تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

قانون جي حڪمراني بااختيار عورت ۽ مضبوط معاشرو … ايم بي ڪنڀر

عورتن تي ظلم ۽ ستم قديم دور کان هڪ روايت رهي آهي پر اڄڪلهه جي جديد ۽ ڊجيٽل دور ۾ به عورتن جي سماجي رتبي کي گهٽ سمجهيو وڃي ٿو جنهن جو بنيادي سبب پدرشاهي وقبائلي ۽ جاگيردانه نظام آهي. پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن اڪثر ڪري ٻهراڙي واري زندگي ۾ خاص ڪري عورتن سان امتيازي سلوڪ رکيو ويندو آهي. کين بنيادي انساني حقن مسئلن نشونما، صحت، تعليم، راند ۽ ترقي جي موقعن کان محروم رکيو ويو آهي ۽ انهن جي زندگين جي باري ۾ ٿيڻ وارن فيصلن ۾ سندن راءِ کي شامل نه ڪيو ويندو آهي پر انهن تي فيصلا مڙهيا ويندا آهن. مردن ۽ عورتن کي حاڪم ۽ طاقتور تصور ڪيو ويندو آهي. معاشرتي ڏاڍ، استحصال، ناانصافي ۽ عدم تحفظ جي احساس نه صرف عورتن جي تعليم ۽ ترقي جي سفر کي محدود ڪري ڇڏيو آهي پر اهي پاڻ کي بي وس ۽ ڪمزور پڻ سمجهن ٿيون ۽ پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ ظلم و تشدد کي پنهنجي قسمت سان منسوب ڪري ڇڏينديون آهن. ڪٿي صنفي اڻبرابري، سماجي روين ۽ مدي خارج ريتن ۽ رسمن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. انساني حقن جي عالمي پڌرنامي (UNDHR) مطابق انسانن جا بنيادي انساني حق هڪجهڙا ۽ برابر آهن ڪنهن کي به ڪنهن حوالي سان ڪنهن تي فوقيت ڪونهي. ڪنهن به مهذب معاشري ۾ شعوري طور تي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته تمام بنيادي انساني حقن جي فراهمي تمام انسانن لاءِ يقيني بڻائي ته جيئن معاشري ۾ امن و انصاف ۽ شخصي آزادي پروان چڙهي ۽ تمام انسان بلاتفريق رنگ ونسل ۽ سماجي مرتبي مطابق قابل احترام آهن. انساني حقن جي عالمي پڌرنامي مطابق هر شخص کي اظهار راءِ جو حق، صحت جو حق، ملڪيت جو حق، آزادي جو حق، تنظيم سازي جو حق، معاشرتي تحفظ جو حق، بيروزگاري خلاف تحفظ جو حق ۽ هر شخص کي تعليم جو حق حاصل آهي، تعليم مفت هوندي، گهٽ ۾ گهٽ پرائمري تعليم لازمي هوندي، فني ۽ پيشورانه تعليم حاصل ڪرڻ جو انتظام ۽ قابليت جي بنياد تي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سڀني لاءِ برابري جي بنياد تي ميسر هوندي.
پاڪستان ۾ عورتن ۽ مردن جو تعداد برابر آهي ۽ اسان جي ملڪ جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته عورتن جي موت جي شرح پڻ وڌيڪ آهي ان جو بنيادي سبب امتيازي سلوڪ ۽ صنفي اڻبرابري آهي. جنهن جو پيدائش کان وٺي آخري عمر تائين اڪثر ڇوڪريون ۽ عورتون مقابلو ڪنديون رهنديون آهن، ڪيترن ئي گهراڻن ۾ ڇوڪرن کي ڇوڪرين تي ترجيع ڏني وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن کان پوئتي رهجي وڃن ٿيون. بنيادي انساني حق جنهن کي آئين پاڪستان تحفظ ڏيئي ٿو ۽ بين القوامي سطح تي به تسليم شده آهن ۽ اقوام متحده جي منظور ڪيل قرارداد جي ڪري هي بنيادي انساني حق اڄ ملڪن جي دستاويز جو حصو آهي اهڙي ريت عورتن سان هر قسم جي امتيازي سلوڪ خلاف گڏيل قومن جو ڪنوينشن (CEDAW) به عالمي سطح تي تسليم شده دستاويزي حيثيت رکي ٿو. گڏيل قومن جي”عورتن جي ڪميشن“جيٽن ڏهاڪن جي جدوجهد جو نتيجو آهي جيڪو 1946۾ عورتن جي مجموعي حيثيت جو جائزو وٺڻ لاءِ انهن کي حقن جي فراهمي لاءِ ٺاهي ويئي هئي، هن جدوجهد جي نتيجي ۾ اُهي نڪتا واضع ڪيا ويا آهن جنهن ۾ عورتن کي مردن جي برابر بنيادي انساني حق حاصل نه آهن. گڏيل قومن جي معاهدي ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان اهم نڪتا هيٺ ڏجن ٿا.
01-عورتن ۽ مردن ۾ مڪمل برابري، ملڪي آئين جي ذريعي ضمانت ڏيڻ ۽ ان اصول جي عملي طور تي عمل درآمد جي لاءِ مناسب قانون سازي ڪرڻ.
02-عورتن جي خلاف تمام امتيازي قانون جون خاتمو ۽ ان جي جگهه مناسب موافق قانون سازي ڪرڻ.
03-ڪنهن به اداري، شخص يا تنظيم جي طرف کان عورتن سان غير مساوي سلوڪ جي خاتمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ.
04-معاهدي جا رڪن ملڪ ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته عورتن جي خلاف هر قسم جي امتيازي سلوڪ جو خاتمو ڪيو ويندو. خصوصاً هيٺ ڏنل شعبن ۾ عورتن کي مردن جي برابر حيثيت حاصل هجي.
05-پيشيورانه تربيت ۽ روزگار جي لاءِ بهتر ماحول جي فراهمي، شهري ۽ ٻهراڙي واري علائقن جي تمام تعليمي ادارن ۾ تعليم ۽ ڊپلومه حاصل ڪرڻ تائين رسائي جا برابر جا موقعا فراهم ڪرڻ.
06-ٽنهي جنسن کي وظيفو ۽ امداد حاصل ڪرڻ جا برابر جا موقع حاصل هجن.
07-عورتن کي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ جي شرح کي وڌڻ کان روڪڻ ۽ جن ڇوڪرين ۽ عورتن کي اسڪول ڇڏڻو پيو آهي انهن جي لاءِ خصوصي تعليمي پروگرام شروع ڪرڻ.
08-راند روند ۽ صحت و تندرستي جي حوالي سان موقع فراهم ڪرڻ.
09-خاندان جي صحت کي بهتر بنائڻ لاءِ خصوصي تعليمي معلومات تائين رسائي، خصوصاً خانداني منصوبه بندي جي متعلق معلومات جي فراهمي.
اڄ جي هن ترقي يافته دور ۾ به عورت پنهنجن بنيادي ۽ آئيني حقن کان محروم آهي جنهن جو اهم سبب مردانه سماج آهي اڄ به عورتن سان امتيازي سلوڪ، صنفي اڻبرابري، تعليم کان محروم رکڻ، جنسي تشدد، گهريلو تشدد ۽ ننڍپڻ جون شاديون عام آهن.ٻاروتڻ جي شادي به هڪ اهم مسئلو آهي. ننڍي ڄمار جي شادي نه صرف نياڻين جي پنهنجي بلڪه ان جي اچڻ وارن نسلن جي حقن جي لتاڙ جو سبب بڻجي ٿي، هي غيرقانوني عمل ڇوڪرين کي سٺي صحت، سٺي تربيت، تعليم، نشونما ۽ ڀرپور زندگي جي حقن کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. ۽ انهن جو ٻالڪپڻ کسجي وڃي ٿو. بچپن جي شادي تي اسان جي معاشري ۾ نه صرف گهٽ ڳالهه ٿئي ٿي پر ان کي ڪنهن حد تائين قابل قبول صورتحال تصور ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ماڻهن ۾ ننڍي ڄمار جي شادي سان جڙيل مسئلن ۽ خطرات جي باري ۾ آڳاهي جي به ڪمي آهي جنهن جا ذميوار حڪومتي ادارا، سماجي ڀلائي جون تنظيمون، انساني حقن تي ڪم ڪرڻ وار سماجي اڳواڻ پڻ آهن. ٻالڪپڻ جي شادي ڇوڪرين کي تشدد ڏانهن ڌڪي ٿي ۽ غربت جي گهاڻي ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ ننڍپڻ ۾ شادي جي نتيجي ۾ ڇوڪريون تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿين ٿيون ۽ صحت جي مسئلن جو شڪار ٿيون وقت کان پهرين حمل جو ضايع ٿيڻ، ٻار جو گهٽ وزن هجڻ ، رت جي ڪمي جو هجڻ ۽ غذائي کوٽ جو هجڻ. 2015 ۾ ميمبر اسٽيٽس طح ڪيو هو ته جٽادار ترقي جا حدف حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍي ڄمار ۾ شادي جو خاتمو ڪندا، اسان کي هن مدي خارج رسم کي انتهائي سنجيندگي سان ڏسڻو پوندو ۽ ان ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اُپاءُ وٺڻدا پوندا. صوبائي ۽ قومي سطح تي جڙيل قانون تي عمل نه هئڻ برابر آهي. اسان هن سماج مان مدي خارج رسمن کي ختم ڪري عورتن ۽ ڇوڪرين کي تعليم يافته ڪري بااختيار بڻائي معاشري کي محفوظ ۽ مضبوظ بڻائي سگهون ٿا ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جن ملڪن دنيا ۾ ترقي ڪئي آهي ان ۾ عورتن جو اهم ڪردار رهيو آهي. اسان به پنهنجي نياڻين کي بااختيار بڻائي پنهنجي ملڪ کي خوشحال بڻائي سگهون ٿا، اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن رياست عورتن جي حقن متعلق سنجيدگي ڏيکاري عالمي طور تي جڙيل معاهدن، ڪنوينشنس ۽ قانون تي مڪمل طور عمل ڪرائي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *