تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

مارڪس سياستدان، عالم ۽ انسان …ويلهم لينبخت / طفيل مگسي

مارڪس سياست کي ب سائنس سمجهندو هئو ۽ هو اعلي طبقي جي سياست کان نفرت ڪندو هو.ڇا ان کان ب وڌيڪ ڪا ٻي شيء ٿي سگهي ٿي؟
تاريخ انسان ۽ قدرت ۾ سرگرم.سڀني قوتن .انساني فڪرن.انساني جذبن ۽ انساني ضرورتن جي پيداوار آھي.جڏھن ت سياست نظريي جي حد تائين انهن لکين ڪروڙين عوامل جو علم هجي جيڪي“وقت جي چرخي تي سلجهايا وڃن“  ۽ عمل جي دنيا ۾ ان علم جو بنياد سرگرمي تي آھي. ان ڪري سياست هڪ سائنس آھي يعني اپلائيڊ سائنس.
مارڪس جي ڪاوڙ ان وقت ڏسڻ جي قابل هوندي هئي .جڏھن هو انهن خالي ذھن ماڻھن تي ڏمرجي پوندو هو.جيڪي سمجهندا هئا ت هو چند ڪاوشن   جي مدد سان شين جي ردوبدل ڪري سگهن ٿا ۽ سرڪاري آفيسن.اخبارن عوامي جلسن يا پارليامينٽ جي مدد سانن دنيا جي مقدر جو فيصلو ڪري سگهن ٿا.اهڙا ماڻھو پنهنجين خواهشن ۽ پسند کي حقيقتون بڻائي ڪري پيش ڪن ٿا.اهو زمانو هئو جڏھن اهڙن“خالي دماغ“ ماڻھن کي نهايت“عظيم ۽ مدبر“مڃيو ويندو هو.
ان مسئلي تي مارڪس نه صرف اهڙن ماڻھن تي تنقيد ڪئي بلڪ عملي طور تي مثال ب پيش ڪيو.فزانس جا واقعا.نپولين جي بغاوت تي مضمون ۽ نيويارڪ ڊيلي ٽريبون جي لاء پنهنجي سياسي تاريخ نويسي کي ڪلاسيڪل انداز جي طور تي پيش ڪيو آھي.
هتي مان هڪ سرسري جائزو وٺڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهان.نپولين جي بغاوت جو مارڪس “اوين  برومائر“ ۾ تفصيلي جائزو ورتو آھي.جڏھن ت ان موضوع تي عظيم فرانسيسي رومانوي ناول نگار وڪٽر هيڪو ب لکڻ جي ڪوشش ڪئي.وڪٽر هيگو پنهنجي خوبصورت لکڻي ۽ سڻائين   ٻولي جي حيثيت ۾ ڪافي مشھور آھي ۽ ان ڪتاب کان هن کي خوب شھريت ملي. مگر انهن ٻنهي ڪتابن جو ٽڪراء چٽو آھي.ناول ۾ حقيقتن سان ڪو واسطو ناهي ۽ اهو لفظي ٻٽاڪ آھي.جڏھن ت مارڪس هڪ منصوبي سان حيقتون پيش ڪيون آھن.يعني حقيقتن جو هڪ سائنسدان جي حيثيت سان تجزيو ڪيو آھي.هڪ بيباڪ سياستدانن جيان انهن کي توريو آھي.مگر سياستدان جي بيباڪي نتيجن تي اثر انداز نٿي ٿيئي.
ناول جو بيان ڪرڻ وارو انداز پيارو.ٻٽاڪي ۽ خيالي ڪردارن جو مجموعو آھي.جڏھن ت مارڪس جي لکڻي  سخت الزامن تي مشتمل آھي ۽ ھر الزام جي حق ۾ ٺوس دليل پيش ڪيا ويا آھن.مطلب ت حقيقت کي مختصر ۽ چٽن لفظن ۾ عالم آشڪار ڪيو ويو آھي.وڪٽر هيگو جي ناول نپولين جا هڪ ٻئي پٺيان ايڊيشن ڇپيا.مگر اڄ کيس کي تمام گهٽ سڃاتو وڃي ٿو.جڏھن ت مارڪس جي18.وين برومائير کي اچڻ وارن هزارن سالن تائين عقيدت سان گڏ پڙھيو ويندو.
مان اڳ ب چئي چڪو آھيان ت مارڪس اهوئي آھي جيڪو انگلينڊ جي حالتن ۾ انهن کي ٺاھڻ چاهيندو هو.موجوده صدي جي وچ تائين معاشي لحاظ کان جرمني جيترو پٺتي پيل ۽ غير ترقي يافتا هو.ان ۾ مارڪس جي لاء بورزوا اقتصاديات جو تنقيدي جائزو پيش ڪرڻ  ۽ ان جي پيداواري عمل جو تجزيو ڪرڻ ايترو ئي ممڪن نه هو.جيترو پٺتي پيل جرمني جي لاء اقتصادي طور تي ترقي يافتا انگلينڊ جي سياسي ادارن جو… مارڪس ب پنهنجي آس پاس جي واقعن حالتن کان انهيء ريت متاثر ٿيو.جيئن ڪنهن ماڻھو کي ٿيڻ کپي.انهن حالتن کان بنا هو اهڙو بڻجي ئي نٿي سگهيو جيئن هو بڻيو.ان ڳالھ کي مارڪس جيتري سهڻي ڍنگ سان ثابت ڪيو آھي ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو.
اهڙين متاثر ڪندڙ حالتن سان  سماج جي نموني تي ڳوڙھا اثر مرتب ڪرڻ وارن واقعن جو جائزو وٺي ڪري انهن جو تجزيو ڪرڻ بذات پاڻ ھڪ  ذھني تفريح هئي.مون جهڙي الهڙ علم جي ڳولائو نوجوان کي مارڪس جهڙو استاد ۽ اڳواڻ ملڻ .هڪ اهڙي خوش بختي آھي .جنهن جي اهميت جو مڪمل اندازو مان پاڻ ب سڄي عمر نه ڪري سگهندس.انجي اثرن ۽ تعليم کان مون کي جيڪو فائدو آھي.ان جي مان ڪهڙي تعريف ڪريان.
ان جي ذھن جي ڪشادگي کي ڏسندي مان اهو ڇئي سگهان ٿو ت ان جو ذھن دنيا جي هر عمل جو غور سان جائزو وٺندو هو.هو ڪنهن ب شيء کي گهٽ يا غير اهم نه سمجهندو هو.هر مشاهدي جي معمولي وضاحت جي ڄاڻ حاصل ڪندو هو.
مارڪس اهو پهريون شخص هو جنهن ڊارون جي تحقيق کي سمجهيو.هن 1859ع کان جنهن سال انسان جي ارتقا جي باري ۾ ڪتاب ڇپيو ۽ اتفاق سان انهيء سال مارڪس جو ڪتاب سياسي معاشيات جو تنقيدي جائزو ب ڇپيو.جنهن وقت ڊارون پنهنجي شھر کان ڏور رهائش گاه تي هڪ هڪ انقلاب جون تياريون ڪري رهيو هو.انهيء وقت مارڪس پاڻ کي دنيا جي سرگرمين واري مرڪز ۾ ويٺو هڪ اهڙي ئي انقلاب جي لاء ڪم ڪري رهيو هو.فرق صرف ايترو هيو ت ٻنهي جو موضوع الڳ الڳ هو مگر تحقيق جي خاصيت هڪ جهڙي هئي.
مارڪس علم. جي سڀني شين ۾ ٿيندڙ تبديلين تي ڳوڙھي نظر رکندو هو.هو فزڪس ڪيمسٽري سميت سائنسي تحقيقات تي خاص ڌيان ڏيندو هو.تاررخ تي هن جي گهري نظر هئي.مالسخوف.لائي ۽ ھڪلس( مالسخوف جيڪب 1822-1893ڊچ لينڊ ۾ جنم وٺڻ وارو فزيولوجسٽ اڻپورو ماديت پرست.لائي بگ جي1803-1872ع.ممتاز جرمن سائنسدان زرعي علم ڪيميا جي بانين منجهان هڪ هو.مس هنري هڪلس1825-1895ع انگريز سائنسدان ڊارون جو ويجهو ساٿي ۽ سندس نظرين جو پيروڪار) جا نانء اسان جي محفلن ۾ ائين ئي ورتا ويندا هئا جيئن(ڊيوڊر ڪارڊو 1772-1823ع  ۽آدم سمٿ 1723-1790ع انگريز ماهر معاشيات جيڪو ڪلاسيڪي بورزوا سياسي معاشيات جو عظيم نمائندو هو.ملڪ ڪولوچ1789-1864ع انگريز بورزوا ماهر معاشيات.جديد بورزوا لاڙي جو نمائندو هو) ۽ ٻين اسڪاٽ لينڊ ۽ اٽلي جي معاشي ماهرن جا.اسان انهن سائنسدانن جي عام فاعدي جي لاء ڪيل ليڪڇرن ۾شريڪ ٿيندا هئاسين.جڏھن ڊارون پنهنجي تحقيقات جا تاريخي نتيجا دنيا جي سامهون پيش ڪيا ت مهينن تائين اسان ڊارون جي عظدم تحقيقات ۽ ان جي اهميت تي ئي بحث ڪندا رهياسين.کانسواء اسان وٽ ڪو ٻيو موضوع ئي نه هو.
مارڪس جهڙي طرح ۽ جنهن انداز سان ٻين جي تحقيقن ۽ ڪاوشن کي تسليم ڪيو ۽ انهن ليکڪن کي جيڪو مقام ڏاريو سڀ انهيء جا احسان آھن.ڪنهن سان ساڙ ڪرڻ يا سڙڻ جو ڪو سوال ئي نه هو.مارڪس انهن سڀني کان نهايت مٿانهون هو.
مان اڄ تائين جيترن وڏن ننڍن ۽ عام ماڻھن سان مليو آھيان .جنهن ۾ ڪجه اهڙا هئا جن ۾ مارڪس ب شامل آھي.انهن کي مون معتبر ڏٺو.مارڪس جهڙو سچو ۽ سڌو ماڻھو ڪوب نٿو ٿي سگهي.هو سچائي جو علمبردار هو.ان تي صرف هڪ نظر وجهي ڪري اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ت اوهان ڪهڙي ماڻھو سان لاڳاپيل آھيو.اسان جو“مذھب“سماج ۾ جيڪو سدائين جنگ واري حالت ۾ رهيو آھي.سدائين سچ ڳالهائڻ ممڪن ئي ناهي.جيڪڏھن اوهان ائين ڪيو ت خطرو آھي ت توهان دشمن جي هٿن ۾ کيڏي وڃو. يا پوء جيل وڃڻ جي لاء تيار ٿيو.ٿي سگهي ٿو ت اها ڳالھ درست هجي ت هر وقت سچ نٿو ڳالهائي سگهجي مگر ان سان گڏ ھي ب درست آھي ت اهڙن موقعن تي ڪوڙ ڳالهائڻ ب ضروري ناهي
مارڪس انهن ماڻھن کي پسند نه ڪندو هو جيڪي سندس سامهو اداڪاري ڪن.مون کي ياد آھي ت هن لوئي بلانڪ( لوئي بلانڪ 1811-1882ع فرانس جو پتي بورزوا سوشلسٽ جيڪو 1848ع جي انقلاب وقت عارضي سرڪاري ميمبر هو) سان پنهنجي پهرين ملاقات جي باري ۾ ٻڌائيندي ڪيڏا ٽھڪ ڏنا هئا.لوئي بلانڪ جڏھن پهريون ڀيرو ملڻ آيو ت مارڪس ڊين اسٽريٽ واري گهر ۾ رهائش پذير هو.ان گهر ۾ ٻ ڪمرا هئا.جنهن مان سامهون وارو ڪمرو رسپشن ۽ اسٽڊي جي طور تي استعمال ٿيندو هو. ۽ پوئيون ڪمرو هر مقصد جي لاءِ… لوئي بلانڪ لنچن کي پنهنجو ڪارڊ ڏنو ته هن ان کي سامهون وارو ڪمرو ٻڌايو. ان وقت مارڪس پوئين ڪمري ۾ تيزي سان ڪپڙا مٽي رهيو هو. ٻنهي ڪمرن جي وچ ۾ دروازو ٿورو کليل هو.دروازي جي سير کان مارڪس هڪ دلچسپ منظر ڏٺو.اهو عظيم“مورخ“ ۽ “ بندري قد جو هو.نيٺ هن جي ملاقات مارڪس سان ٿي پر هن مارڪس جي سامهون وڏي اداڪاري ڪئي پر هن جي مارڪس جي اڳيان دال نه ڳري ۽ ھن مجبورن پنهنجو رويو تبديل ڪيو.حالانڪ ان ۾ کيس کي ڏاڍي مشڪلات ڏسڻي پئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *