تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • احتساب عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌائيندي*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

لڙڪ ڇا آهن؟ … گلاب ڪمار ميگهواڙ

جيئن ته اسان کي خبر آهي ته لڙڪ اکين جي بچاءُ لاءِ وهندا آهن، جڏھن اسان جي اک م ننڍي کان ننڍي شي به پوندي آهي ته اک جو حصو ڪورنيا انهي شي کي محسوس ڪري دماغ ڏانهن سگنل موڪليندو آهي ۽ دماغ اک جي مٿان lacrimal gland کي ايڪٽو ڪندو آهي جيڪو ردعمل ۾ پاڻي( لڙڪ )خارج ڪندو آهي انهي لڙڪ ۾ lysozyme enzymes هوندا آهن
جيڪو ننڍڙن جاندارن ( جهڙوڪ بيڪٽريا وغيره) کان اک کي نقصان کان بچاءُ ڪندا آهن. لڙڪ جو هڪ ٻيو اهم ڪم اهو آهي ته اسانجي اک ڪڏھن به خشڪ ناهي ٿيندي ۽ اسان مسلسل اکيون ڇنڀيندا رهندا آهيون انهي سان هڪ ته اسان جي اک آلي رهندي آهي ٻيو اسان جي اک ۾ جيڪو به گند ڪچرو ڪک هوندو آهي اهو نڪري اچي اک جي هيٺئين حصي تي گڏ ٿيندو آهي.اهو ٿيو اک جو بچاءُ جيڪو اک لاءِ ضروري آهي. پر روئڻ وقت لڙڪ ڇو وهندا آهن؟ يا جڏھن اسان تمام گهڻو حد کان وڌيڪ کلندا آهيون تڏھن به لڙڪ وهندا آهن انهي جو ڪهڙو سبب آهي؟؟ اسين جڏھن اداس ۽ ڏکويل هوندا آهيون ته اسان جي دماغ جو limbic system ايڪٽو ٿيندو آهي جيڪو lacrimal gland کي ايڪٽو ڪندو آهي ۽ اسان جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳندا.
سائنس مطابق ته اسان جڏھن تمام گهڻو کلندا آهيون ته اسان جي دماغ جو اهو حصو جيڪو لڙڪ ٺاهي ٿو انهي تي دٻاءُ پوي ٿو تنهنڪري اکين مان لڙڪ وهن ٿا مون هڪ ٻي ڳالهھ به ڪٿي پڙهي هئي ته اسان جو جسم هميشه توازن ۾ رهڻ چاهيندو آهي پر جڏھن اسان حد کان وڌيڪ کلندا آهيون ته جسم جو توازن ٽٽي پوي ٿو جنهن ڪري جسم کي توازن ۾ رکڻ لاءِ ۽ کل بند ڪرڻ لاءِ اسان جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳندا آهن. لڙڪ خوشي ۾ به اچي ويندا آهن مطلب ته حد کان وڌيڪ خوشي ۽ ڏک ٻئي لڙڪ کي خارج ڪندا آهن، لڙڪ ڏسي ٻي انسان کي به رحم ايندو آهي، لڙڪ سان ئي روئڻ جي حقيقت جي خبر پوندي آهي.
اسان پنهنجي روز مره جي زندگي جو مثال ڏسون ته اسان جڏھن بصر ڪٽيندا آهيون ته تڏهن به اسان جي اک مان لڙڪ وھڻ لڳندا آهن جيڪو هڪ irritant ڪيميڪل کان بچاءُ لاءِ وهندا آهن اهو ڪيميڪل اک جي ڪورنيا لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار هوندو آهي تنهنڪري اسان جي اک مان تمام گهڻا لڙڪ وهڻ لڳندا آهن ته جيئن اهو ڪيميڪل ڪورنيا سان نه ٽڪرائجي ۽ ڪورنيا محفوظ رهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *