تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

قرباني جي فضيلت … جاويد احمد

اصل ۾ ”قرباني“ لفظ ”قربان“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي هر ان شيءِ جي جيڪا خدا تعاليٰ جي ويجهو ڪري ٿي ، چاهي اها ڪنهن جانور کي ذبح ڪرڻ يا خيرات ڏيڻ سان يا صدقو ڏيڻ سان هجي . خاص طرح  عيد الاضحيٰ جي ڏينهن ۾ جانورن کي ذبح ڪرڻ  قرباني سڏجي ٿي ، قرباني اسلام ۾ پهريون به ڪئي ويندي هئي پر ان جو طريقي  ٿورو مختلف هو. اڳئين مذهبن جا ماڻهو قرباني جو مال هڪ وڏي جبل جي چوٽي تي رکي ايندا هئا پوء ڪنهن سبب جي ڪري ان کي باهه ٿي لڳي ۽ اهو سڀ ڪجهه ساڙي خاڪ ٿي وڃي ته پوءِ اهو سمجهيو ويندو هو  ته اها قرباني قبول آهي. اهڙي قرباني ، پر الله تعالي جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام کي هڪ خواب ۾  پنهنجي ننڍڙي پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي خدا جي راهه ۾ قربان ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو هو جيڪو ان وقت ننڍڙو به هو . پوء حضرت ابراهيم حضرت اسماعيل عليه السلام کي سامهون ويهاريو ۽ هن کي اهو خواب بيان ڪري ٻڌايو ته حضرت اسماعيل هڪ فرمانبردار پٽ وانگر پنهنجي والد حضرت ابراهيم کي چيو ته آئون حاضر آهيان جيڪا ا لله جي رضا اوهان الله جي حڪم جي اطاعت ڪريو. پوء حضرت ابراهيم ان کي عرفات جي جبل جي چوٽيءَ ڏانهن وٺي ويو ۽ اتي  پنهنجي ننڍڙي پياري پٽ جي ٻنهي هٿن ، پيرن کي رسي سان ٻڌو  ۽ پنهنجي اکين تي پٽي به ٻڌي قرباني ڪرڻ لڳو ۽ جيئن قرباني کان فارغ ٿيو ۽ پٽي کولي ڏسي ته حضرت اسماعيل عليه السلام ڀرسان  زنده بيٺو آھي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ دنبو اچي ڊبح ٿي ويو آھي ته پوءِ اتي وري حضرت ابراهيم کي دل ۾  خيال آيو ته شايد هن جي قرباني قبول نه ڪئي وئي آھي  جڏهن غيب مان آواز آيو ته سندس قرباني قبول ڪئي وئي آھي اهو دنبو الله تعاليٰ جي طرفان رکيو ويو آھي ۽ خدا تعاليٰ توهان کان  راضي به آهي ۽ توهان جي قرباني قبول ٿي چڪي آهي.
اھڙي طرح هر سال ، اسلامي تاريخ جي آخري مهيني جي 10 ذي الحج تي ، پوري دنيا جا مسلمان  الله جي راھ ۾ ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جي سنت جي ڪري قربانيون ڪندا آھن . عيد الاضحٰي جي موقعي تي مسلمان ابراهيم جي سنت جي بحالي ڪندي جانورن کي قربان ڪندا آهن. قرباني جو مقصد قرآن ۾ واضع طور تي بيان ڪيو ويو آهي. سورت الحج جي آيت نمبر 37 ۾ ، الله تعالى جو ارشاد آهي: توهان جي قربانين جو گوشت الله تائين  نه پهچي ٿو نه ئي رت  الله کي توهان جي رت جي نه پر توهان جي تقويٰ هن تائين پهچي وڃي ٿي ، اهڙي طرح الله تعاليٰ انهن جانورن کي توهان جي ماتحت بنايو ۽ موٽ ۾ الله توهان کي هدايت ڪئي. هن جي واکاڻ ڪريو ، اي نبي ﷺ. نيڪو ڪندڙن کي خوشخبري ڏيو. “اهي آيتون واضح طور تي قرباني جي مقصد ۽ ارادي کي بيان ڪيو ويو آھي جنهن سان مسلمان کي قرباني ڪھڙي نيت سان ڪرڻ گهرجي. قرباني جو گوشت يا رت الله تعاليٰ کي نٿو پهچي پر جيترو خلوص ۽ الله تعاليٰ جي محبت سان گڏ قرباني  ڪئي ويندي اوترو وڌيڪ اجر ۽ ثواب الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيو ويندو اهو هر عمل لاءِ آهي .انهيءَ ڪري ، اسان کي منافقت ، شهرت ۽ تعصب کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ نيڪ عمل نيڪ نيڪي سان ڪرڻ گهرجي. عيدالاضحيٰ اسان کي محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندي آهي وڌيڪ هن مهيني جي حوالي سان نبي آخري زمان حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته هن مهيني جا پهريان ڏهه ڏينهن  سال جا بهترين ڏينهن آهن. انهن ڏهن ڏينهن جي دوران هر عبادت ۽ ڪيل نيڪ عمل الله تعاليٰ کي تمام گهڻو پسند آھن . اکين جي ٺار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم جن وڌيڪ فرمايو ته ان دوران هر مسلمان کي الله تعاليٰ جي تعريف ۽ ثنا  ڪرڻ گهرجي ، مطلب ۽ مفهوم کي سمجھي شوق ۽ ذوق سان ڪلام پاڪ جي تلات ڪرڻ گهرجي ، شڪايتون وساري ۽ هڪ ٻئي کي معاف ڪرڻ گهرجي ، نفرتون ختم ڪرڻ گهرجن ۽ جيڪو عرفات جي ڏينهن ۾ روزا رکندو ان جي ٻن سالن جا گناهه معاف ڪيا ويندا آهن . نبي آخري زمان چيو ته مان پاڻ ذوالحج جي پهرين نون ڏينهن لاءِ روزو رکندو آھيان . ساڳئي ان مقدس مهيني ۾ مسلمان پڻ حج جي سعادت حاصل ڪندا آهن . حضور پاڪ صلي الله عليه واله وسلم جن پاڻ به  قربانيون ڪندا هئا. مختلف احاديثن جي حوالي سان حضرت عائشه کان روايت آهي ته هوءَ چوي ٿي ته حضور اڪرم ﷺ هڪ ٻڪري ذبح ڪرڻ کانپوءِ ان جو گوشت مون کي ڏنو ، جيڪو مون سمورو ورهائي ڇڏيو صرف ڪجه حصو رکيو ان لاءِ ته پچائي حضور کي پيش ڪنديس . جڏهن نبي آخري زمان حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم گهر  آيو ۽ پڇيو ته ڪجهھ  بچيل آهي ، مون ٻڌايو ته فقط هڪ حصو رهجي ويو آهي. باقي مون سمورو ورهائي ڇڏيو آهي۔ وڌيڪ نبي ڪريم چيو ته ”عائشه ، جيڪو گوشت توهان سڀني ۾ تقسيم ڪيو آهي اهو سمورو آخرت لاءِ جمع ٿي ويو آهي ۽ ان جو اجر آخرت ۾ عطا ڪيو ويندو ۔ ان مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته اسان به پنهنجي قرباني جو گوشت غريبن يتيمن ۽ مسڪينن ۾ ورهايون جيڪو اسان کي آخرت ۾ ڪم ايندو.
قرباني جو اصل روح اهو آهي ته هڪ مسلمان کي پنهنجون سڀئي خواهشون الله جي محبت ۾ قربان ڪرڻ گهرجن. تنهن ڪري ، اسان کي الله جي حڪمن تي زندگي گذارڻ گهرجي ۔ حضرت ابراهيم عليه السلام جي زندگي جوفقط هي هڪ عظيم واقعو نه آهي اهڙا ٻيا به کوڙ عظيم واقعا آهن پر هن پنهنجي سموري زندگي الله تعاليٰ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ گذاري ،کين الله تعاليٰ طرفان جيڪو به حڪم ڏنو ويو هو ، هن فوري طور تي ان تي عمل ڪيو. الله جي خاطر پنهنجي جان ، مال ، والدين ، وطن ۽ جگر سڀ قربان ڪيا وڌيڪ قرآن ۽ سنت جي سڀني حڪمن کي نظر ۾ رکندي انسان آساني سان ان نتيجي تي پهچي سگهي ٿو جيڪو خدا جي نظر ۾ اهميت وارو آھي اهو ان جي ظاهري شڪل نه آهي اسين قرباني ، نيت ۽ تقوي جي خلوص سان الله کي خوش ڪري سگهون ٿا ، پر جيڪڏهن قرباني سان تقويٰ نصيب نه هجي ته پوء قرباني جو مقصد صرف هڪ رسم رهي ٿي. الله تعالي اسان کي به پنهنجي اندر رعا ڪاري ختم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *