تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

فيس ماسڪ…ڊاڪٽر امداد علي شيخ

ڪورونا وائرس سڄي دنيا کي خوف ۾ وجھي رکيو آھي وقت بوقت مختلف بچاؤ جا طريقا ڪنھن نه ڪنھن وسيلي سان ملندا رھن ٿا، عام ماڻھن جو وڌيڪ زور منھن تي ماسڪ لڳائڻ آھي ,ورلڍ ھيلٿ آرگنائيزيشن . چٽي ھدايت جاري ڪندي لکيو آھي ته اڪيلو فيسڪ ماسڪ ڪنھن به طرح مددگار نه ٿيندو جيستائين اسين ٻيا ضروري اپاءُ نه کڻو جھڙوڪ ھٿن جو باربار ڍوئڻ، ھٿن ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، وڏي ڪنھن ھجوم ۾ نه وڃڻ ورلڍ ھيلٿ آرگنائيزيشن . چٽي ھدايت جاري ڪندي لکيو آھي ته پاڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ميٽرجيترو فاصلو رکو، جڏھن ته آسٽريلين ميڍيڪل ايسوسئيشن پنھنجي ملڪ ۾ ريسپائريٽري ڊراپليٽس کان بچڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ميٽر فاصلو رکڻ لاءِ چيو آھي،ڪجھه رسرچرس جو چوڻ آھي ته کنگھه وقت وات مان نڪرندڙ پاڻي جا ننڍڙا قطرا ڇھه ميٽر پري تائين پھچي سگھن ٿا، ان ڪري پنھنجو بچاءُ ماسڪ کان وڌيڪ گھر ۾ رھڻ آھي.
ماسڪ ڪڏھن استعمال ڪجي؟
1-ماسڪ تندرست ماڻھو استعمال نٿو ڪري سگھي، جيڪڏھن توھين شڪي ڪورونا وائرس مريض جي ڪم ڪار ۾ لڳل آھيو ته ماسڪ استعمال ڪيو
٢-جيڪڏھن توھان کي کنگھه آھي ته استعمال ڪريو
٣-ماسڪ تڏنھن فائديمند ۽ اثرائتو رھندو جيستائين توھين بار بار پنھنجا ھٿ ڪنھن صابڻ يا سينيٽائيزر سان صاف نه رکندا
٤-جيڪڏنھن توھين فيس ماسڪ لڳايو ٿا ته پوءِ توھان کي ان جو صحيح لڳائڻ وري صحيح طرح لاھڻ به اچي.
فيس ماسڪ جو استعمال ڪيئن ڪجي؟
١-ماسڪ کڻڻ کان اڳ پھنجا ھٿ ٢٠ سيڪنڍن تائين ڪنھن گج ڪندڙ صابڻ يا سينيٽائيزر سان صاف ڪريو
٢-پنھنجي وات ۽ نڪ کي ماسڪ سان ڍڪو پڪ ڪيو ته ماسڪ ۽ منھن ۾ ڪو گيپ نه آھي
٣-ڪو شش ڪري ماسڪ کي ھٿ نه لڳايو جيڪڏھن ضرورت محصوس ڪيو ته پھريان ھٿن کي صاف ڪيو.
٤-سنگل استعمال ٿيندڙ ماسڪ ٻيھر منھن تي نه لڳايو
٥- ماسڪ لاھڻ وقت پوئين پاسي کان لاھيو اڳيون حصو ڇھڻ کان پاسو ڪيو،لاھڻ کان پوءِ جلدي ۾ بند ڍسٽ بن ۾ وجھو بعد ۾ ھٿن کي صابڻ يا سينيٽائيزر سان صاف ڪريو.
ڪجھه خيال ماسڪ جي باري ۾
چائنيز سائندانن جو خيال آھي ته آمريڪا ۽ يورپ وارن کان ھڪ وڏي غلطي پنھنجن ماڻھن کي ماسڪ پائڻ لاءِ راضي نه ڪرڻ آھي ڇاڪاڻ ته ھي وائرس ڊراپليٽس. (وات جي پاڻي/ٿڪ جا باريڪ قطرا جيڪي ٣فٽن تائين پھچي سگھن) ھنن جو خيال آھي ته جڏھن ڪير ڳالھائي ٿو ھميشه ڊراپليٽس منھن کان ٻاھر نڪرن ٿا اھو گھڻو سبب بڻجن ٿا وائرس کي ڦھلائڻ ۾ . وائرس ڦھلائيندڙ گهڻو ڪري اسيمٽوميٽڪ ھجن ٿا(جنھن م بيماري جي ڪا به علامت ظاھر ٿي نه ھجي)اھڙا ماڻھو صحتمند گروپ کي لپيٽ ۾ آڻي سگھي ٿو سينٽرس فار ڊزيز ڪنٽرول ائيڊ پريوينشن جي ھدايت موجب سرجيڪل ماسڪ اين ٩٥صرف ڊاڪٽرز ۽ ھيلٿ ورڪرز لاءِ ھجڻ کپن، باقي ماڻھن کي گھرن تائين محدود ھجڻ کپي، ماسڪ جي ضرورت ڪپڙي جو ٺاھي پورو ڪن. اين-٩٥ ماسڪ(ريسپائيريٽر)ھي ماسڪ صرف ڊاڪٽرز ۽ ھيلٿ ڪيئر اسسٽنٽ جي استعمال لاءِ آھي،جنھن جو ڪورونا سان لاڳاپيل وارڊ يا مريض جي ريسپائريٽري سيڪريشن سان سڌو سنئون ڪانٽيڪٽ رھي جھڙوڪ اينڍوٽريڪيال انٽيوبيشن-برانڪواسڪوپي ۽ ٽريڪياسٽومي, صرف ماسڪ جي سھاري کان بھتر آھي گھر ۾ رھو سيف رھو، الله توھان جو حامي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *