تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

لونگ لاهوتي لائيو شو … زاهدعلي ڀٽو

ناظرين…..!
اوهان هي جيڪو ڏسو پيا، اهو آسمان تي جهڙ آهي۽ هيٺ زمين تي رڳو لڙ ئي لڙ آھي. ،اوهانکي ٻڌائيندا هلون ته آسمان تي صاف صاف جهڙ نظر اچي پيو ۽ …زمين تي وري لڙ هر طرف لڙ ….رڳو لڙ ..! سو ان لڙ کي منهن ڏيڻ لاء سرڪار سڳوري پاران قلم 444 بدران 144 لاڳو ڪيو ويو آهي
جي …ها ناظرين….! ان قانون…..ها انهيء قانون… تي ڪيترو ۽ ڪيئن عمل ٿو ٿئي ؟ سا خبر ته انهن عملدارن کي ئي هوندي جن جي عملداريء ۾ قانون ،قانون بڻيا آھن . پر ان قانون جو گهڻو تڻو ڪٽڪو غريب غربي تي ٻڌجي۽ ڏسجي پيو.
جي ….ها ! ناظرين…! اوهين هي جيڪو ڪجھ ڏسي رهيا آهيو…سو چپ چاپ ڏسندا رهو .ڇو ته اوهانکي ڪو سوال ڪرڻ جي هرگز ،هرگز اجازت ناهي ناظرين …! اوهان گونگا بڻجي اکيون کولي ڏسندا رهو صرف۽ صرف اسانجي چينل ”عقل جي اڪابر “ چينل تي…لائيو شو… اکيون اصل نه جهمڪائجو. متان اکيون جهمڪايون اٿئو ناظرين.!پوءِ ميار نه ڏجو ته اسان هي سڀ ڪجهھ ڏسي نه سگهيا سين .ان سان گڏ اجازت ڏيندا الله واهي…! ناظرين..!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *