونکي ٿوري گهڻي عزت ڏي ھئي پر گرمي ايندي ئي سڀني ماسڪ لاھي ڦٽا ڪيا ڪورونا وائرس ائين پوري پاڪستان ۾ ڦھلجي ويو ماسڪ ته سڀني لاءِ ضروري ٿي پيو ھو پر پاڪستان جي غريب عوام منھنجي وڏي رقم ڀرڻ کان بچڻ پئي چاھيو ۽ نه وري ڪورونا کي سنجيده ورتو، ووھان ۾ منھنجي ڏاڍي عزت ھئي نيٺ چين لاڪ ڊائون کي سخت ڪري ايس او پيز عام ڪري ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي..پاڪستان اڃان تائين ڪورونا کي منهن پيو ڏي،گرمي اچڻ سان ماسڪ وري ڪنھن نه پاتو اگر ڪنھن پاتو پئي ته ماڻھن ان تي شڪ پئي ڪيو ته اھڙي گرمي ۾ ماسڪ پايو پيو ھلي پڪ ڪورونا ھوندس،گرمي جي ڪري ڪنھن به مونکي برداشت نه پئي ڪيو لاھي پئي اڇلايائون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *