تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

لاڪ ڊائون جا ڏينھن ۽ راتيون…امداد سولنگي

جڏھن نماڻي سنڌي کي دوا جي ضرورت ھئي ته اسان دوستن ان کي شراب وٺي ڏنو…نماڻو سنڌي انھن سگھارن تصورن وارو شاعر ھو جن تصورن جي باري ۾ آئين سٽائن چيو ھو ته ڪن شاعرن جا تصور ايٽم بم جي تصورن کان وڌيڪ طاقتور ٿيندا آھن…پر نماڻي کي ھشي ڏيندڙ دوستن صحيح رستي ڏانهن وڃڻ نه ڏنو رھندو سندس ڪيل ھڪ غلطي کي سورھيائپ جو غلط رنگ ڏئي ھن کي خاموشي سان موت جي ويجھو ڪري ڇڏيو..
نماڻو واپڊا ۾ ته ننڍڙي ملازمت ڪندو ھو پر سندس دوست جيڪي ٻارھوئي ھن جي ھالا اسڪارپ واري ڪواٽر تي مفت جي شراب پيئڻ جي عادت جي ڪري گھر گھاٽ ڇڏي رھيا پيا ھوندا ھئا تن جو خبر ناھي ته نماڻي يا نماڻي جي خاندان ڏي ڪھڙو حساب رھيل ھو جو نماڻي کي اھو بانور ڪرائيندا ھئا ته نماڻا تون ھن سموري واپڊا جو مالڪ آھين ۽ واپڊا جوسج توتي لھي ۽ اڀري ٿو.نماڻو جيڪو پنھنجي نه رڳو ڏيک ويک ۾ سادو ۽ معصوم نظر ايندو ھو سو دل جو به ايترو ڪونرڙو ھو. سندس نادان دوستن جي ھشين ھن کي خبر ناھي ڪھڙي خيالن ۾ وجھي ڇڏيو جو ھڪ ڏينھن ميرپورخاص ۾ جڏھن ايل بي او ڊي جي ڊائريڪٽر سان سندس ڪنھن معمولي ڳالھه تان بحث مباحثو ٿي پيو ته ھن نڪا ڪئي ھم نڪا تم ۽ پنھنجن دوستن جي نادان ريڊ آرمي کي پنھنجو تحفظ جو مورچو ڀائيندي gross missconduct جي ڏوھ ۾ وڃي ائين ھٿ وڌائين جئين ڪو ابھم ٻار بيخبري ۾ بجلي جي تارن ۾ ھٿ وجھي ۽ پنھنجي خاتمي جو اعلان ڪري.
پوءِ ٿيو ڇا بس اھو ئي ٿيو جيڪي دوست نماڻي کي ڪلھن تي کڻي گھمائيندا ھئا تن کي نه رڳو نماڻو وڻڻ ڇڏي ويو پر نماڻي جي شاعري به اڪيھي وانگر ڀائنجڻ لڳي، نماڻي جا دوست ته اصل ۾ مدارين وانگر ھئا جو بجاءِ نماڻي کي مالي طرح مستحڪم ڪرائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪن ھا پر رھندو ھن کي ھڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تائين جو قليل ڪرايو ڏئي ھن جي ڏات مان حض ماڻڻ جي چڪر ۾ ھن جي اندر ۾ ڪر کنيل جسماني ڀڃ ڊاھه کان به مجرمانه لاتعلقي اختيار ڪندا ويا، نماڻو ھاڻ رڳو لاچار ڦري رھيو ھو، ھڪ پاسي دعويٰ ڪئي ٿي وئي ته نماڻو ايترو وڏو شاعر آھي ۽ ٻئي پاسي جڏھن ان جي نوڪري ھلي وئي ته ايڏي وڏي شاعر کي لاتعلقي جي کوھه ۾ وڏي ڇپ ٻڌي اڇليو ويو..
ڇا اھو عمل درست ھو جو ايڏي اھم تخليقي شاعر سان ساڳي دور ۾ سندس مٿان نازل ٿيل غربت جي مصيبت جي ڪري رڳو ڀاڙي جي ڍور وانگر ورتاءُ ڪجي ھا ! پر نماڻي سان ائين ٿيو، ھو آھستي آهستي غربت جي دٻاءُ جي ڪري جسماني بيمارين ۾ وچڙندو ويو ۽ ٻئي طرف اسان دوستن سندس مسئلن جو حل وري اھو ڪڍيو جو جنھن وقت ھن کي دوا جي ضرورت ھئي اسان دوستن ان کي شراب وٺي ڏنو، ڇا اڄ جيڪي دوست اھا دعويٰ ڪن ٿا ته ھو نماڻي سان ايتري محبت ڪندا ھئا جو کيس رڳو اچڻ وڃڻ جو ڪرايو ڏيندا ھئا تڏھن به ھو سندن وٽ اچڻ ۾ عار محسوس نه ڪندو ھو ڇا سندن نماڻي سان اھو ورتاءُ درست ھو!؟؟؟
نماڻو اھڙين حالتن ۾ ڇا ٿي ڪري سگھيو ۽ پنھنجي ٻيرا ٻيرا ٿيندڙ وجود جا ٽڪرا ڪنھن ڪنھن کي ڏيکاري ھا تنھنڪري نماڻي جي سر مٿان جنھن دوست جيڪا به مھرباني ڪئي ٿي نماڻي ان کي غنيمت ٿي ڄاتو ڇو ته ھن جا سڀ دروازا بند ٿي چڪا ھئا، نماڻي جڏھن آخر ۾ پاڻ کي موت جي صفا ويجھو ڏٺو ته رڳو اھا خواھش ڪيائين ته سندس زندگي ۾ جيڪڏهن ڪتاب ڇپايو وڃي ته ھو سنگت جا احسان ڀائيندو رھندو تڏھن ڪجهھ دوستن ڦوڙي ڪري سندس ڪتاب ستارن رم جھول منظر عام تي آندو ….نماڻي سنڌي جي جن به دوستن جي منھنجي ھنن مختصر اکرن لکڻ جي ڪري ڪا دل آزاري ٿي ھجي ته مان اڳواٽ معافي جو طلبگار آھيان..
نماڻا اي سنڌ جا محبوب شاعر جڏھن به تنھنجي ياد ايندي آھي ته اسان کي پنھنجا گناھه ياد ايندا آھن، واقعي تو جيڪو ھن جڳ کي ڪولھڻ جي اک سان ڏسڻ کان پوءِ ان کي تغاري سان ڀيٽيو ھو تون ان ڀيٽا ۾ بلڪل درست ھئين.
پٿر ڍوئيندي ڪولھڻ سوچو
سارو جڳ تغاري آھي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *