تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

فيسبڪ پوسٽ! … عبدالغني شر

شام جي ٿڌن پهرن معمول موجب سڀ ڳوٺاڻا اوطاق جي آڳر ۾ ڪچهري ۾ مصروف هئا ته پاسي ۾ ويٺل ڪجهه نوجوان ڇوڪرا انهن وڏڙن جي ڪچهري کان پاسيرو ٿي خاموشي سان پنهنجي اينڊ رائيڊ موبائيل جي دنيا ۾ مصروف هئا، اچانڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس رئيس رمضان جو ننڍو پٽ ماجد پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳو ته ”بابا فيس بڪ تي پوسٽ ڏٺي آھي لکيل آھي ته نظير صاحب جو والد رضا الاهي سان انتقال ڪري ويو آهي“ رمضان پنهنجي پٽ جي زباني اچانڪ اها خبر ٻڌي ڏکارو ٿيندي چوڻ لڳو وڃ اڄ ته منهنجو دوست طالب به ويچارو ويو هليو اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ڪچهري ۾ مڪمل ماٺار ڇانئجي وئي چند لمحن جي خاموشي کان پوءِ پنهنجي بهترين دوست جي يادگيرين کي ٻڌائڻ لڳو ته ڪالھه ڪالهوڪو ڏينهن هو جو اسان سمن سرڪار جي ميلي ۾ ملھه وڙهندي دوست بڻجي وياسين پوءِ ته باقائدگي سان اسان جي دوستي جو سفر شروع ٿي ويو پاڻ وٽ ته اباڻي زمين هئي پر هو صفا مسڪين هو ميلن ملاکڙن ۾ ملهھ وڙهندي محنت مزدوري ڪندي پٽ پڙهائي ورتائين پنهنجي پٽن کي نوڪري ملي وئي وڏو پٽ نظير ته پوليس کاتي ۾ وڏو آفيسر آهي وقت بدلجڻ سان گڏ طالب ورهين کان دوستي جو سفر باقائدگي سان نڀائيندو رهيو مان ته ڇا پر پاڻ سڀني ڳوٺ وارن جي ڏني توڙي خوستي ۾ چار ضلعا پنڌ ڪري ايندو رهيو آهي اهڙي دوست جو آخري ديدار ضرور ڪبو رئيس رمضان پنهنجي ڳالهه پاڻ ختم ڪندي وري ڪمال کان پڇڻ لڳو ابا جنازي نماز ٽائيم ڪهڙو رکيو اٿن؟ ماجد هڪدم پنهنجي والد کي چوڻ لڳو بابا صبح نو وڳي پٽ جو اهو جواب رئيس رمضان ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو چند لمحن کان پوءِ ڳوٺ وارن کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو ادا صبح باک ڦٽي مهل هلجي ته تڏهن وڃي منزل تي پهچندا سين ۽ دوست جو آخري ديدار ڪنداسين ڳالهين ڳالهين ۾ ڳوٺ وارن حامي ڀري ورتي باک ڦٽي مهل سوزڪي اچي وئي هي پنهنجي منزل ڏانهن سفر ڪرڻ لڳا چئن ڪلاڪن جي مسلسل مسافري کان پوءِ جيئن ئي طالب جي ڳوٺ جي رستي تي گاڏي مڙڻ لڳي ته هنن کي اتي ڪابه رش نظر نه آئي! هرڪو معمول موجب ٻنين ۾ ڪم ڪار ڪندي نظر آيو سوزڪي جي اڳين سيٽ تي ويٺل رئيس رمضان سوچ ۾ پئجي ويو يار منهنجو دوست ماضي جو وڏو ملھ پهلوان هو دوستن جو وڏو حلقو اٿس پٽ سڀ آفيسر اٿس پر هتي ته نه گاڏين جي رش نه ماڻهو ڇا ڳالهه آهي!؟ اڃان انهيءَ سوچ ۾ گم ته گاڏي اچي اوطاق جي آڱڻ ۾ بيٺي وڏي ڪشادي آڱڻ تي ماڻهن کان بلڪل خالي هو ڪنڊ ۾ بيٺل سک چين وڻ جي ڇانوَ هيٺان ڪرسي تي ويٺل چاچو طالب رئيس رمضان کي سوزڪي مان لهندو ڏسي تکيون وکيون کڻندو هنن سان ملڻ لاءِ آيو چاچي طالب کي زنده سلامت ڏسندي سڀني جا حواس خطا ٿي ويا شرمساري وچان سڀني جا ڪنڌ جهڪي ويا…!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *