تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

لاڪ ڊائون سبب تعليم تي اثر…ورثا پيرزادو

پاڪستان تي ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون لڳائڻ سان هر شعبي تي اثر ٿيو آهي.سڀ کان وڌيڪ معاشي طور تي پاڪستان کي نقصان رسيو آهي پر جيئن غور ڪيون ته اسان جي تعليم کي به نقصان ٿيو آهي اسان هڪ بنيادي ضرورت کان محروم پيا ٿيون.گھٽ اهڙا شاگرد آهن جن پنهنجي علم حاصل ڪرڻ واري عادت کي برقرار رکيو آهي ۽ هن وقت به ڪتاب پڙهڻ جي عادت کي جاري رکيو آهي پر وڏي انگ ۾ شاگرد وقت گذارڻ لاءِ ۽ پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ عارضي تفريحي ايپليڪيشز تي وقت ضايع پيا ڪن.
اهو تمام اهم سوال آهي ته اسان جا نوجوان ۽ ٻار هن وقت علم حاصل ڪرڻ بدران ڪيئن پنهنجو وقت ضايع پيا ڪن؟ سماجي رابطن جي ويب سائٽس نسل کي بيڪار ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.اسان جي تعليم کاتي پاران ڪيل اعلان جنهن ۾ چيو ويو ته شاگردن لاءِ آن لائن ڪلاسز ڪرائبيون به صرف ڳالهين تائين محدود رهيو ۽ جتي وري ان تي عمل ٿئي پيو اتي شاگردن پاران عدم دلچسپي جو مظاهرو ٿيو آهي ۽ ان خلاف ڪا به ضروري ڪاروائي نه ٿي آهي.آن لائن ڪلاسز جو نقصان اهو آهي ته استاد ڪتاب تي لکيل اکر پڙهي پنهنجو فرض پورو ڪري ٿو ڇڏي ۽ شاگرد جنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي پريشان ٿي ويهي ٿو رهي ڇاڪاڻ ته سوال جواب وارو عمل ساڳيو نه رهيو آهي.جيئن شاگرد همٿ ڪري سوال ڪري به ٿو ته فني مسئلا خاموش ڪرائي ٿا ڇڏين.ڪنهن جي نيٽ آهستي هلندي آهي ته ڪنهن جي گھر ۾ گوڙ ٿيندو آهي جنهن جي ڪري نه هو سمجهي سگهندو آهي نه وري ڪو سوال ڪري سگهندو آهي.بهرحال ان ۾ شاگردن جو ئي نقصان ٿيو آهي .جيئن استاد آن لائن ڪلاسز نٿا رکن تڏهن به شاگرد پريشان آهن ته نيٺ امتحان به ٿيندا ۽ پوءِ اهي پاس ڪيئن ڪبا؟
حڪومت اعلان ڪيو ته ايل ايم ايس ذريعي ڪلاسز رکرايون وينديون پر هن وقت به ان تي ڪو عمل نه ٿيو آهي.تعليم تي ڳالهائڻ بدران سياست تي زور ڏئي حڪومت ڪڏهن مفت راشن ورڇ جو اعلان پئي ڪري ته ڪا وري غريبن جو احساس ڪندي مفت پئسا ورهائڻ جي ڳالهه پئي ڪري.اها ڳالهه اسان جي ذهن ۾ هجڻ گهرجي ته نوجوان نسل مستقبل جو معمار آهي.اڄ جيئن انهن جي مستقبل تي ڌيان نه ڏنو ويو ته وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو.ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته “جان آهي ته جهان آهي” ۽ صحت بنا هر شيءَ ناممڪن آهي پر اسان کي صحت سان گڏ تعليم تي به غور ڪرڻو پوندو.حڪومت اعلان ڪرڻ بدران عمل ڪري ۽ شاگردن جي ذهنن ۾ پيدا ٿيندڙ سوالن جا جواب ڏئي!
وڏين يونيورسٽين ۾ آن لائن ڪلاسز سٺي نموني هلي رهيا آهن.جتي شاگرد ۽ استاد هڪ ئي طبقي سان تعلق رکڻ وارا آهن.شاگرد به آن لائن ڪلاس وٺي سگھي ٿو۽ استاد به آن لائن ڪلاس رکڻ جي صلاحِت رکي ٿو پر ننڍين يونيورسٽين ۾ اهو به وڏو مسئلو آهي نه شاگرد آن لائن ڪلاس وٺي ٿو سگھي ۽ نه وري استادن کي آن لائن ڪلاس رکڻ جي صلاحيت آهي.سڀ کان وڏو مسئلو هڪ سٺي فون،سٺو انٽرنيت ڪنيڪشن ۽ پرسڪون ماحول آهي جيڪو گھٽ شاگردن ۽ استادن کي ميسر آهي.ان کان علاوه استادن پاران ڏنل اسائنمينٽ تي عمل ڪرڻ به ڪجهه شاگردن لاءِ ڏکيو آهي. يونيورسٽين ۾ کليل اسٽيشنري دڪان تان اسائمينٽ ڪرڻ جو سامان ملي ويندو هو پر هن ماحول ۾ دڪان بند هجڻ ڪري ۽ ڪي وري دڪان پري هجڻ ڪري هڪ شاگرد اسائنمينٽ ڪرڻ جو سامان وٺي نٿو سگھي. انهن سڀني مسئلن کي سامهون رکي اسان جي حڪومت کي سٺا فيصلا ڪرڻ گھرجن ۽ رڳو استادن نه پر شاگردن کان به صلاح ورتي وڃي ته ڇا اهي فيصلا شاگردن لاءِ بهتر ۽ Affordable آهن يا نه؟ شاگردن جي نمائندگي انهن جو ڪلاس ريپريزينٽيٽو ڪري سگھي ٿو .جيترو جلد ٿي سگھي تعليم واري مسئلي کي حل ڪرڻ گھرجي ته جيئن شاگرد سک جو ساهه کڻن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *