تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

لاڪ ڊائون جا ڏينھن ۽ راتيون..پاليسي ميٽر جي تلوار سان زنگيل انصاف …امداد سولنگي

پاڪستان ۾ انصاف جو سرشتو( عدالتون ۽ پوليس) جنھن پروسيجرل قانون تحت ڪم ڪن ٿا سو قانون ڪوڊس، ايڪٽس، آڊرس ۽ رولز ۾ خط استوا جي ليڪ وانگر ورهايل آھي.فوجداري ۽ ديواني معاملا مذڪوره قائدن پٽاندڙ ٻڌي ۽ پوءِ انھن جي روشني ۾ مٿن فيصلا صادر ڪيا وڃن ٿا..پر ان کان علاوه عدالت عظمي ۽ عدالت عاليه پنھنجا ڪجهھ صوابديدي اختيار استعمال ڪندي ڪجھه مخصوص سرڪيولر ماتحت عدالتن کي موڪلينديون آھن ته ڪجھه ڪيس انھن سرڪيولرز کي نظر ۾ رکندي اڪلايا وڃن. جج صاحب انھن سرڪيولرز جي پوئيواري ڪندي فيصلا ڏيندا آھن.جنھنڪري انصاف جو گاڏو ڪڏھن ڪڏھن ظاھري طور تي لوڏا کائيندي نظر ايندو آھي. اھي سرڪيولر جتي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جون واضح رولنگس بيل جي گرانٽ ٿيڻ کي منع ناھن ڪنديون اتي ماتحت ججن کي اڪثر ڪري ڊسمس ڪرڻ جو دڳ ڏسيندا آھن.جڏھن جج صاحبن کان نجي ڪچھري ۾ ڪير پڇڻ جي جرئت ڪندو آھي ته اھي صرف ايترو چئي خاموش ٿي ويندا آھن ته اھو پاليسي ميٽر جو حصو آھي.!!
ڪجھه عرصو اڳ نارڪوٽيڪس جي ڏوھه ۾ قيد ڪاٽيندڙ جوابدار جو ڪيس مليو، جيڪو جوابدار ڪراچي ۾ بند ھو ۽ سندس ڪيس اسپيشل جج اولهھ وٽ ھلندڙ ھو. اسپيشل جج اولھه محترم عبدالنعيم ميمڻ صاحب ھو جيڪو ڪنھن وقت ملير بار جو جنرل سيڪريٽري ھو ۽ مان ان وقت جوائنٽ سيڪريٽري ھئس! مون کي اخلاقي طرح مناسب نه لڳو ته ان جي سامھون جوابدار جي ضمانت جي درخواست ھلايان. ٻيو ته وھم لاحق ٿيو ته متان نعيم صاحب مون کي Not before me نه ڪري ڇڏي تنھنڪري مون ھڪ دوست وڪيل کي منٿ ڪئي جنھن نعيم صاحب جي سامھون ضمانت جي درخواست ھلائي پر اھا درخواست نعيم صاحب پاليسي ميٽر جي جواز سان ھڪ پيٽنٽ آرڊر تحت رد ڪري ڇڏي.! جئين ته نعيم صاحب جنھن جي ليگل ۽ انٽليڪچوئل ايپروچ کان مان واقف ھئس تنھنڪري مون اھو نتيجو ڪڍيو ته ٿي سگھي ٿو متان نعيم صاحب ڪيس جا ميرٽس ڪنسيڊر ڪري بيل گرانٽ ڪري ڇڏي پر اھو منھنجو اندازو غلط ثابت ٿيو.
نعيم ميمڻ صاحب سيشن ججز جي لسٽ ۾ سنڌ جو نوجوان سيشن جج شمار ٿئي ٿو.سندس ذھانت ۽ ايمانداري کي نه رڳو سپيريئر عدالتون پر بار ايسوسيئشنس پڻ وڏي عزت جي نگاھه سان ڏسن ٿيو. پاليسي ميٽر جي تلوار سان رد ٿيل ضمانت جي درخواست مون سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي جيڪا روسٽر کان ڦرندي اچي جسٽس عبدالماڪ گدي صاحب وٽ فڪس ٿي.جنھن ڏينھن ضمانت جي درخواست ھلائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيس ته منھنجو دل گھريو دوست ايڊشنل پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ عبدالقدير ميمڻ سرڪار پاران حاضر ٿيو.جنھن ڪافي جفاڪشي ڪئي ته بيل گرانٽ نه ٿئي پر جناب عبدالمالڪ صاحب منھنجا دليل ٻڌي ضمانت منظور ڪري ڇڏي.مون پوءِ دل ئي دل ۾ پاليسي ميٽر واري تلوار تي مرڪي ڏنو!

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *