تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

لاڪ ڊائون جا ڏينھن ۽ راتيون … امداد سولنگي

بيمارين ۾ وچڙڻ جا تجربا به ڏاڍا ڀيانڪ ٿيندا آھن.پر اھي ڀيانڪ تجربا ڳجهھ بنجي رھجي ويندا آھن جيڪڏهن انھن بيمارين ۾ وچڙندڙ اک ڪا غير معمولي اک نٿي ھجي. ضيا ابڙو جديد دنيا جي وڏي ۾ وڏي وبا ڪوڊ 19 جو شڪار ٿيندڙ سنڌي ٻولي جو غير معمولي پاٺڪ/اديب آھي..ضيا ابڙو ھن وبا جي گھيري ۾ شايد ان وقت آيو ھو جڏھن ھو سنڌي ٻولي جي ھڪ غير معمولي ليکڪ جي چالاڻي جي رسمن ۾ پنھنجي گھرن دوستن سميت شريڪ ٿيو ھو.ڪافي عرصي کان اسان جي ڪٽنب سان گھر ڀاتين واري تعلق ۾ ڳنڍيل رھندڙ ضيا ابڙو ۽ سندس ٻيو ڀا ڊاڪٽر ضياالحسن ابڙي جو جوڙ اسان سڀني لاءِ ڏاڍو ideal رھندو ٿو اچي.ٻئي ڀائر اڳوڻي ڊائريڪٽر اطلاعات سنڌ مرحوم نصرت حسين ابڙي جو ڪارائتو اولاد آھن.سندن جنم ڀومي شڪارپور جو تاريخي شھر مديجي آھي.اھا مديجي ساڳي مديجي آھي جنھن جي اتر پاسي بوھي جا قبا ۽ ڏکڻ پاسي ڀانڊو جا قبا آھن جيڪي سنڌ جي اھم تاريخي ورثي جي حيثيت رکن ٿا. نصرت حسين ابڙو جنھن سان سندس سچل ڳوٺ واري رھائشگاھ تي انيڪ ملاقاتون ھيون سو دراصل پنھنجي سڀاءُ ۾ ڏاڍو معتبر شخص ھو.مان جڏھن علي اصغر خاصخيلي سان گڏ خانگي تعليمي اداري مھراڻ ايجوڪيشنل فائونڊيشن ڪراچي سان واڳيل ھيس ته اسان نصرت ابڙي جا ڪافي تعليمي نوعيت جا ليڪچر پڻ منعقد ڪرايا ھئا
زندگي ۾ پھريون دفعو نصرت ابڙي سان رکيل مورائي سان گڏجي سندس صدر واري سرڪاري آفيس ۾ مليو ھيس جتي هو ڊائريڪٽر اطلاعات جي عھدي تي فائز ھو.ڪچھري گھڻي دير تائين ھلي ته هن سنڌي مھانوازي واري روايت کي پاڻي ڏيندي اسان لاءِ برنس روڊ تان حليم،نان ۽ برياني گھرائي اسان کي مانجھاندو ڪرايو .حالانڪه مانجھاندو ھيو ته ڏاڍو سادو پر ان ۾ جيڪو ثقافتي خلوص شامل ھو سو اڄ تائين ناھي وسري سگھيو.گھڻو پوءِ وري سندس خاندان ۽ اسان کي سچل ڳوٺ گڏائي ڇڏيو پر اھو گڏجڻ جو منظر نامون بلڪل نئون ھو افسوس سان ان منظر نامي ۾ نصرت ابڙو شامل نه ھو ڇو ته موت ھن کي گھڻو اڳ اسان کان گلاب جي گل وانگر ڇني ڌار ڪري ڇڏيو ھو.موت کي ڪيڏي نه عجيب اڇا شڪتي آھي جيڪا ھر منظر نامي کي بنا اطلاع تبديل ڪري ٿي ڇڏي. ڪجهھ ڏينھن اڳ سندس ڪوڊ 19 جي وبا ۾ وٺجڻ واري مبھم اطلاع کي پڪ ڪرڻ لاءِ مون پياري ضيا ابڙي کي ميسنجر تي ڪال ڪئي ۽ ھن موٽ ۾ وڏي اعتماد سان ٻڌايو ته اھا خبر درست آھي ۽ جنھن ڪري ھن پاڻ کي ڪرنٽائين ڪري ڇڏيو آهي تڏھن مون پنھنجو پاڻ کي وياڪلتا جي ڪنب ۾ ٻڏندي محسوس ڪيو پر ھڪدم ھن جي پراعتماد آواز مون کي وڏو اتساھه بخشي ٽاري ڇڏيو ۽ مون ڄاڻي ورتو ته ضيا ابڙو ڪوڊ 19 سان ويڙھه ڪرڻ لاءِ ھر حوالي کان تيار آھي.اڄ اسان جو دل گھريو دوست جديد سنڌي ادب جو سنجيده پاٺڪ ۽ اديب ضيا ابڙو ڪوڊ 19 سان وڏي جنگ وڙھي رھيو آھي.مايوسي ضرور فطري عمل آھي پر اھا ھن جي ويجھو نٿي اچي ۽ نه ئي ھن کي نيستو ٿي بنائي ڇو ته سندس شعور ڏاڍو پخطو آھي ۽ سموري دنيا ڄاڻي ٿي ته شعور جي طاقت ۽ سگهھ ھٿين خالي به وڏي کان وڏي جنگ اورچائي سان وڙھي سگھي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *