تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

قِصو ڪورونا، ڪتن ۽ مڪڙن جي ستايل ديس ۾ اڳٺ وڪڻڻ جو!

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد بشير خان قريشي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو شهر لاڙڪاڻو تمام خوشحال ۽ خوبصورت هو، باسمتي چانورن ۽ ماهوٽاجي زيتونن جي ڪري ملڪان ملڪ مشهرو هو ان ڪري پهاڪو مشهور ٿيو ته “هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو” پوءِ بدقسمتي سان لاڙڪاڻي ۾ اهڙا محلاتي ۽ جهنگلاتي ڌاڙيل پيدا ٿي پيا جو پهاڪو بدلجي “هجيئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو” ٿي پيو. ڪيئن پر امن ماڻهو مسلمان توڙي ديوان لاڙڪاڻو ڇڏي حيدرآباد ڪراچي لڏي ويا ڪي ته ماڳهين هندستان هليا ويا. سنڌ جي وحدت ۽ صوبائي حيثيت ختم ڪندڙ ايوب کهڙو به لاڙڪاڻي جو هو. لاڙڪاڻي ۾ قبائلي جهيڙا به زور وٺي ويا. لاڙڪاڻي جي رتوديرو ۾ ته هزارين ماڻهو ايڊز جي وبا ۾ وٺجي ويا.
هاڻي هزارين ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهڻ ۾ به لاڙڪاڻو پهرين نمبر تي آهي. اڳي مشهور انقلابي شاعر حبيب جالب جو هي شعر مشهور ٿيو ته “لاڙڪانه چلو! لاڙڪانه چلو! ورنه ٿاني چلو!” هاڻي وري هي اعلان مشهور ٿيو آهي ته “جنهن به مسلمان ڌارئي، پنجابي، پٺاڻ، بنگالي ۽ برمائي ڀاءُ کي ڪوڙو ڊوميسائيل کپي ته لاڙڪاڻي هليو اچي هزارين ڌاريا سنڌين جي روزگار ۽ حق کي لت هڻي ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائي عاليشان نوڪرين تي قابض ٿي ويا. ٽيوي تي اهڙيون خبرون ڏسي منهنجي اکين ۾ رت اچي ويو . اسين سنڌ جا 90 سيڪڙو غريب ماڻهو اڳيئي ڪورونا، مڪڙن، رول ڇتن ڪتن، گيسٽرو، پوليو، ايڊز، ڪرپشن، لاڪ ڊائون، بيروزگاري ۽ بک ۾ مرون پيا. مٿان وري اسان جا بي ضمير ۽ بي درد آفيسر نوجوانن سان ظلم ڪري کين خودڪشين تي مجبور پيا ڪن. آئون انهي درد جي دنيا ۾ غرقور هئس ته طوطن ماءُ هاءِ گهوڙا ڪري اچي پهتي چئي اٽو ڪونهي، کنڊ ڪونهي، پتي ڪونهي، طوطن کي پائڻ لاءِ جتي ڪونهي، گيهه ڪونهي، ڀت ڪونهي، چهر ڪونهي، خودڪشي ڪرڻ لاءِ گهر ۾ زهر ڪونهي! چيومانس طوطن ماءُ اها قمبراڻي ۽ اڏيرائي واري شاعري ڪٿان سکي آئي آهين؟ چيائين مئا! جتي بک هوندي آهي اتي شاعري ايئن خودبخود پيدا ٿيندي آهي. جيئن ڪلر ۾ لئي، رستن تي ديوي ۽ مقام ۾ ڄار پيدا ٿيندي آهي! چيومانس سبحان الله! تو وارو جواب پاڻ واري سائنس جي وزير فواد چوڌري وانگر 16 آنا صحيح آهي. اهي گيت غزل وايون ۽ ٽيڙو، ڪلام قافيون بند ڪر آئون سيڌي سامان لاءِ هٿ پير هڻان ٿو. کيس هميشه جيان لکن جو ليکو ڏيئي آئون ٻاهر نڪري مٺن موالي جي اوتاري تي پهتس. ڏٺم ته اوتاري جي اڳيان موالي احتجاج پيا ڪن. نعرن جي ڌم هجي ڀنگ ناهي ڇو ڀلا ، جيسين ڏنڊي ڪونڊي جي نه تياري ٿيندي جنگ اسان جي جاري رهندي، جيسين چنڊ ستارا رهندا موالين جا نعرا رهندا. دنيا ڪي مواليو ايڪ هو جائو، موالي اتحاد زنده آباد! مون وڃي خبر وتي ته لاڪ ڊائون جي ڪري مٺن موالي ليٽ ٿي ويو هو. موالين کي نشو پتو ڪو نه ٿي مليو تڏهن گوڙ ڪيو هيائون. مون موالين جا مطالبا مڃڻ لاءِ ٽه رڪني امن ڪميٽي ٺاهي جنهن جا ميمبر لال سائين، کجو کنڀڙاٽي ۽ آئون پاڻ پنڊ هئاسين. موالين ڊيمانڊ آف چارٽر پيش ڪيو جنهن موجب کين مهيني ٻن کان غرق الخيال ۽ برق الخيال کان محروم رکيو ويو هو. مون انهي ڪوڊ اکرن جا اصلي نالا پڇيا ترتيبوار ٻڌايائون آفيم، ڀنگ، ٺرو ۽ چرس. آئون حيران ٿي ويس واهه جا نالا رکيا هيائون. اصل ڳالهه اها هئي ته لاڪ ڊائون جي ڪري اسين سڀ موالي لڏي وارا اٽي ۾ جهليل هئاسين. نيٺ مسئلي جي حل لاءِ اسين جلوس ڪڍي رئيس گلڻ خان گول باڊي جي اوطاق تي وياسين. تنهن حاڪم طائي جي قبر کي لت هڻي موالين کي ٻوري ان جي  ڏني پوءِ ته ڪيئي مال اچي ويا. ڪونڊي ۾ ڏنڊو ڇيرون ٻڌي نچڻ لڳو. موالي ڏوڪ ڏوڪان ڪري نعرا هڻڻ لڳا. اچي اچي سر گول باڊي جو بچي، هڪڙي پوک ته ٻي بچي گهر ۾ اٽو ڪونهي ته به موالي پيو نچي. موالي جڏهن غرق الخيال ٿيا ته مون پنهجو درد جو داستان لال سائين سان اوريو. چيومانس اڻ هوندي جي ڪري هاڻي طوطن ماءُ ماڳهين ڇاتي تي تريون ۽ پٺن تي لتون ٿي هڻي. لال سائين مون کي 300 روپيا اڌارا ڏنا چيائين “انهان پئسان چون اڳٺ گهن ،شهر وچ وڃ وڪڻ! ڪلمي نال ڪمائسين!” مون شهر وڃي انهن پئسن مان 30 اڳٺ ورتا. ڪلهي تي رکي وڪڻڻ لڳس. سو چيم فروٽ وڪڻندڙ باگڙين وانگر پهرين گراهڪ کي قيمت 100 روپيا ٻڌائيندس پوءِ لهي لهي نيٺ ويهن روپين ۾ ڏيئي ڇڏيندس. مون وڃي هانءُ ڦاڙ هوڪا ڏنا. اڳٺ وٺو! اڳٺ وٺو! ابا مون کان ڪير اڳٺ وٺي ئي نه! ڪجهه همراهه اچي مٽيا چيومان مون وٽ وي آءِ پي اڳٺ آهن وٺو! چيائون “انڌو آهين ڇا؟ ڏسين ڪو نه ٿو اسين سٿڻن ۾ اڳٺ وجهون پايو پيا هلون!” چيم بروبر! پر اهي اڳٺ ايوب جي دور جا ورتل آهن گسي ڪمزور ٿي ويا هوندا گس هلندي ڪٿي ٽٽي پيا ته وچ بازار ۾ ٽڪي هڪڙي جا ٿي ويندا! چيائون هل هل وڏو آيو آهي اسان کي تقرير ٻڌائڻ، هڪ همراهه کي ڏٺم واڌو واهه ۾ پيشاب ڪري اٿيو. اڳٺ جي بدران کيس سوتلي پيل هئي چيومانس “يار اڳٺ وٺ اها سوتلي چيلهه ۾ اهڙو گهاءُ وجهي ڇڏيندئي جهڙو واري ۾ بلا هلي هجي.” چيائين هل هل منهنجي گهر ۾ اٽو ئي ڪونهي تو کي اڳٺ جي لڳي آهي. پوءِ مون سوچيو ته ماين ۾ وڃي اڳٺ وڪڻان تازو کين عمران خان وارا 12000 مليا آهن. مون ريشم گلي ۾ وڃي ماين اڳيان هوڪا هنيا. اتي هڪڙي مائي مون سان بحث شروع ڪري ڏنو. چيومانس پر ادي اڳٺ اسان جي اجرڪ ٽوپي ۽ پٽڪي پوتي وانگر ثقافت آهي. توهان جي ماءُ، ناني ۽ ڏاڏي رٻڙ ڪو نه ٻڌا، توهين انگريز ٿي پيا آهيو.
منهنجا دليل کيس دل سان لڳا چيائين ٺيڪ آهي آئون اڳٺ وٺان ٿي پر کولڻ وقت ان کي ڳنڍ اچي ويئي ته مون مسڪين جا لاهه نڪري ويندا. چيومانس گهٻراءِ نه! مون کيس 150 جو پڪڙ وٺي ڏنو چيومانس انهي سان ڳنڍ کولي وٺجان! چيائين ادا آئون مستري آهيان ڇا؟ تڪڙ ۾ پڪڙ پيٽ ۾ لڳي وڃي ته رت تنهن جو بابو اچي بند ڪندو! ان جي ڳالهه سهي هئي پوءِ مون کيس ماچيس ڏنو چيومانس تيلي ٻاري ڳنڍ ساڙجان کلي چيائين هل ڙي! تيلي مان لڳيم باهه ۽ جيئري ئي اگني سنسڪار ٿي وڃان! نه ادا نه اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني! اهو چئي مائي واڪڙ واڪڙ ڪري ويئي هلي. مون سوچيو ته مائي واقعي فواد چوڌري وانگر صحيح سائنسي جواب ڏنو آهي. بحرحال هڪ به اڳٺ ڪو نه وڪاڻو مون مايوس ٿي سڀ اڳٺ دڪاندار کي واپس ڪري 300 روپيا ورتا. ان مان ٿورو ٿورو سيڌو سامان وٺي گهر آيس. اها رات خيرن جي امن امان ۽ آشتي سان گذري. سوچيم صبحاڻي ڇا ٿيندو؟ ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون اسان غريبن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي مٿان وري مڪڙن جو حملو، ڇتا ڪتا، گيسٽرو، مهانگائي، بيروزگاري، قهر جي گرمي، لوڊشيڊنگ، ماڻهن تنگ ٿي خودڪشيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪمرانن جي ڄنڊا پٽ، سس ننهن وارا جهيڙا، ڪورونا ڪيترو وقت هلندو؟ اسان غريبن جو اسان جي ٻچڙن جو بک ۾ ڇا حال ٿيندو؟ سوچي سوچي آئون ٿڌا ساهه کڻڻ لڳس، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا ننڊ ۽ سڪون حرام ٿي ويا. ذهن تي شاهه جو بيت تري آيو.
جهه سي لوڙا ئو ٿيا جنين سندي ڌير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي (شاهه)

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *