تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

” لون “… روشن جتوئي ۔

فلاحي ڪمن جون دعوائون ڪندڙ سماجي ڀلائي وارو ادارو شھر ۾ لاڪ ڊائون ھئڻ جي باوجود پنھنجو ڪم جاري رکندي آيو،
“سر اڄ 10 ڪلائينٽس وٽ ويو ھئس پر ڪنھن ھڪ بـ لون جي قسط نـ ڏني چون ٿا تـ شھر ۾ لاڪ ڊائون سبب ڌنڌا ڌاڙي مزدوري سڀ بند آھن اسان وٽ کائڻ لاء ڪجھ به ناھي وڏي مشڪل سان وقت گذاري رھيا آھيون ميرو ته صفا وڙھڻ تي پئي آيو چئين پريس ڪلب اڳيان اوھان خلاف احتجاج ٿا ڪريون اھڙي تنگ وقت ۾ اسان پنھنجي آنڊا ( ٻچا ) بـ وڪڻڻ تي آھيون ھن وقت ڪٿان قسط ڏيون خدارا اسان کي قسط ڏيڻ لاءِ ايترو مجبور نه ڪريو نه ته اسان پنھنجي ٻچن سان گڏجي خودڪشي ڪري ڇڏينداسين ” لون رڪوري آفيسر فيلڊ مان آفيس واپس ايندي ئي سڄي صورتحال کان پنھنجي مئنيجر کي آگاھ ڪيو.
” تون ڪھڙي قسم جو ماڻھون آھين، ٿئي مڙس کان قسط ريڪور نٿي، وري پروموشن لاءِ وڏا ور کنيو بيٺو آھين.. اھي مرن ڇا به ڪن اسان کي پنھنجي اداري جي ساک رکڻ لاءِ قسط جي وصولي ڪرڻي آھي اوھان جي پگھار پنھنجي گھران ڀريندس ڇا ؟؟ ڪيئن بـ ڪري ڪھڙي به حالت ۾ قسط جي وصولي ڪري اچ نه ته تنھنجي پگھار مان ڪٽيندس ھينئر ئي وري واپس وڃ ٽر” مئنيجر تپي باھ ٿي ويو
“اوڪي سر” لون رڪوري آفيسر پنھنجي ڪلھن ۾ لڳل ٿيلھي سميت مئنيجر جي نظرن تان ھٽي ويو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *