تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

لاڪ ڊائون جا ڏينھن ۽ راتيون .! جڳ مشھور ناول نگار نٽ ھمسن تي ويچار …امداد سولنگي

اتر يورپ جو ھڪڙو ننڍڙو خطو آھي جنھن کي اسڪينڊي نيوياسڏيو وڃي ٿو.ان ننڍڙي خطي ۾ ٽي عدد ملڪ ڊنمارڪ، ناروي ۽ سوئيڊن اچي وڃن ٿا. ناروي کي ننڍڙي خطي جو مھانڊو سڏيو وڃي ٿو. وڏا پھاڙ، برفاني ڇپون ۽ اونھا سامونڊي رستا ھن خطي جو شان آھن.اوسلو ناروي جي گاڌي جو ھنڌ آھي.ھي اھو ئي اوسلو آھي جتي 1993 ڌاري فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن ۽ اسرائيلي حڪومت جي وچم ھڪ راضي نامو ٿيو ھو جيڪو بعد ۾ Oslo Accord جي نالي سان مشھور ٿيو.اوسلو جي ٻي به ھڪ بين القوامي سڃاڻپ آھي ته اھو شھر دنيا ۾ عجائب گھرن جي حوالي سان تمام گھڻو مشھور آھي.اھڙي دنيا جي اھم ملڪ ۾ 4 آگسٽ 1859 ڌاري ھڪ اھم ٻار جي پيدائش ٿي جنھن اڳتي ھلي پنھنجي ملڪ جي سڃاڻپ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.ڇاڪاڻ ته ان ٻار لکڻ جي دنيا ۾ اھو نالو ڪڍيو جو ھن کي 1920 ڌاري دنيا جي سڀ کان وڏي اعزاز نوبل پرائز سان نوازيو ويو.اھو اعزاز ھن کي سندس لڳ ڀڳ ستر سالن جي ادبي خدمتن جي عيوض ڏنو ويو ھو.ھا اھو ماڻھوھيونٽ ھمسن/Knut Hamsun .نٽ ھمسن لڳ ڀڳ 20 ناول لکيا.جڏھن ته شاعري به ڪئي ۽ ڪجھ مختصر ڪھاڻيون، ڊرامه، سفرنامه ۽ مضمون پڻ لکيا.
نٽ ھمسن مشھور ادبي لاڙن حقيقت نگاري ۽ فطرت پسندي تي وڏا اعتراض اٿاريا.سندس چوڻ ھو ته جديد ادب جي جيڪڏهن انساني دماغ ۾ موجود گھراين کي نٿو ماپي ته اھو ڪنھن ڪم جو نه آھي.ھو چوندو ھو ته ليکڪ کي انسان جي رت جي سرگوشين کي ڪنائڻ کپي ۽ Bone marrow جي لاءِ وڙھڻ کپي.نٽ ھمسن کي اڳتي ھلي نئين رومانوي بغاوت/New Romantic Revolt جو اڳواڻ قرار ڏنو ويو.اھو لقب ان کي سندس اھم ترين ناول بک/Huger جي ڪري ڏنو ويو.جيڪو 1890 ڌاري منظر عام تي آيو.ان کان علاه ھن ڳجھ، وڌڻي، شاھي سواري جھڙا اھم ناول پڻ لکيا.نفسياتي ادب جو موجد به ھن کي مڃيو وڃي ٿو.ڇاڪاڻ ته شعور جي رو کي ھن نفسياتي ادب لکڻ لاءِ سڀ کان اول ۽ مضبوط نموني ڪتب آندو.ساڳي طرح Interior Monologue واري اسٽائيل به ھن جي رواج ۾ آندل آھي.ھن کان پوءِ جا اڀرندڙاھم عالمي ادب جا مک نالا جھڙوڪر فرانز ڪافڪا، ميڪسم گورڪي، اسٽيفن زويگ، ھينري ملر، ھرمن ھيس ۽ ارنيسٽ ھيمنگوي نٽ ھمسن کان ھر حوالي کان شديد متاثر نظر اچن ٿا. نقادن نٽ ھمسن کي Moder School of Literature جو ابو پڻ ڪوٺيو ۽ سندس متعارف ڪرايل اسلوبن کي جديد ادب جو بڻ قرار ڏنو.ڪجھ نقادن ته ايتري تائين وڃي به لکيو ته Modern School of Fiction کي نٽ ھمسن پير عطا ڪيا.ھو 19 فيبروري 1952 ڌاري زندگي جي جنگ بھادري سان وڙھندي ھارائي ويو.
بک ناول جي لکجڻ جي ڪھاڻي به عجيب آھي.ڇاڪاڻ ته نٽ اھو ناول آمريڪا جي ناڪام/Ill Fated سفر جي واپسي کان پوءِ لکيو ھو.لاڳاپيل ناول دراصل ليکڪ جي پنھنجي غربت جي ڪھاڻي تي آڌاريل آھي جنھن ۾ ھن ھڪ ڪردار گھڙي اھو عڪس چٽڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ته غربت جي وبا ۾جڏھن ماڻھو وچڙي ويندا آھن ته پوءِ ان وبا مان نڪرڻ لاءِ ماڻھن کي ڪھڙا ڪھڙا عجيب ۽ اگرا جتن ڪرڻا ٿا پون ۽ ڪيتريون نه خالي ھٿن سان ڊگھيون جنگ جوٽڻيون ٿيون پون. ليکڪ اھو ٿو ڏيکاري ته جڏھن ڪو ماڻھو اھڙي ويڙھ جوٽي ٿو ته سڀ کان اول جنھن شي سان سندس مقابلو ٿئي ٿو سو وھم ھجي ٿو.جيڪوماڻھوجي جذبي کي نيستو ڪري ٿو ڇڏي. ايتري تائين جو ماڻھو جي سڌ ٻڌ ئي ختم ٿيو وڃي. ڀلي اھو ماڻھوڪيتري نه شھري زندگي جو رھاڪو ھجي پر انڌيرا سندس وک وک تي آڌرڀاءُ ڪن ٿا.پر ان مايوس ڪندڙ حالتن جي باوجود ليکڪ ناول ۾ اھو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ويڙھ مان ڪنھن به قيمت تي ھٿ ناھن ڪڍڻا. ليکڪ پاڻ کي ڪردار جي روپ ۾ اھڙو Composed ڏيکاريو آھي جو ھڪ پاسي شديد مايوسي ۾ مبتلا آھي ته وري ٻئي پاسي ان مايوسي کي ڪنھن تي به ظاهر ٿيڻ نٿو ڏئي.
ليکڪ جي سموري ناول ۾ لڳاتار ڪوشش رھي ٿي ته سندس اندر جي ڀڃ ڊاھ جو راز ڪنھن تي به ظاھر نه ٿئي .دارصل ھڪ اتساھيندڙ جذبي جي پروش ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ جو حسين عمل آھي.ڇاڪاڻ ته اسان وٽ زندگين ۾ ڏکين حالتن وقت قدرن تي ٺاهه ڪرڻ جو ڪلچر عام جام ڳالھ آھي پر انجي ابتڙ بک ناول جو موضوع آھي ته ڀلي ڪيترا به ڏکيا ڏينھن اچن پر اتساھيندڙ قدرن جي پاس خاطري ڪرڻ واري عمل تان ھٿ نه کڻڻ کپي .ناول ۾ اندر جي دنيا ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاھ کي وڏي تخليقي انداز ۾ چٽيو ويو آھي. ناول ۾ ڪيترا ئي موڙ ڏيکاريا وڃن ٿا. ھڪ ھنڌ ڪردار تي وڏا قيامت وار ڏينھن برپا ٿيندي ڏيکاريا ويا آھن ۽ ھن جي دل کي ڏکاين جي کڏ ۾ ڪرندي ڏيکاريو ٿو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪنھن به ڌنڌي کي اختيار ڪرڻ لاء سندس همت نابري واري ٿي ڇڏي ناول گڏيل احساسن جي ٻڏتر وارين ڪيفيتن جو اٻڙڪا ڏيندڙ عڪس آھي.ناول ڪٿي ڪٿي دوستو وسڪيء جي ناول جي مک ڪردار کي فالو ڪندي نظر اچي ٿو.ان کان علاوه Naturalist Sesibilty جي ھڪ ٻئي ليکڪ Emile Zola جي فڪشن جو اثر به محسوس ٿئي ٿو.جئين Emile Zola پنھنجي فڪشن ۾ Realist Tradition کي رد ڏئي ٿو نٽ به ائين ئي ڪري ٿو.بک ناول ٻن مک ادبي /Literary ۽ نظرياتي Ideological سوالن /Leitmotif تي آڌاريل نظر اچي ٿو.اھي آھن.
1.The intricacies of the humam mind ought to be the main object of modern literature
2.The Wishper of the blood & the pleading of the bone marrow.
اھي ٻئي سوال ڪنھن نه ڪنھن طرح بک ناول جي مکيه ٿيم جو اثاس آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *