تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

لاڪ ڊائون ۽ ورڪنگ وومن جو درد …بيلا پنھور

پنھنجو پاڻ کي ڌرتي جو سپر پاور سمجھندڙ انسان کي ڪورونا جھڙي ڪنٽرول ۾ نه ايندڙ وبا بي وسي جي تصوير بڻائي ڇڏيو آھي۔ دوائن توڙي دعائن جو ھڪ نه کٽندڙ سلسلو ھلي پيو آھي جيڪو اگھامجڻ جي آس ۾ آھي پر شاهه سائين چواڻي ڦڪيون تڏھن فرق ڪن جڏھن امر ٿي ان جو۔ هن عالمي وبا جتي پوري دنيا کي پڃري ۾ بند ڪري هر قسم جي ڪاروهنوار کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي ۔ زندگي جو ڦيٿو زنگجڻ لڳو آھي۔ جتي سڀ ڪجھه جھڙوڪ سڪتي ۾ اچي ويو آھي۔ پنڊ پھڻ ٿي ويو آھي اتي هن سماج جي اها عورت جيڪا گھر کان ٻاھر ڪا نوڪري ڪري ٿي۔ سا به هن لاڪ ڊائون ۾ تمام گھڻو متاثر ٿي آھي۔ هن لاڪ ڊائون اهڙين عورتن جا اهنج وڌائي ڇڏيا آھن۔۔
هن ديس ۾ جتي وسيلن جي ونڊ ورڇ بدديانتي تي ٻڌل هجي۔ جتي حقن جي حاصلات هڪ ديواني جي خواب جھڙو ناممڪن ڪم هجي اتي هڪ سفيد پوش عزت نفس رکڻ وارو ماڻھو سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي ٿو۔ حق ڪنهن به حقدار جي هٿن تائين پهچڻ کان اڳ کاڄي وڃي ٿو۔ مان سمجھان ٿي ان ڏس ۾ حڪومت کي اھڙين ڪم ڪڻدڙ عورتن لاءِ ڪي ترت ۽جوڳا اپاءُ وٺڻ گھرجن۔ صاف ۽ باوقار نموني سان سندن سھائتا ڪرڻ گھرجي۔ جن جي ڪم ڪرڻ سان ئي سندن گھر جو چرخو چري ٿو۔ هن لاڪ ڊائون ۾ فوري طور تي مقامي سطح تي محلي محلي منجھه ڪاميٽيون جوڙيون وڃن جيڪي اھڙن گھرن تائين پهچي سندن مالي سهائتاڪري کين فاقاڪشي کان بچائن جيئن سنڌ جي انهن سورمين جي انهن سوڊين ڄي واهرٿي سگھي۔
جيتوڻيڪ گھڻا سال اڳ شروع ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کان وٺي ھن حڪومت جي هن احساس پروگرام سميت ڪوبه پروگرام مستحق ماڻھن کي جوڳو لاڀ ڏئي ڪونه سگھيو آھي۔ ا ن غلط ورڇ ۽ ناڪام پاليسين جي چڪي ۾سفيد پوش حقدار ئي ڀوڳين ٿا۔ اسان جون عورتون اهڙي ئي درد جي دانهن آھن جيڪا ورنائجڻ جي آس ۾ سڏڪي رهي آھي۔ ڇاهن دانهن جي درد جو دارون ٿيندو۔ ڇا هي سڏڪو وس وارن جو ڌيان ڇڪائي سگھندو۔ ڇا هن صورتحال ۾ورڪنگ وومن جي معاشي حالت بهتر ٿي سگھندي۔؟

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *