تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ماءُ … امر ايازمهر

ھڪ پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪندڙ ذيشان گھرواريءَ سان صلاح ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ته سندس طويل عرصي کان بيمار ماءُ کي ھر مھيني ملندڙ پينشن جي 20 ھزارن مان ڪجهھ پيسا وٺندو جيئن ماءُ جي کاڌ خوراڪ جو پاڻ جوڳو بندوبست ڪري سگھي. ھن سوچيو ھو ته 20 ھزار روپيا امان دوائن تي نه خرچ ڪندي ھوندي، وڃائڻ کان ته بھتر اٿس ته ڪجھه مونکي ڏي. اھو سوچي ھو ماءُ جي ڪمري ڏانھن ھليو ويو. بيمار ماءُ جو اڌ ڪمرو استعمال ڪري اڇلايل سامانن سان ڀريل هو، جنھن جي گھڻي وقت کان صفائي به نه ٿيل ھئي. ذيشان کٽ تي ليٽيل ماءُ جي مٿان ويو، دوائن جي ڌپ سبب ھن جو ساھه ٻوساٽجڻ لڳو.
”امان! توسان ڪجهھ ڳالھائڻو آھي، مونکي يقين آھي توکي منھنجين ٻين ڳالھين سان گڏ ھن ڳالھه تي به اعتراض نه ھوندو“. جواب نه ملڻ تي ذيشان ماءُ جي ٻانھن کي لوڏيو. سندس ماءُ ھن جھان ۾ نه رھي ھئي، سندس روح آسمانن جي بلندين ڏانھن پرواز ڪري چڪو ھو.
ذيشان پنھنجي ماءُ جي وڇوڙي تي گھڻو رنو، پار ڪڍيائين، ماتم ڪيائين ۽ ذري گھٽ چريو ٿي پيو، اُن ڏينھن تي نه بلڪ ماءُ جي ٽيجھي تي، جڏھن سرڪاري بئنڪ جي مينيجر جيڪو سندس عزيز به ٿئي، ٻڌايس ته: تنھنجي امڙ جي اڪائونٽ ۾ ھن وقت تائين جا گڏ ٿيل پينشن جا 12 لک روپيا ھن جي وڃڻ کانپوءِ وصيت مطابق تنھنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *