تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

قديم روم جي شهر پومپي جا ڪوٺا……علي رضا قاضي

قديم زماني کان جديد دور تائين اهو بحث اڄ به جاري آهي ته جسم فروشيءَ کي قانوني درجو ڏيڻ گهرجي يا نه!؟ ان مامري کي سمجهڻ لاءِ سارا ليون رچرڊسن جو قديم روم جي شهر پومپي ۾ جسم فروشي بابت تحقيقي ڪتاب “دي بروٿل آف پومپي” پڙهڻ گهرجي، جنهن ۾ هن جسم فروشيءَ جي ڌنڌي ۾ معاشي، سماجي ۽ قانوني پيچيدگين کي کولي بيان ڪيو آهي. ڪتاب ۾ حياتياتي ضرورتن جي پيش نظر جنس تي گهڻو لکيو ويو آهي. موضوع جو محور گهڻو ڪري قديم روم جي شهر پومپي جا جڳ مشهور ڪوٺا يا جسم فروشيءَ جا اڏا آهن، جتي جسم فروشيءَ کي هڪ آرٽ جو درجو ڏنو ويو هو. بعد ۾ ڪافي مسئلن جي ڪري پومپيءَ جا ڪوٺا 79ع ۾ بند ڪيا ويا.
سال 1862ع ۾ قديم آثارن جي ماهرن کي پومپي شهر جي اتر- اولهه جي بازار جي وچ ۾ کوٽائي ۾ هڪ 2 ماڙ ڪوٺو مليو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت عورتون ۽ مرد شهر ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي سروس مهيا ڪندا هئا. ابتدائي کوٽائي کان پنج سال پوءِ مشهور ليکڪ مارڪ ٽوائن هن ڍانچي کي ڏسڻ لاءِ اتي پهتو. ڀتين تي سيڪس سان لاڳاپيل رنگين تصويرن ۽ چٽساليءَ کي ڏسي حيران ٿي چيائين: “دنيا جو ڪو به قلم، هن سچائي کي نه لکي سگهندو!” ڪوٺي جي ديوارن تي رنگين ۽ اگهاڙين تصويرن سبب پهرين ان جاءِ تي عورتن کي اچڻ کان منع ٿيل هئي، پر بعد ۾ عورتن کي به اچڻ جي اجازت ڏني وئي.
ڀتين تي اڪريل ۽ چٽيل نقش، ڀرپور نموني سان جنسي داستانن کي ظاهر ڪن ٿا. مارڪ ٽوائن جي نالي سان مشهور آهي ته هو اڪثر انهن تصويرن کي ڏسڻ لاءِ ان جاءِ تي ايندو هو ۽ انهن مان متاثر ٿي هن ڪيتريون ڪهاڻيون پڻ لکيون. ڀتين تي مصوري ايتري ته شاندار ريت ٿيل آهي جو گهڙي کن لاءِ ماڻهو کي ذهني طور ڪنهن ٻي دنيا ۾ پهچايو ڇڏي. سن 2006ع ۾ ٻيهر پومپي جي ان ڪوٺي کي کوليو ويو، جيڪو تاريخ ۾ جسم فروشيءَ بابت هڪ ڊاڪيوميٽ جي حيثيت رکي ٿو. هاڻي اتي روزانو هزارين مردن سان گڏ عورتون به اچن ٿيون. قديم پومپي جا ڪوٺا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته هي اها جڳهه آهي، جتي جسم جو ڪاروبار ٿيندو هو، نه فقط ڪاروبار پر ان مان ڪمايل پسئن تي سرڪار، ٽيڪس پڻ وصول ڪندي هئي.
سارا رچرڊسن، پنهنجي ڪتاب ۾ ان ڪوٺن جي ڀتين تي ٺهيل نقشن کي تحقيق هيٺ آڻي، جسماني پورهيي متعلق ڪيترائي راز ظاهر ڪيا آهن. ڪوٺي جا جنسي نقش نگار، جتي دل کي وندرائين ٿا، اتي ان وقت جي سماج جون ڪافي تلخ ۽ تڪليف ڏيندڙ حقيقتون پڻ عيان ڪن ٿا. ڪهڙي ريت غلامن کان جنسي سروس ورتي ويندي هئي. ان ۾ اهي سڀ تشدد جا طريقا پڻ شامل هوندا هئا، جن کي سڌريل دنيا ۾ “ڏوهه” سان تعبير ڪيو وڃي ٿو. ڪتاب ۾ ان پاسي تي پڻ روشني وڌي وئي آهي ته ڪهڙي ريت عورتن جي عصمت دري ڪري انهن کي بدنام ڪيو ويندو هو. هن سڄي گورک ڌنڌي ۾ نه صرف عورتن کان جسماني پورهيو ورتو ويندو هو، پر ذهني طور به استعمال ڪيو ويندو هو. مثال طور: هنن جي واتان اهڙيون ڳالهيون چورايون وينديون هيون، جن کي ٻڌي ماڻهن انهن طرف گهڻي کان گهڻو متوجهه ٿين. ڪتاب ۾ اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته جديد سيڪس انڊسٽري ۽ قديم جنسي ڪوٺن ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *