تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ماحول دوست سستو آسان غريب نواز سولر انرجي سسٽم … منظور ھاليپوٽو

دنيا ۾ توانائي پيدا ڪرڻ جا کوڙ سارا طريقا موجود آھن ۽ اڃان وڌيڪ توانائي پيدا ڪرڻ جي طريقن تي تحقيق ھلي پئي، دنيا آٽوانجنيئرنگ تي تيزي سان تحقيق ڪري رھي آھي خاص ڪري ھر چرپر ڪندڙ شيءَ مان توانائي پيدا ڪرڻ ايتري قدر پکن جي ھوا کي ضايع ڪرڻ بدران پکن اڳيان ننڍڙا ونڊ موٽر ھڻي توڙي ڦرندڙ مشينن ۾ ننڍڙا ڊينامور ھڻي ۽ گاڏين جي رفتار مان پيدا ٿيندڙ ھوا مان توانائي ٺھڻ تي ڪم ٿي رھيو آھي. موجود وقت ۾ ميگنيٽڪ جنريٽر وسيلي ھوا جي وسيلي جيڪا ميگنيٽڪ سان ملندڙ جلندڙ آھي پر ميگنيٽڪ جي مقابلي ۾ سئو سيڪڙو ماحول دوست ۽ سستي آھي ۽ آسان لفظن ۾ بايو گيس ڇيڻن وسيلي، ڪوئلي مان بجلي پاڻي جي وھڪرن وسيلي اھي سڀ ذريعا مڪمل مرحلن مان گذري خرچ سان توانائي پيدا ٿئي ٿي اتي ڪافي حد تائين ماحول کي نقصان پھچائن ٿا ۽ ڪافي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون پاڻي ۽ ھوا جي گھٽجي وڃڻ بجلي جي پئدائش ۾ ڪمي اچي ٿي پاڻي تي ٺھندڙ بجلي ڪنھن حد تائين پاڻي جو نقصان ٿئي ٿو پاڻي جي وھڪري توڙي ھوا جي ذريعي ڊينامور ۾ ڪرنٽ پيدا ڪرڻ ماحول ۾ غيرفطري آواز داخل ٿيڻ چرپر ڪندڙ مشين کي گريس وغيرھه جو استعمال ۽ ان جي فوٽ پرنٽ کي ڏسبو ته سئو سيڪڙو ماحول دوست ناھي سواءِ سولر سسٽم جي.سولر سسٽم سڌو سنئون اس مان انجنيئرنگ جي ماپي مطابق ٻارھن والٽ بجلي پيدا ڪري ٿو جنھن ۾ سواءِ مخصوص ڌاتو جي ٺھيل پليٽ کان سواءِ ٻي ڪنھن بـ مشينري جي ضرورت نـ پوندي آھي ھڪ دفعو سولر پليٽ لڳائڻ سان ساري عمر بجلي پيدا ڪرڻ لا ڪافي ھوندو آھي ھن سولر سسٽم 220والٽ بجلي جي مقابلي ۾ تمام محفوظ ترين سسٽم پڻ آھي ھن جو ڪرنٽ جاندار لا نقصانڪار نـ آھي ڪرنٽ لڳڻ ۾ موت جي شرح ٻڙي آھي پاڪستان ۾ سولر گرڊ اچڻ سان پکين جي موت ۾ ڪافي حد تائين پڻ گھٽتائي اچي ويندي، پئسي جي بچت پڻ آھي جڏھه سولر سسٽم بنسبت ٻئي سسٽم جي عام ماڻھو جي پھچ سولو ۽ سستو آھي عام ماڻھو ھڪ پليٽ وٺي ٻـ پکا ننڍڙي بيٽري وٺي گھر ۾ سڪون سان زندگي گذاري سگھي ٿو نـ لوڊ شيڊنگ نـ بل!!
سولر انرجي سسٽم کي نقصان جا انديشا:
دنيا ۾ ڪو اھڙو ڪم جنھن ۾ نقصان جو انديشو نـ ھجي اھو ناممڪن آھي سولر سسٽم کي ڪجھه نقصان جا انديشا آھن مثال عام گھرن ۾ ٻـ چار سولر پليٽون تي مضبوط طريقي سان ٻڌڻ گھرجن تن جيئن تيزطوفان ۾ اڏامي نـ وڃن اڏامي وڃڻ سان صرف ٽٽڻ جو نقصان سان گڏ مالي جاني نقصان جو پڻ خطرو آھي ان لا طوفاني موسم ۾ ڇتين تي وڃي پليٽون چيڪ ڪرڻ گھرن اسٽينڊ لڳل پليٽن جا نٽ بولٽ چيڪ ڪرڻ گھرجن‚ بارش ۾ ڳڙي جي صورت ۾ اڪٽر پليٽون ٽٽي پونديون آھن جنھن ڪري ڪافي مالي نقصان ٿيندو آھي ان لا مينھن جي موسم ۾ خاص ٺھيل لوھ واري ڄاري جي چادر پليٽن مٿان ڏيڻ گھرجي تـ جيئن ڳڙي جي صورت ۾ پليٽون ڀڄڻ کان ڀچي پون، ڄاري واري چادر مان اس نڪرڻ سان ڪنھن حد تاظ ڪرڻا پليٽن تائين پھچي بجلي ٺاھي سگھندا جيسين موسم صاف ٿئي تيسين چادر جو پليٽن مٿان ھجڻ فائديمند آھي.
بيٽرين مان نقصان جا انديشا ۽ حل:
پليٽن مان بجلي پيدا ٿي بيٽرين ۾ جمع ڪئي ويندي آھي ھر ھڪ بيٽري جي پنھنجي گنجائش ھوندي آھي ان لا ڪنٽولر کانسواءِ بيٽري استعمال ڪرڻ خطري کان خالي ناھي سياري جي موسم ۾ بجلي جي گھٽ استعمال سبب بنا ڪنٽرولر جي بيٽري ۾ گنجائش کان وڌيڪ بجلي ڀرڻ سبب بيٽري ڦاٽڻ جا امڪان موجود ھوندا آھن تيزاب جو پاڻي اکين ۾ لڳڻ ڪري ھميشه لا اکين جي روشني ھميشه لا ختم ٿي سگھي ٿي جيڪڏهن ڪنٽرولر موجود آھي تـ يقين ڪريو اوھان محفوظ آھيو ۽ ڪنٽرولر جي ھوندي بيٽري جا ڍڪڻ ڪجهھ ڍرا رکجن اگر اتفاقن ڪنٽولر ڪم نـ بـ ڪري پوءِ به آھستي آھستي ان مان گئس خارج ٿي ويندي بيٽري ڦاٽڻ کان بچي ويندي نوانوي سيڪڙو ڪنٽولر ۾ خراب ٿيڻ جا امڪان گھٽ ھوندا آھن.
بيثرين کي ڊگھي عرصي تائين ڪيئن هلائجي؟
مارڪيٽ ۾ مختلف قسمن جي براند جون پيٽريون موجود آھن ان مان مشھور معروف يا آزمايل بيٽري وٺڻ گھرجي ڪڏھن بـ پنج سئو ھزار جي چڪر ۾ گھٽ قيمت واري بيٽري نـ وٺڻ گھرجي لوڊ مطابق بيٽري وٺجي لوڊ کان وڌيڪ بيٽري پيسي جو ذيان آھي سٺي برانڊ واري بيٽري مان ٻـ سال کان اڍائي سال وقت ڪڍي سگھجي ٿو ڇو تـ بيٽري جي گھٽ ۾ گھٽ گارنٽي ھڪ سال ھوندي آھي بيٽري تي لکيل ھدايتن تي عمل ڪجي بيٽري کي اھڙي جڳھه تي رکجي جيئن آرام سان ان جو پاڻي چيڪ ڪري وجھي سگھجي ٽي فٽ سطح لڳل بيٽري گھڻو وقت ھلنديون آھن ڇاڪاڻ تـ ان جو پاڻي ڏسڻ ۽ وجھڻ آسان ھوندو آھي چار فٽ مٿي لڳل بيٽرين جو اڪثر پاڻي چيڪ ڪرڻ ۾ ڏکيائي جي ڪري پاڻي چيڪ ڪرڻ کي نظر انداز ڪرڻ سبب بيٽري ڪمزور ۽ ختم ٿي ويندي آھي ان لا بيٽري کي ھيٺ سطح تي رکڻ ۽ ھيٺان کان ڪاٺ جو تختو يا ٿلھو پاٺو ڏيڻ گھرجي ته جيئن سيمنٽ يا زمين کي بيٽري نـ لڳڻ گھرجي ائين ڪرڻ سان بيٽري جو ڪرنٽ ختم ٿي ويندو آھي.جڏھن تـ بنا پاڻي واري بيٽري واري ڪنھن حد تائين گھڻو عرصو ھلي ٿي پر ان ۾ وڌيڪ چارج ٿيڻ ڪري سڄي وڃڻ سبب پاڻي واري بيٽري جي مقابلي ۾ خشڪ بيٽري جو رپيئر تمام مشڪل ھوندو آھي جڏھن ته خشڪ بيٽري مھانگي پڻ پوندي آھي.
سولر پليٽ جوبجلي پئدا ڪرڻ ۾ مسئلا ۽ حل:
جھڙ جي وقت ۾ گھٽ بجلي پيدا ڪرڻ فطري عمل آھي منھنجي تجربي مطابق جيسين گھاٽا ڪڪر نـ ٿا ٺھن يا صفا تيز بارش نـ ٿي ٿئي تيسين سولر چاليھه سيڪڙو ڪم ڪندو رھي ٿو ان صورت ۾ مينھن واري موسم ۾ سولر جو گھٽ استعمال ڪجي مثال پکا چار بدران واري واري سان ٻن ۽ ٽن جي اسپيڊ سان ھلائڻ گهرجن، بتين جو گھٽ استعمال ڪجي، فينسي بتين بدران گھٽ بتين واري سادي ايل اي ڊي استعمال ڪرڻ گھرجن. مينھن واري موسم ۾ ڪنٽرولر بدران سڌو سنئون ڪنيڪشن بيٽري ۾ ڏيڻ گھرجي ائين ڪرڻ سان ڪنٽرولر ۾ لڳل فلٽر کان وڌيڪ بجلي بيٽري ۾ داخل ٿي سگھي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *