تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

لساني سامراجيت جو مختصر تاريخي جائزو … عرفان ڏاهري

ڪنهن به ملڪ ۾ ٻين ٻولين جي ڳالهائيندڙن مٿان پنهنجي ٻوليءَ کي مڙهڻ يا نافذ ڪرڻ کي ”لساني سامراجيت (Linguistic Imperialism) “ چيو ويندو آهي. اهڙي طرح لساني سامراجيت لاءِ لساني شاهيزم، لساني قوميت،لساني غلبو ۽ ٻوليءَ جي سامراجيت جهڙا اصطلاح به استعمال ڪيا ويندا آهن،لساني سامراجيت وارو اصطلاح سڀ کان پهرين 1930ع ڌاري انگريزي ادب جي ”نئين تنقيد“ ۾ شامل ٿيو،جنهن کي لڳ ڀڳ 1992ع ۾ هڪ انگريز لسانياتي ماهر ” رابرٽ فلپسن“ پنهنجي تحقيقي مونوگراف ”لساني سامراجيت“ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائي ان کي لسانيات جي هڪ ذيلي شاخ طور شامل ڪيو ته گڏوگڏ ان کي ثقافتي سامراجيت جو هڪ ذيلي قسم به سڏيو آهي. رابرٽ فلپسن پنهنجي ان تحقيقي ٿيسز ۾ انهن قوتن کي وائکو ڪيو آهي،جيڪي پنهنجي سياسي ۽ معاشي طاقت جي بنياد تي مادياتي ۽ غير مادياتي ذريعن وسيلي پنهنجي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت ڏين ٿا ! ۽ هو ٻين ٻولين جي اهميت ۽ حيثيت کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪن ٿا ! جيڪو عمل سندس نظر ۾ انتهائي مذمت جوڳو آهي. لساني سامراجيت جو اصطلاح خاص طور تي ڪجهه مخصوص ٻولين جهڙوڪ؛ انگريزي،عربي،چيني،جپاني ۽ لاطيني وغيره جهڙين ٻولين تي لاڳو ٿئي ٿو،جيڪي خاص طور تي تاريخي حوالي سان بيٺڪيت واري نظام هيٺ آيل مختلف ملڪن جي قومن تي زبردستي مڙهيون ويون. رابرٽ فلپسن ان بابت لکي ٿو ته،” سموري دنيا ۾ اهم ۽ بين الاقوامي ٻولين جهڙوڪ؛ عربي،چيني،انگريزي،فرينچ،روسي ۽ هسپانوي ٻولين جي جيڪا ورهاست آهي سا فتح ۽ قبضي جو هڪ چٽو ثبوت آهي.(لساني سامراجيت،ص:31)“ تنهنڪري لساني سامراجيت هڪ اهڙو تعصباڻو رويو آهي،جنهن جي اثر هيٺ غير ترقي يافته قومن هميشه گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي،ڇاڪاڻ ته سامراجي طبقي جو اهو رويو سڌو سنئون سندس سياسي،معاشي ۽ عسڪري طاقت جو مظاهرو هوندو آهي ۽ ان طاقتور هٿيار سان ئي هو پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ٻين غير ترقي يافته ملڪن يا ٽين دنيا ۾ شامل ٿيندڙ ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري مختلف قومن جي ٻولين ۽ ثقافتن جو مستقبل نه رڳو داءَ تي لڳل آهي پر گڏوگڏ انهن جي اهميت ۽ حيثيت کي به خطرو آهي.رابرٽ فلپسن جي مطابق لساني سامراجيت جو ڦهلاءُ تاريخي حوالي سان واپار ۽ مذهب جهڙن ٻن اهم ذريعن سان ٿيو آهي،جنهن جو مثال لاطيني،چيني ۽ عربي وغيره جهڙين ٻولين جو بين الاقوامي سطح تي مذهبي حوالي سان پکڙجڻ آهي ۽ ان کان علاوه واپاري وسيلو به انهن ٻولين جي واڌ ويجهه ۽ ملڪان ملڪ پکيڙڻ ۾ پنهنجو هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي! بهرحال عربي ٻولي جي هڪ ماهر ”القصابي “ ان بابت لکي ٿي ته،” لساني سامراجيت هڪ اهڙو عنصر آهي،جيڪو اسان جي مادري ٻولين تي اثرانداز ٿي رهيو آهي،جنهن جي اثر هيٺ اسان جون مادري ٻوليون پنهنجو وجود وڃائي رهيون آهن.“ جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته موجوده دور ۾ جدت جي ڪري مختلف قومون پنهنجي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي ڇڏي ٻين قومن جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي پنهنجائي رهيون آهن!
لساني سامراجيت جي مختصر تاريخ:
تاريخي حوالي سان سڀ کان پهرين هن دنيا جي گوليءِ تي چئني پاسي رومن شهنشاهيت جو وجود ملي ٿو،جنهن لڳ ڀڳ ٻه يا ٽي قبل مسيح ۾ هن ڌرتي تي پنهنجي بادشاهت قائم ڪري پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي پنهنجي سياسي، عسڪري،معاشي ۽ قانوني قوتن جي مدد سان غلام ۽ مظلوم قومن جي مٿان مڙهي تاريخ ۾ سڀ کان پهريون لساني سامراجيت جو مثال قائم ڪيو! رومن شهنشاهيت جي سامراجي ٻولي لاطيني هئي،جنهن مان اڳتي هلي اسپيني،فرينچ،پرتگالي وغيره جهڙيون ٻوليون وجود ۾ آهيون،جن کي رومانس ٻوليون به سڏيو ويندو آهي، لاطيني سان گڏوگڏ ان دور ۾ يونانيءَ ٻولي کي به سامراجيت واري حيثيت حاصل هئي،ڇاڪاڻ ته اها ان وقت ۾ مختلف علمن جهڙوڪ فلسفي ۽ سائنس وغيره جي ٻولي هئي پر رومن شهنشاهيت ان جي اهميت کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي لاطيني ٻوليءَ کي قانوني توڙي سياسي حوالي سان تمام گهڻو عروج بخشيو،اڳتي هلي رومن شهنشاهيت ۽ مشرق بلڪ ٻن حصن ورهائجي وئي، جنهن جي ڪري مشرق وارن ڪڏهن به لاطيني ٻوليءَ جي سامراجيت کي قبول نه ڪيو. جنهن جو سڀ کان وڏو سبب 5 قبلِ مسيح ۾ لاطيني ٻوليءَ کي زوال جو منهن ڏسڻو پيو، پر پوءِ خوش قسمتيءَ سان ڪيرولنگ سلطنت جي دورِ حڪومت ۾ لاطيني ٻوليءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ نئون جنم نصيب ٿيو. رومن شهنشاهيت اولهه کان پوءِ اسپيني شهنشاهيت قائم ٿي. جنهن ۾ وري اسپيني ٻوليءَ کي سياسي،سماجي،معاشي ۽ عسڪري عنصرن جي بنياد تي يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پکيڙيو ويو، پر اسپيني ٻوليءَ کي سڀ کان وڏو فائدو تڏهن پيو جڏهن 1492ع ۾ ڪولمبس آمريڪا جهڙي هڪ وڏي رياست کي دريافت ڪيو،جنهن جي ڪري اتي مختلف قومن اچي پنهنجا خيما کوڙيا ۽ اهڙي ريت اسپيني شهنشاهيت کي انهن مٿان پنهنجي لساني ۽ ثقافتي تسلط قائم ڪرڻ ۾ ڪو به حرج محسوس نه ٿيو پر اڳتي هلي اسپيني ٻوليءَ کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ڇاڪاڻ ته 16هين صدي ڌاري لڳ ڀڳ هڪ سئو مقامي ٻولين جو خاتمو فقط اسپينش شهنشاهيت جي سخت حڪمراني تحت پيڙهيل طبقي جي قتلِ عام ۽ انهن جي سامراجي ٻوليءَ جي ڪري ٿيو ،جنهن جي ڪري لاطيني آمريڪا ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ٿيو ۽ اتي مختلف تحريڪن جنم ورتو. تنهنڪري اسپينين جي هڪ بادشاهه ڪارلوس (پنجين) پنهنجي سامراجيت ۾ ٻولين جي پاليسي تي غور ويچار ڪري مقامي ٻولين جي حيثيت کي مثبت انداز ۾ تسليم ڪيو، ڪارلوس کانپوءِ فلپ ثاني به مقامي ٻولين جي حيثيت کي بحال ڪيو ۽ حڪم صادر ڪيو ته مختلف رياستن جي اندر اتان جي مقامي ٻولين ۾ تعليمي عمل کي وجود ۾ آندو وڃي پر خاص طور تي اها اهميت به ان دور جي اهم ٻولين کي ڏني وئي هئي! اسپيني ٻوليءَ جي اها سامراجي حيثيت ٻه صديون جاري رهي، جنهن کانپوءِ 19 هين صدي ڌاري آزاديءَ جي جنگين دوران اسپيني شهنشاهيت آمريڪا جي ڪجهه رياستن کان علاوه ٻين رياستن ۾ پنهنجي ٻولي سميت خاتمي جو شڪار ٿي وئي. پر پوءِ به آهستي آهستي اسپيني ٻوليءَ پنهنجي منزل کي طئي ڪندي دنيا جي مختلف رياستن اندر پنهنجو ڌاڪو ڄمايو! جنهن ڪري اڄ اسپيني ٻولي، دنيا جي ويهن خودمختيار رياستن جي سرڪاري ٻوليءَ طور پنهنجي هڪ الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي.
اهڙي ريت لاطيني ۽ اسپيني ٻولين جي سامراجيت کانپوءِ چيني ٻولي جي سامراجي تاريخ به پراڻي آهي، جيڪا 221 قبل مسيح کان ” ڪِن شي هانگ“ جي شهنشاهيت کان شروع ٿئي ٿي ۽ هين ڊائنيسٽي،سئي ڊائنيسٽي،ٽينگ ڊائنيسٽي،سانگ ڊائنيسٽي کان ويندي يو آن ڊائنيسٽي جي شهنشاهيت ۾ 1368ع تائين قائم رهي،جنهن جي باري ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته اها گذريل چار هزار سالن کان اڄ به جاري آهي. چيني ٻوليءَ کانپوءِ عربي ٻوليءَ کي سامراجي طور ٻين قومن جي مٿان تلوار جي زور تي جبر و ستم جي مدد سان نافذ ڪيو ويو ۽ اهو عرصو خاص طور تي اموي،عباسي ۽ سلطنتِ عثمانيه جهڙين خلافتن تي مشتمل آهي تنهنڪري انهن جتي جتي به فتح حاصل ڪئي، اتي انهن پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ٻين قومن جي مٿان نافذ ڪيو.اهڙي ريت جپاني، فرينچ،جرمني ۽ روسي وغيره جهڙين ٻولين جي سامراجيت جا مثال به تاريخ ۾ ملن ٿا پر موجوده دور ۾ بين الاقوامي سطح تي انگريزي ٻوليءَ جيڪا سامراجي حيثيت حاصل ڪئي آهي اها ٻين سامراجي ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.هڪ لسانياتي ماهر ”ڪرسٽل“ جي مطابق: انگريزي ٻوليءَ جي سامراجيت گذريل 500 سئو سالن کان قائم آهي، ايلزبيٿ پهرئين جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ايلزبيٿ ٻي جي دورِ حڪومت ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن جو تعداد لڳ ڀڳ پنج کان ست ملين تائين هو.“ انهن جي ڀيٽ ۾ اڄ انگريزي ٻوليءَ جي ڳالهائڻ وارن جو تعداد ڏهوڻو وڌي چڪو آهي،جنهن جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته اڄڪلهه ”سموري دنيا جي 70 کان مٿي ملڪن ۾ انگريزي ٻوليءَ کي انهن ملڪن ۾ سرڪاري ٻولي يا ٻي ٻوليءَ (Second Language) جي حيثيت حاصل آهي.( برٽينڪا انسائيڪلوپيڊيا)“
اهڙي ريت انگريز سامراج سڀ کان پهرئين برطانيا کان پنهنجي شهنشاهيت جي شروعات ڪئي،تنهنڪري انهن کي ”برطانوي سامراج“ به چيو ويندو آهي،جنهن کانپوءِ انهن آمريڪا،نيوزلينڊ،آفريڪا،آسٽريليا،اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ وغيره جهڙن ملڪن کان ٿيندي اچي وچ ايشيا تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. جنهن جي ڪري انگريزي ٻوليءَ جون سرحدون بين الاقوامي سطح تي وڌنديون ويون ۽ برطانوي سامراج پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ٻين ملڪن تائين سياسي،معاشي ۽ عسڪري قوت جي مدد سان ڦهلائيندو ويو! جڏهن ته 1934ع ۾ برٽش ڪائونسل جي قيام کانپوءِ انگريزي ٻولي ۽ ثقافت کي دنيا جي مخلتف ملڪن اندر سڀ کان گهڻي ترقي ٿي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته اهو ادارو هن وقت پوري دنيا جي 100 کان مٿي ملڪن ۾ پنهنجي ادب، ٻولي ۽ ثقافت کي متعارف ڪرائي چڪو آهي،جنهن جي مد ۾ هر سال ان اداري طرفان ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن. برٽش ڪائونسل جي قيام کانپوءِ انهن سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي مدد سان به پنهنجي ٻولي کي تمام گهڻو عروج بخشيو، ڇاڪاڻ ته 19 هين صديءَ ڌاري ماس ڪميونيڪيشن ۾ ترقي ٿيڻ کانپوءِ اخبارن،ڪتابن،رسالن،ٽيلي ويزن ۽ فلم انڊسٽري سان گڏوگڏ انٽرنيٽ تي مختلف ويبسائيٽس، سوشل ميڊيا (فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر وغيره) جي مدد سان انگريزي ٻوليءَ کي بين الاقوامي سطح تي تمام گهڻي ترقي حاصل ٿي آهي ،جنهن جي ڪري اڄ ” انگريزي ٻولي انٽرنيٽ جي دنيا تي ڇانيل آهي،جنهن جو استعمال ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ اندازي موجب: سموري دنيا جي آباديءَ جو ڪل 60.9 فيصد حصو انٽرنيٽ تي فقط انگريزي ٻوليءَ جو استعمال ڪري ٿو.( انٽرنيٽ ورلڊ اسٽيٽس:2015)“ ان سان گڏوگڏ انگريزي ٻوليءَ کي دنيا جي اهم ادارن جهڙوڪ: يونائيٽڊ نيشنس (1945) ،يورپي يونين (1993) ،ورلڊ بيئنڪ (1944) ۽ آءِ ايم ايف (1945) وغيره جهڙن ادارن ۾ بنيادي حيثيت حاصل آهي، جنهن جي ڪري انگريزي ٻوليءَ کي بين الاقوامي سطح تي معشيت ۽ واپار جو هڪ اهم ذريعو سمجهيو وڃي ٿو، انهن ادارن کانپوءِ ڪيمبرج (1858)، آڪسفورڊ،يونيسيف (1946) ۽ يو ايس ايڊ (1961) وغيره جهڙن ادارن جي مدد سان انگريزي ٻوليءَ کي سموري دنيا جي مختلف ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ هڪ اهم ۽ بنيادي حيثيت حاصل آهي. جنهن جا انگ اکر ڪجهه هن ريت آهن ته ڪيمبرج جهڙو هڪ اهم ادارو بين الاقوامي سطح تي سموري دنيا جي 160 ملڪن ۾ پنهنجو تعليمي نظام پرائمري کان وٺي هائير سيڪنڊري تائين قائم ڪري چڪو آهي، ان کان علاوه يو ايس ايڊ 100 کان مٿي ملڪن ۾، يونيسيف 190 کان مٿي ملڪن ۾، جڏهن ته آڪسفورڊ جهڙو ادارو 140 کان مٿي ملڪن ۾ پنهنجي تعليمي نظام کي متعارف ڪرائي چڪو آهي.
ماهرن جي ڪيل تحقيق موجب: سموري دنيا ۾ انهن قومن جي سامراجيت ۽ بيٺڪيت واري نظام هيٺ ڪيترين قومن جون ٻوليون اجل جو شڪار ٿي چڪيون آهن،جن جو تعداد لڳ ڀڳ هڪ هزار آهي جنهن جي ڪري ماهرن اهڙي خطرناڪ ۽ افسوسناڪ صورتحال کان خبردار ڪندي ٻڌايو آهي ته انگريزي ٻولي جي وڌندڙ اثر هيٺ مستقبل ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهندڙ مختلف قومن جون مقامي ۽ قومي ٻوليون ايندڙ وقت ۾ اجل جو شڪار ٿي سگهن ٿيون! ھلندڙ

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *