تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

قاسم سليماني جو موت دنيا ڪٿي بيٺي آهي؟….ارشد سولنگي

بغداد ۾ آمريڪي حملي ۾ مارجي ويندڙ ايراني جنرل قاسم سليماني مشهوري کان پري رهندڙ ماڻهو سمجھيو ويندو هو، پر گذريل ڪجھه سالن ۾ کيس ايران ۾ داعش خلاف ڪاررواين جي ڪري مقبوليت ملي. هو هڪ غريب گھراڻي مان هو، پر پاسداران انقلاب ۾ شموليت کانپوءِ هو اهميت اختيار ڪري ويو. 1980ع کان 1988 تائين جاري رهندڙ ايران عراق جنگ ۾ هن پنهنجو نالو ٺاهيو ۽ تڪڙو هو ترقي ڪندي سينيئر ڪمانڊر بڻجي ويو. هن عراق ۾ شيعا ۽ ڪرد گروپن سان گڏجي اڳوڻي آمر صدام حسين خلاف مزاحمت ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو، لبنان ۾ حزب الله ۽ فلسطين ۾ حماس جو مددگار ۽ سهڪاري رهيو. مٿس الزام آهي ته هن آمريڪي اڏن ۽ ان جي مفادن کي نشانو بڻايو ۽ شامي صدر بشارالاسد خلاف 2011ع ۾ شروع ٿيندڙ مزاحمتي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. قاسم سليماني ايران ۾ آيت الله علي خامنه اي کانپوءِ بااثر ترين ماڻهو تصور ڪيو ويندو هو.
عالمي اڳواڻ ڇا ٿا چون؟
اوباما دور ۾ وائيٽ هائوس ۾ وچ اوڀر ۽ وارياسن ملڪن بابت صلاحڪار فلپ گورڊن جو چوڻ آهي ته سليماني جي موت کان پوءِ “جنگ جو اعلان” ئي باقي رهيو آهي. ٽرمپ جي ويجھي ساٿي لنزي گريم ٽوئٽر تي لکيو ته: “واهه! آمريڪين کي قتل ڪرڻ ۽ زخمي ڪرڻ جي قيمت يڪدم گھڻي وڌي چڪي آهي”. ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اسپيڪر نينسي پلوسي چيو ته: “سليماني جو موت تشدد جي لهر ۾ خطرناڪ واڌ جو سبب بڻجندو. آمريڪا ۽ سموري دنيا ڇڪتاڻ جي ناقابل واپسي حد تائين وڃڻ جيتري سگھه نٿي رکي.” روسي پرڏيهي وزير چيو آهي ته: “سليماني جو موت هڪ خطرناڪ قدم آهي، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌندي. سليماني ايران جي مفادن جو محافظ هو، اسان ايراني قوم سان دلي تعزيت ٿا ڪريون.” روس کانسواءِ جرمني پاران پڻ آمريڪي قدم جي نندا ڪندي ايران جي ساٿ جو اعلان ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت به مذمت ڪئي آهي. عراق جي نگران وزيراعظم عادل عبدالمهدي موجب ايراني ڪمانڊر تي حملو عراقي رياست، حڪومت ۽ عوام خلاف اڳرائي آهي. هي حملو عراقي سرزمين تي آمريڪي فوج جي موجودگي واري شرط جي ڀڃڪڙي آهي”. اهڙي قدم کانپوءِ آمريڪي ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي اهو به اعلان ڪيو آهي ته صدر ٽرمپ جي فوجي ڪاررواين جا اختيار گھٽائڻ لاءِ “وار پارورز” قرارداد تي ايوان ۾ جلد ئي ووٽنگ ڪرائي ويندي.
جڏهن ته ايران جي اعليٰ رهبر آيت الله علي خامنه اي ٽوئٽر تي لکيو ته “شهادت ان جي لازوال خدمتن جو انعام آهي. شهيدن جي رت سان هٿ رڱيندڙ ڏوهارين کان سخت انتقام ورتو ويندو.”
جنرل سليماني عراق ۾ ڇا پئي ڪيو؟
واضح طور تي نٿو چئي سگھجي ته جنرل سليماني عراق ۾ ڇا پئي ڪيو، پر ايران اتي بااثر شيعه هٿياربند گروپن جي سربراهي ڪندو آهي، جنرل سليماني سان مارجي ويندڙ ابو مهدي المهندس ڪتائب، حزب الله (جنهن کي آمريڪي اڏن تي تازو راڪيٽ حملن جو ذميوار قرار ڏنو پئي ويو) جو سربراهه ۽ عراق ۾ ايران نواز هٿياربند جٿن جي اتحاد جو ڊپٽي ڪمانڊر هو.
پينٽاگون جو “مختصر” رد عمل
پينٽاگون طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنرل قاسم سليماني کي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي “مستقبل ۾ ايران طرفان حملا روڪڻ” لاءِ ماريو ويو آهي. سليماني عراق ۽ خطي ۾ آمريڪي سفارتڪارن ۽ فوجين تي حملن جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.”
ايران جو متوقع ردعمل
آمريڪا جا سمورن عرب ملڪن ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ سفارتخانا موجود آهن، بقول آمريڪا جي ته عرب ملڪن ۾ موجود سفارتخانن تي پرتشدد احتجاجي مظاهرا يا مقامي مليشيائي فورسز جي حملن جو خدشو آهي. آمريڪا عراق ۾ موجود آمريڪين کي اتان نڪري وڃڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو آهي. نيٽو ترجمان چيو آهي ته آمريڪي حملي ۾ جنرل سليماني جي مارجڻ کانپوءِ نيٽو عراق ۾ پنهنجو تربيتي مشن ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف عراق ۾ موجود آمريڪا جا 5000 فوجي به نشاني تي اچي سگھن ٿا. جڏهن عرب خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌندي ته تيل جي قيمتن ۾ به واڌ ٿيندي. آمريڪا بغداد ۾ فوجين جو تعداد اڳ ئي وڌائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته خطي ۾ وڌيڪ فوج پڻ موڪلي سگھي ٿو. مبصرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي سهڪاري ملڪن جي تيل تنصيبات تي پڻ حملا ڪرائي سگھي ٿو.
عالمي قانون جي ڀڃڪڙي
پينٽاگون صدر ٽرمپ جي ايراني ثقافتي هنڌن کي نشانو بڻائڻ واري بيان جي ترديد ڪئي وئي، جنهن ۾ هن بين الاقوامي پابندي باوجود ايران جي ثقافتي هنڌن کي نشانو بڻائڻ لاءِ آمريڪي فوج لاءِ عمل جائز قرار ڏنو هو. آمريڪي دفاع واري وزير مارڪ ايسپر چيو ته آمريڪا هٿياربند جنگين لاءِ بين الاقوامي قانونن جي پاسداري ڪندو. واضح رهي ته ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ايران جي ثقافتي هنڌن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ بابت ايندڙ رايا
هن وقت وچ اوڀر ۾ هڪ عجيب وائڙائپ واري بيچيني پکڙيل آهي ۽ ايران جي امڪاني ڪارروائي کانپوءِ جنگ جو طبل وڄندي نظر اچي رهيو آهي، سڄي دنيا جي قلمڪارن کي ٽين مهاڀاري جنگ جو خطرو محسوس ٿي رهيو آهي. ايران طرفان وڏي پئماني تي ردعمل جي اميد ڪئي پئي وڃي ۽ ان سان عمل ۽ ردعمل جو اهڙو چڪر شروع ٿيندو جيڪو ٻنهي ملڪن کي امڪاني جنگ جي ويجھو آڻي بيهاريندو.
سليماني بابت وچ اوڀر ۾ تاثر
قاسم سليماني جي قتل کان پوءِ خطي ۾ هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي پئي آهي، ڇو ته هن تڪرار ۾ گھڻا ملڪ سڌي يا اڻسڌي ريت شامل آهن. اهڙي ريت هي بين الاقوامي امن جي لاءِ به خطري جي گھنٽي پڻ آهي. آمريڪا ان کي هڪ “مٿي تي ڦيرا ڏيندڙ خطري” سان منهن ڏيڻ واري عمل سان ڀيٽ ڏئي چڪو آهي، پر جرنيلن کي ختم ڪرڻ کان پوءِ اهڙا خطرا ٽرندا ناهن. آمريڪا لاءِ اهو قدم شايد ايتري وڏي ڳالهه نه هوندو پر ايران لاءِ اهو عزت ۽ وقار جو مسئلو آهي.
پاڪستان ڪٿي بيٺل آهي؟
آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پنهنجي هڪ ٽوئٽر پيغام ۾ چيو ته پاڪستاني فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سان هن جي قاسم سليماني کي پنهنجي دفاع ۾ ختم ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايراني حڪمرانن جي قدمن سبب پورو خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ آمريڪا خطي ۾ پنهنجي مفادن، عملي، تنصيبات ۽ پنهنجي اتحادين جي تحفظ واري پنهنجي عزم تي قائم آهي ۽ ان مقصد تان پوئتي نه هٽندو. جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي آفيس وچ اوڀر جي صورتحال تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان کي وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ تازن واقعن تي سخت ڳڻتي آهي ۽ اهي واقعا خطي جي استحڪام ۽ امن لاءِ خطرو آهن. بيان ۾ چيو ويو ته خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن ۾ آهي، جن تي عمل ٿيڻ گھرجي. ان ڏس ۾ هڪ طرفن قدمن ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان جي واضح پاليسي آهي ته ڪنهن به رياست خلاف پاڪستاني سرزمين استعمال نه ٿيندي ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن علائقائي تڪرار ۾ ڌر بڻجندو. پاڪستان امن امان قائم ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو بڻجي سگھي ٿو پر باهه ڀڙڪائڻ واري پاليسي نه پاڪستان جي هئي ۽ نه ئي وري هاڻ ٿيندي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

One Response to قاسم سليماني جو موت دنيا ڪٿي بيٺي آهي؟….ارشد سولنگي

  1. rajahyder says:

    سائين معذرت سان جرمني ايران سان نه پر آمريڪه سان گڏ بيٺل آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *