تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

مائڪرو فڪشن….“ڪرونا وائرس” …دلشاد ڪڇي

ان ڳوٺ جو بداخلاق، ظالم ڀوتار جو گھمنڊ ان وقت مٽي ۾ مليو، جڏهن کيس پراسرار وبا وڪوڙي وئي. ڊاڪٽرن مطابق سندس بيماري خطرناڪ ۽ وچرندڙ آهي، هن مان ٻين کي به وائرس لڳي سگھي ٿو، ان ڪري احتياط ضروري آهي.
ڏينهن رات اوطاق جي حاضري ڀريندڙ، خوشامدي ڪندڙ سندس واٺن به هن وٽ اچ وڃ ڇڏي ڏني. چين ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جو هر طرف هل هو، ڪنهن شرارتي نوجوان پوري ڳوٺ ۾ اها ڳالهه هلائي ته هي ڀوتار شهرن ۾ وڏين هوٽلن تي چائينيز کاڌا کائيندو هو، تنهن مان کيس به اهو ساڳيو “سوئراڻو وائرس” لڳي ويو آهي، ان ڪري ڪير به ڀوتار جي ويجھو نه وڃي، ان ۾ ئي سڄي ڳوٺ جي ڀلائي آهي.
اهي ڳالهه ٻڌي ڳوٺاڻن به اهو پڪو پهه ڪيو ته ڀوتار ڀلي ماري ڇڏي پر سندس بيماري هٿان مرڻ قطعي پسند نه ڪنداسين. هنن سندس اوطاق جي ڀرسان ئي گذرڻ ڇڏي ڏنو ۽ وڃي ٻيا گس ورتائون. ايتري قدر جو هن جا ذاتي ملازم جيڪي سندس خوف کان چري به نه سگھندا هئا، اهي هاڻ سندس بيماري جي خوف کان ڳوٺ ئي ڇڏي ڀڄي ويا.
هاڻي سندس اوطاق ويران آهي. ڀوتار خود ڪنهن وٽ وڃي به نه ٿو سگھي، ڇو جو هن کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ به اهي سڀ سهولتون گهرجن جيڪي سندس بنگلي کانسواءِ ڳوٺ ۾ ٻيو ڪٿي به ناهن، ڳوٺ اندر آساني سان هلي به نٿو سگھجي!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *