تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

مائونٽ بيٽن جي زال ۽ نهرو جو معاشقو …صالح ميمڻ

پاڪ ڀارت جي ورھاڱي کان پوءِ مذھبي بنيادن تي فسادن، لکين انساني جانين جي نقصانن ۽ ھزارين عورتن جي عصمتن جي لٽجڻ جو ذميدار تاريخ نويسن ھندوستان جي آخري وائيسراءِ مائونٽ بيٽن کي قرار ڏين ٿا. برطانيه جي وزير اعظم پاڪ ڀارت تقسيم جي تاريخ جون 1948ع ۾ مقرر ڪئي ھئي، پر مائونٽ بيٽن وائيسراءِ ٿيئڻ کان پوءِ ان فيصلي تي تقريبن ھڪ سال اڳ ئي ۾ فيصلو وٺي ورتو، مائونٽ بيٽن ٻنھي رياستن جو گڏيل گورنر جنرل ٿيئڻ پي چاھيو، جنھن جي قائد اعظم مخالفت ڪئي، ان مخالفت جو بدلو وٺڻ لاءِ مائونٽ بيٽن مسلمانن جي اڪثريت وارن ڪجھه علائيقن کي ڀارت ۾ شامل ڪيو ۽ ڪشمير کي وچ تي ڇڏي ڏنو، ھندوستان جي ورھاڱي کان پوءِ ٻنھي ملڪن ۾ مذھبي بنيادن تي فسادن جو ذميدار مائونٽ بيٽن کي قرار ڏنو ويو آھي، ڇو ته وائيسراءِ جي حيثيت ۾ انھن فسادن کي روڪڻ جي ذميداري به ان جي ھئي ۽ فسادن جو سبب به ھو ئي ھو، مذھبي فسادن جي بنيادن تي ٻنھي ملڪن مان سوا ڪروڙ ماڻھن جي لڏ پلاڻ تاريخ جي سڀ کان وڏي ھجرت چئي وڃي ٿي، جنھن دئوران ھزارين ٻارن ۽ عورتن سميت 20 لک ماڻھو مارجي ويا، 50 ھزار عورتون اغوا ڪيون ويون، جواھر لال نھرو ۽ مائونٽ بيٽن جي زال ايڊونيه وچ ۾ معاشقي وارو تعلق انتھا درجي تائين پھتل ھو، ھو ٻئي ھندوستان ۽ برطانيه ۾ آزادي سان راتيون به گڏ گذاريندا ھئا، وائيسراءِ ھائوس جي سوئيمنگ پول ۾ جڏھن نھرو ۽ ايڊونيه ترڻ جا مزا وٺندا ھئا ته مائونٽ بيٽن تلاءّ جي ڪناري تي ويھي ٻنھي جي مزن مان ڌار مزو وٺندو ھو، اھو تعلق ٻنھي ڌرين کي فائدو رسائي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ مائونٽ بيٽن تقسيم کان پوءِ ڀارت جو پھريون گورنر جنرل به مقرر ٿيو. انگريزن جي چڱائين جا قصا به آھن پر وائيسرا ۽ نھرو تعلق جي قصن کي تاريخ ۾ ڏسجي ٿو ته ثابتي ملي ٿي ته انگريزن ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ انتھا ڪري ڇڏي ھئي، نھرو سان گڏ ايڊونيه جي ھي ھڪ تصوير ناھي، اھڙيون سوين تصويرون ٻيون به آھن جن مان واضع آھي ته انگريز ايترا ڪري پيا ھئا جو انھن جون زالون غير مردن سان ايئن آزاد خيالي ۽ عياشي وارن مقصدن سان ويجھيون ھونديون ھيون. نھرو ۽ وائيسراءِ جي زال ايڊونيه جي اھڙن لاڳاپن نئين ملڪ پاڪستان کي وڏو نقصان رسايو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *