تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

لغتيات ۽ لغت نويسيءَ جو تحقيقي جائزو … عرفان ڏاهري

تاريخ گواھ آهي ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي هر دور ۾ زندهه قومن پنهنجي ٻوليءَ جو نه رڳو ڀرپور دفاع ڪيو آهي پر گڏوگڏ انهن جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ پنهنجا جاني ۽ مالي وسيلا به ڪتب آندا آهن، ٻوليءَ کانسواءِ هر قوم جي حيثيت نه فقط اڻپوري آهي پر ان قوم جي سموري انسانذات جي وچ ۾ ڪابه سڃاڻپ ناهي رهندي. هوئنن ته ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ ڪيترائي ذريعا موجود آهن پر انهن سڀني ذريعن ۾ بنيادي ۽ اهميت زده ذريعو ان ٻوليءَ جي لغت( لفظن جو ذخيرو) آهي،لغت کانسواءِ ڪنهن به ٻوليءَ جو ڪوئي وجود ناهي هوندو، لسانياتي ماهرن موجب دنيا ۾ شاهوڪار ٻولي اها آهي جنهن ۾ لفظن جو ذخيرو ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ هجي ۽ اها ئي ٻولي هن دنيا جي ٻين ٻولين ۾ پنهنجو پاڻ نه رڳو مڃرائي سگهي ٿي پر پنهنجي وجود ۽ بقاءَ جي جنگ به وڙهي سگهي ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه لغتيات ۽ لغت نويسيءَ جي مدد سان ئي ممڪن آهي لغتيات(لغت جو علم) ۽ لغت نويسي جي وچ ۾ تفريق ڪرڻ خاطر اسان کي انهن جو الڳ الڳ جائزو وٺڻو پوندو ته جيئن پڙهندڙن کي ٻنهي جي بنيادي تفاوت جي خبر پئجي سگهي.
لغتيات : (Laxicology)
لغتيات کي انگريزي ٻوليءَ ۾ (Laxicology) سڏيو ويندو آهي جيڪو يوناني(Greek) ٻولي جي هڪ لفظ “Lexis” مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي گفتگو، لفظ يا ڪو فقرو آهي جيڪڏهن اسان لفظ “Lexicology” جو ڇيد ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته اهو ٻن لفظن جي ميلاپ مان ٺهيل آهي، “Lexico” جي معنيٰ ”لفظ بابت“ ۽ “logos” جي معنيٰ آهي ”اڀياس ڪرڻ“ جنهن جو مطلب ڪجهه هن ريت ٿيو ته، ڪنهن به مخصوص ٻوليءَ جي لفظن بابت اڀياس ڪرڻ واري علم کي لغتيات چيو ويندو آهي، اهڙي ريت لغتيات ذريعي لغتيات جو ماهر (Lexicologist) ڪنهن به لفظ جي وجود ۾ اچڻ، ان جي اچار يا تلفظ هجي ڪرڻ، اشتقاق، تجنيس، صيغي ۽ معنيٰ سان گڏوگڏ ان جي ٺهڻ، هر دور ۾ ان جو مختلف نمونن ۾ استعمال، تبديلي ۽ ترميم سان گڏوگڏ اهو جنهن ٻوليءَ جو لفظ آهي ان جي مختلف لهجن(Dialects) ۾ ان لفظ جي استعمال ۽ ان لفظ جو ڪنهن ٻئي لفظ سان باهمي تعلق، هڪ معنيٰ واري لفظ (Monosemy) ، گهڻ معنائين لفظ (Polysemy) ، ساڳي معنيٰ واري لفظ (Synonym) ۽ مخالف معنيٰ واري لفظ (Antonym) وغيره بابت تحقيقي مدد وٺي سگهي ٿو، مطلب ته هو ان جي مدد سان نه رڳو ان لفظ جي مڪمل طور تي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي ٿو، پر ان بابت سموري جاچ پڙتال (Investigation) به ڪري سگهي ٿو.
لسانيات جي ماهرن طرفان لغتيات کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي
1- عام يا نظرياتي (General or Theoretical)
2-مخصوص يا وضاحتي (Special or Descriptive)
ڪنهن به لفظ بابت سموري معلومات عام (General) ۽ مخصوص (Special) بلڪ ٻنهي صورتن ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي، عام صورت (General) ۾ ان لفظ جي استعمال کي سڀني ٻولين ۾ ڏٺو وڃي ٿو، جڏهن ته مخصوص صورت (Special) ۾ فقط ڪنهن مخصوص ٻوليءَ ۾ ان جي استعمال کي ڏٺو وڃي ٿو، ان ذريعي علم لغت جا ماهر ڪن به ٻن ٻولين جي لغوي نظام (Lexicaal System) ۾ ڪنهن به لفظ جو تقابلي اڀياس (Comprative Study) به ڪري سگهن ٿا ته گڏوگڏ متضاد جائزو (Contrastive View) به وٺي سگهن ٿا.بهرحال لغتيات جو لاڳاپو سڌي ريت لسانيات جي ڪجهه اهم شاخن صرفيات (Phonology) ، مارفيات(Morphology) ۽ معنويات (Semantics) سان آهي ڇاڪاڻ ته علم لغت جو مقصد ڪنهن به لفظ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي ته مٿي بيان ڪيل اهي ٽئي شاخون ان سلسلي ۾ سندس تمام گهڻي مدد ڪن ٿيون.جڏهن ته ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته لغتيات ئي عملي لسانيات (Applied Linguistic) جون سڀئي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿي، جنهن جي شاخن ۾ ته خود لغت نويسي به شامل آهي.
لغت نويسي: (Lexicography)
انگريزي ٻوليءَ ۾ لغتيات جي لاءِ “Lexicology” ۽ لغت نويسي جي لاءِ وري “Lexicography” استعمال ڪيو ويندو آهي، جيتوڻڪ ٻنهي لفظ جو ماخذ “Lexis” ئي آهي، پر فرق صرف ايترو ئي آهي جو لغتيات ” لفظ جو علم “ آهي ۽ لغت نويسي وري لفظن جي تحرير جو علم “Writing of Words” آهي،ڇاڪاڻ ته يوناني ٻوليءَ ۾ “Graphy” ڪنهن تحرير کي چيو ويندو آهي.اهڙي ريت لغت نويسي ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظن جي ذخيري(Dictionary) کي ان ٻوليءَ جي الف بي (صورتخطي) جي اکرن موجب ترتيب ڏيڻ جي فن کي چيو ويندو آهي،نيو آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري مطابق ان جي وصف ڪجهه هن ريت ملي ٿي.
”. the practice of compiling dictionaries “
ڪجهه محققن جو چوڻ آهي ته لغت نويسيءَ جو سڄو دارومدار لغتيات تي ئي آهي پر ڪن محققن ان ڳالهه کي بلڪل ئي رد ڪندي چيو آهي ته لسانياتي شاخن منجهان خاص طور تي عملي لسانيات (Applied Linguistic) ۾ لغتيات کان وڌيڪ ته لغت نويسيءَ جو ڪردار اهم ۽ ساراهه جوڳو آهي،بلڪ ان جي ڪري ئي مختلف لغت نويسن (Lexicographers) طرفان لسانيات جي نظرياتي (Theoretical) ۽ عملي (Applied) شاخن جي مدد سان نه رڳو بهترين ڪم ڪيو ويو آهي پر انهن کي ان مان ڀرپور فائدو به حاصل ٿيو آهي، پر هتي اها ڳالهه واضح ڪرڻ لازم آهي ته جديد دور ۾ لغتيات کان وڌيڪ جيتوڻڪ لغت نويسيءَ کي ئي وڌيڪ اهميت ۽ افاديت حاصل آهي، پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته لغت نويسي ۽ لغتيات ڪنهن به صورت ۾ لغت نويس لاءِ بيحد ضروري ۽ لازم ملزوم شيون آهن، ڇاڪاڻ ته لغتيات تي دسترس رکڻ کانسواءِ لغت نويس جي لاءِ لغت نويسيءَ جو ڪم سر انجام ڏيڻ انتهائي مشڪل هجڻ سان گڏوگڏ غير ضروري ۽ غير معياري به آهي. لغتيات وانگر علم لسانيات جي ماهرن لغت نويسيءَ کي به ٻن حصن ۾ ورهايو آهي.
1. عملي لغت نويسي(Practical Lexicography)
2. نظرياتي لغت نويسي (Theoretical Lexicography)
عملي لغت نويسي(Practical Lexicography) جي مدد سان ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظي ذخيري (Vocabulary) کي سهيڙڻ، لکڻ ۽ ترتيب ڏيڻ وغيره جهڙو ڪم ورتو ويندو آهي، جڏهن ته نظرياتي لغت نويسي (Theoretical Lexicography) ذريعي ان لکيل، سهيڙيل ۽ مرتب ڪيل لفظي ذخيري کي معنوي (Semantic) ۽ بناوتي جوڙجڪ (Structural) وغيره جهڙن پهلوئن جي مدد سان انهن جو تجزياتي (Analytical) اڀياس ڪيو ويندو آهي،علم لسانيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته لغت نويسيءَ جي لاءِ تاريخي لسانيات،صوتيات،مارفيات،معنيات،لغوي معنيات،ويا ڪرڻ ۽ اشتقاقيات وغيره جهڙيون لسانياتي شاخون نه رڳو ضروري آهن،پر اهي ان لاءِ تمام گهڻيون فائديمند به آهن. اهڙي طرح ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لفظن جي رڪارڊ کي لغت نويسيءَ جي فن سان ئي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو ۽ اهو سڄو ڪم لغت نويس (Lexicographer) جي ذمي هوندو آهي ته جيئن هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لفظن جي ذخيري جو دائرو ايترو ته وسيع بڻائي جو سندس ٻوليءَ نه رڳو شاهوڪاري حيثيت حاصل ڪري وٺي، بلڪ سندس ٻولي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ اڳتي وڌي ترقي ۽ ترويج جي ميدان ۾ اچي پنهنجو بچاءُ به ڪري سگهي.مشهور انگريز لغت نويس سيموئل جانسن (Samuel Johnson)جي چوڻ مطابق لغت نويس هميشه بي ضرر انسان هوندو آهي، جيڪو چپ چاپ پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهي ٿو ۽ لفظن جي اصل نسل ۽ اهميت جي تفصيلي وضاحت پيش ڪري ٿو،
A Writer of dictionaries,a harmless drudge,that busies himself in tracing the original and detailing the signification of words.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *