تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

لفافو … عبدالغني شر

آفيس ۾ جڏهن به صاحب جي ميٽنگ ٿيندي ھئي ته خادم تي ڄڻ شامت نازل ٿي ويندي ھئي صاحب هن کي ڏسندي گارين جا ڌوڙيا لاهي ڇڏيندو هو! چوندو هئس ڪميڻا بيحيا بيشرم نه شرم توکي نه مونکي اچي غريبن سان ٿو ظلم ڪرين ڪالهه ڪيترو سمجهايو اٿم، پر تون مڙڻ واري ٻُوٽي ناهي ڪجه خوف خدا جو رک سڀاڻي مري مٽي ۾ وڃڻو اٿئي ڇو ٿو پنهنجي آخريت وڃائين!؟ٻڌاءِ تنهنجي منهن تي ڪهڙو تئو مليان هڪ ڀيرو توکي نوڪري تان برطرف ڪيم توکي ڪورٽ بحال ڪيو پر ھاڻ اهڙا قلم هڻندس جو سڄي زندگي پني گذارو ڪندين! ۽ توکي ڪورٽ سڳوري به بحال نه ڪندي، خادم هر ميٽنگ ۾ وڏي صاحب جا اهڙا دڙڪا داٻا ٻڌي نيٺ پاڻ کي بدلايو،سوچڻ لڳو جيڪو ٿيو سو ٿيو پر هاڻي اڳتي اهڙو ڪو به غلط عمل نه ڪندس جنهنڪري وري پنهنجي ٻچن جي روزي وڃايان! ڪجهه ڏينهن بعد هن سڀ ڪجهھ ڇڏي پنهنجي آفيس ۾ بلڪل سچائي ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي پاڻ کي پُرسڪون محسوس ڪرڻ لڳو ، چند هفتن کانپوءِ ٻيهر وڏي صاحب جي ميٽنگ شروع ٿي ، صاحب هن کي ڏسندي ئي اُھا ٻولي ڳالهائڻ لڳو جيڪا اڳ ڳالهائيندو هو! هوئهن ته صاحب جا دڙڪا دهمان ڀت بنجي ٻڌندو هو پر هن ڀيري ڊڄندي ڏڪندي هوريان هوريان چوڻ لڳو ،سر سچ پڇو ته مون توهان جي چوڻ تي عمل ڪندي سڀ غلط ڪم ڇڏي ڏنا آھن ، هاڻي سچائي نيڪ نيتي سان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آھيان، صاحب هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري وري دڙڪا ڏيندي چوڻ لڳو چپ ڪر دلا! آئون توکي چڱي طرح سڃاڻان ته تون ڪيترو سچو آھين پنهنجي ڪم سان! صاحب جو اهڙو جواب ٻڌي هي روئڻهارڪو ٿي ويو، سڄو ڏينهن آفيس ۾ ڪم ڪندي سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رهيو ، صاحب جي رويي جي ڪري هوء مسلسل ذهني بيمارين جو شڪار ٿي ويو .
هڪ ڀيرو هن پاڻ کي مارڻ جو ارادو ڪري ورتو پر شام جو ڊيوٽي کان گهر ايندي پنهنجي ڪُراڙي والده ۽ ٻچڙن جو سوچي اهڙي عمل کان روڪي ورتو، هن کي ڪجھ به سمجه نه اچي رهيو هو ، ته ڇا ڪجي؟؟وڏي صاحب کي ڪيئن مئطمين ڪجي؟؟مسلسل پريشان اداس هئڻ ڪري آفيس ۾ ويٺل هڪ پراڻي ساٿي هن کي مايوس ڏسندي پڇيو ڇو پريشان آھين؟وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پريشان نه ٿي تنهنجي مسئلي جو حل آھي، پنهنجي ساٿي جا آٿت ڀريا جملا ٻڌي هڪدم دل ۽ دماغ جو بار هلڪو محسوس ڪرڻ لڳس،مسڪرائيندي چوڻ لڳس ٻڌاءِ منهنجي پريشاني جو تو وٽ ڪهڙو حل آھي؟دوست چيس ،جڏھن به صاحب ميٽنگ شروع ڪري انهي کان پهرين هٿ ڏيڻ جي بهاني صاحب جي ڀرسان لفافو رکي اچجان سمجھ تنهنجو مسئلو حل ٿي ويو! مونکي پوري پڪ آھي صاحب توکي ڪجه نه چوندو!خادم وري اداس ٿيندي پنهنجي دوست کي چوڻ لڳو يار مونکان ائين نه ٿي سگهندو!؟؟ ڇو ته هاڻي آئون ايمانداري سان پنهنجو ڪم ڪري رهيو آھيان، هن جي دوست خادم جي ڳاله کي ڪٽيندي سمجهائيندي وري چوڻ لڳو ادا ايتري به ايمانداري ڪونه هلندي جهڙي تون ڏيکارين پيو! حالتن سان سمجهوتو لازمي آھي، نيٺ خادم دوست جي صلاح سان سهمت ٿيو ، ٻه ٽي ڏينهن ۾ جيئن تيئن ڪري پنهنجا پراوا ڪجھ پئسا هٿ ڪري ورتائين چند ڏينهن بعد جيئن وڏي صاحب جي ميٽنگ شروع ٿي ته هن هٿ ڏيڻ بهاني ڏڪندڙ هٿن سان صاحب جي ڀرسان لفافو رکي ڇڏيو! ٿوري دير بعد جيئن ئي صاحب جي ميٽنگ شروع ٿي ته صاحب خادم کي ڏسندي مسڪرائيندي چوڻ لڳو ته ”خادم تنهنجي ڪم مان هاڻي آئون مئطمين آھيان، ائين ئي ڪم ڪندو رها“…!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *