تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ماءُ جا ڳايل گيچ ڪنهن کي ڳانو ٻڌن … اصغر چانڊيو

پيرن فقيرن جي دعائن سان جعفر مائٽن کي اڌ وهي ۾ ٿيل اڪيلو پٽ ھئڻ ڪري ڏاڍو پيارو هوندو هو ماءُ پيءُ سمجهندا هئا ته اسان جو لھي اڀري سڀ جعفر تي ٿو اڃان ٻن سالن ۾ پيءُ وفات ڪري ويو پيءُ بعد سندن ڪمائڻ وارو ڪير به نه هو ماءُ پورھيو ڪرڻ لڳي مزدوري تي رليون سبڻ ٻني ۾ مرچ فٽي جو چونڊو ان مان جيڪا مزدوري ملندي هئس ان مان اٽو ڀتو جعفر جو ڪپڙو لٽو وٺندي هئي جعفر به ڪجھه وڏو ٿيو کيس اسڪول پڙھڻ لاءِ موڪليائين جعفر پڙھڻ ويندو هو ته ماءُ جي دل ۾ به هزارين خواب جنم وٺي چڪا هئا جعفر به سڄي اسڪول ۾ پڙھائي ۾ ھوشيار ھو يتيم هئڻ ڪري استاد به کيس ڀائيندا هئا ماءُ جي دل ۾ ھو ته جعفر وڏو ٿيندو ته سڀ لڙ لھي ويندا پرائمري پاس ڪري جعفر سوچو ته هاڻ مزدوري ۾ امان سان هٿ ونڊائجي ته جيئن اسين گهر جو خرچ آساني سان ڪڍي سگهون پر ماءُ چيس نه پٽ توکي اڳتي پڙھائي ڪرڻي آھي تون پڙھ تنهنجي پڙھائي جو خرچ آئون پاڻھي مزدوري مان ڪندس جعفر کي ماءُ طرفان مليل آٿت گهڻي مايوسي مان ڪڍي ڇڏيو جعفر اڳتي پڙھڻ لاءِ شھر جو رخ ڪيو صبع جو اسڪول ويندو هو ۽ شام جو گهر پھچڻ سان ماءُ سان ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندو هو هڪڙو سال هن سندس ماءُ جي پورهئي تي پڙھيو نيٺ ھن سوچو امان مزدوري ڪري ٿي پاڙي وارن جون رليون سبي پراون گهرن جو ڪم ڪار ڪري ٿي منهنجي ڪري پوءِ ڇو نه آئون به پڙھائي سان گڏ مزدوري ڪريان جعفر سوچو هاف ٽائيم ڇو نه چڻان کپايان ته ٻه ٽي رپيا ملي پوندا ٻيو نه تڏهن به پڙهائي جو ڪجهه خرچ ڪڍي وٺندس جعفر صبع جو گهران چڻن جو ٿال ٺھرائي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هو اسڪول جي ٽائيم اهو ٿال ٻاھر ڪنهن دڪان تي رکي ايندو هو ۽ موڪل مھل اهو ٿال کڻي اسڪول جي گيٽ وٺ بيهي رهندو هو جعفر ميٽرڪ تائين اھو ڪم جاري رکيو پنهنجي پڙھائي جو سمورو خرچ انهي چڻن مان ڪڍيو هن جي ماءُ به پيرسن ٿي وئي هئي.
جعفر جوان ٿي ويو سوچيائين اڳتي پڙھجي پر گهر جي حالتون پڙھڻ به مشڪل ٿي پيو هو هڪ ڏينهن ويھي ماءُ سان صلاح مشورو ڪيائين ته امان مون کي ھاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي جو اڳتي هلي منهنجو مستقبل ٺھي وڃي سندس ماءُ چيس ابا تون اڳتي پڙھ منهنجي دل ۾ ھزارين خواب آھن جيڪي توکي ساڀيان ڪرڻا آھن تون وڃ منهنجون دعائون توسان گڏ آھن تون سڀني کان اڳتي هوندي جعفر سوچو اگر امان کي اڪيلو ڪري ويندس امان کي ڪير رڌي پچائي ڏيندو ڪير کارائيندو چيائين امان جيڪا پڙھائي ٿي سڀ سون آئون اتي ويجهو مزوري ڪندس پيو توسان گڏ رھڻ ٿو چاهيان جعفر مزدوري ڪري سڄي گهر جو سيڌو سامان سان گڏ رڌڻ پچائڻ جو ڪم به پاڻ ڪندو هو هڪ ڏينهن جعفر ڪارخاني تي مزوري تي ويل هو اچانڪ فون آيس ته تنهنجي امڙ بيمار ٿي پئي آھي جعفر جلدي گهر واپس آيو ماءُ کي تيز بخار ٿي پيو هو هن ماءُ کي کڻائي اسپتال پھچايو گوريون دوائون ڪري گهر پهتو هاڻ ھي ويتر پريشان ھو ٻيو ڏينهن گزريو مزدوري تي ڪارخاني تي ويل هو پر هن کي پريشاني هئي ته هڪ غربت ٻيو ڪو به سھارو ناھي امڙ بيمار آخر ڪيئن ڪجي نه مون اوڻيھن سالن جي زندگي ۾ ڏينهن به سڪون سان گزاريو نه مون زندگي ۾ ڪجھه ڪمايو انهن ئي سوچن ۾ هيو ته هن کي اچانڪ دل ۾ سور پيو هن سان گڏ ڪم ڪندڙ مزدورن جعفر کي کڻائي اسپتال پھچڻ وارا هئا ته رستي ۾ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي چڪو هو اسپتال کان کڻائي گهر پهتا ته سندس ماءُ اڀ ڏاريندڙ اوڇنگارون سڀني ويٺلن جي سيني مان اڪري ٿي ويون پر جعفر کي نه جاڳائي سگهيون جعفر جي ماءُ روئي روئي نيٺ پنهنجو ذھني توازن وڃائي ويٺي اڄ به انهن گلين ۾ جعفر جي شادي جا ڳيچ ٿي ڳائي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *