تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

لاڪ ڊائون محبتون…روشن شيخ

موتمار وبا جي ھنن ڏهاڙن ۾
مونکي ڏينھن ۾ ٽي دفعا
اڌ اڌ ڪوپ چانھه پيئڻ جي
عياشي به منع ٿي وئي آهي
منهنجي گھرواريءَ
مھيني جي سامان لسٽ ۾
ڪجھه ائٽم پلس ڪري ڇڏيا آهن
ٻه ٽي ڊٽول صابڻَ
۽ ڪجه سينيٽائيزرس به
لسٽ جو حصو ٿي ويا آهن
حالاتن جو گمنام ڪورونا وائرس
ڪنهن نه ڪنهن ڀتِ جي اوٽَ ۾
اسان جي انتظارَ ۾
ڇپَ هنيو ويٺو آهي
اسان ڪنهن به مهل
حياتيءَ جي لسٽ مان
خارج ٿي سگهون ٿا
خوفَ سوئر ۽ ڪتي کي گڏ
ويهاري ڇڏيو آهي
بک ۽ ڇت ڪتائيءَ جي هنن ڏهاڙن ۾
محبت به ڄڻ ته
ڪنھن وبا جي صورت اختيار ڪري وئي آهي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *