تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

فنلينڊ ۾ انساني زندگي، قانون قاعدا ۽ بھترين تعليمي نظام … صالح ميمڻ

فنلينڊ 7ھزار قبل مسيع جا پراڻا آثار مھيا ڪندڙ سر زمين آھي. جتي دنيا جو بھترين تعليمي نظام موجود آھي، جنھن جھڙو بھترين تعليمي نظام دنيا ۾ ڪٿي به نه آھي. فن لينڊ جي ڪل ايراضي 3 لک، 38 ھزار، 424 ھم چورس ڪلوميٽر آھي، ان حوالي سان فن لينڊ دنيا ۾ 64 نمبر تي اچي ٿو. فن لينڊ جي آبادي 55 لکن جي لڳ ڀڳ آھي، جتي 2 لک غير ملڪي به رھن ٿا، آبادي جي حوالي سان فن لينڊ دنيا ۾ 116 نمبر تي آھي. فن لينڊ يورپ جو سڀ کان گھٽ آبادي وارو ملڪ آھي، جنھن جي ھڪ ڪلوميٽر ھم چورس ۾ سراسري طور تي صرف 15 ماڻھو رھن ٿا. فن لينڊ جا ڪجهھ قانون اھڙا آھن جيڪي ٻيئن ملڪن ۾ نه ٿا ملن، سڀئي قانون ملڪي ضرورتن مطابق جوڙيل آھن. ٽريفڪ جا سخت ضابطه آھن، رات ھجي يا ڏينھن سردي ھجي يا گرمي فن لينڊ ۾ روڊن تي ھلندڙ گاڏين جون بتيون بند نه ڪرڻيون ھونديون آھن، ٽريفڪ قانون جي ڀڃ ڪڙي ڪندڙ تي ڏنڊ ھر ماڻھوءَ جي سالياني آمدني جي حساب سان لڳايا وڃن ٿا، ڪنھن تي ڪروڙن جي ماليت جا ڏنڊ به لڳن ٿا. فن لينڊ ۾ ڪن هنڌن تي 23 ڪلاڪن جو ڏينھن ته ڪن هنڌن تي 51 ڪلاڪن جي رات به ٿئي ٿي. فن لينڊ ۾ ايتريون ڪارون نه آھن جيترا ڪاٺ جا گھر آھن، جن گھرن جو تعداد 22 لکن کان به وڌيڪ آھي. 55 لکن جي آبادي ۾ 50 لک ماڻھن وٽ موبائل فون آھن، دنيا ۾ مضبوط ۽ سستا فون ٺاھيندڙ نوڪيا ڪمپني فن لينڊ جي آھي. فن لينڊ ۾ ٻلين جا ننھن ڪٽڻ تي جيل جي سزا لاڳو آھي، فن لينڊ ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ کي ڊگري سان گڏ ڊگھي ٽوپي ۽ تلوار به انعام طور ملي ٿي، بيروزگارن کي تيستائين وضيفا ملن ٿا، جيستائين انھن کي روزگار سان نه ٿو لڳايو وڃي.
ملڪ ۾ جوا تي ڪا به پابندي ناھي، پر سڀ ڪجهھ سرڪار جي نگراني ۾ قاعدي قانون مطابق ٿئي ٿو. سرڪار جي علم ۾ آڻڻ کانسواءِ جوا نه ٿي کيڏي سگھجي. فن لينڊ ۾ 7 سالن جي عمر جي ٻار کي اسڪول ۾ داخلا ملڻ جو قانون آھي، ان کان اڳ ٻار کي اسڪول نه ٿو موڪلي سگھجي. ٻار جي ڄم جي تاريخ سرڪاري رڪارڊ تي اڳ ۾ ئي موجود رکي وڃي ٿي، فن لينڊ ۾ ساليانو ھڪ اھڙي ڊوڙ جو مقابلو ٿئي ٿو جنھن ۾ مڙس زالن کي ڪلھن تي کڻي ڊوڙن ٿا، ڊوڙ جو مقابلو کٽڻ واري کي وڏو انعام ملي ٿو ۽ ان سان گڏ ان جي زال جي وزن جي برابر شراب به ان کي تحفي ۾ ڏنو وڃي ٿو. فن لينڊ جي خوبصورتي ۽ آبھوا جي ڪري دنيا مان ساليانو 2 ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻھو فن لينڊ گھمڻ وڃن ٿا. جيڪي فن لينڊ جي آمدني جو بنيادي ذريعو بڻجن ٿا. فن لينڊ جون سرحدون اتر ۾ ناروي، ڏکڻ ۾ خليج فن لينڊ، اوڀر ۾ روس ۽ اولهھ ۾ سوئيڊن سان ملن ٿيون، فن لينڊ جون مڪاني ٻوليون سوئيڊش ۽ فينش آھن ۽ مذھبي زبان سامي آھي. فن لينڊ ملڪ ۾ ھڪ اھڙو مجسمو به آھي جنھن ۾ ھڪ شخص زمين ۾ پوريل آھي پر پڙھائي کي جاري رکيو اچي، ان جو مطلب آھي ته پڙھو پوءِ ڀلي غرق ٿيل ڇو نه ھجو، فن لينڊ تعليم جي حوالي سان دنيا ۾ پھرين نمبر تي آھي، ڪاپي ۽ رٽافڪيشن تي سخت پابنديون آھن، 7 سالن کان گھٽ عمر جي ڪنھن به ٻار کي اسڪول ۾ داخلا نه ٿي ملي ۽ ٻارن جو پھريون امتحال 16 سالن جي عمر ۾ ورتو وڃي ٿو، 99.99 سيڪڙو لٽريسي ريٽ آھي، فنلينڊ ۾ نه تيل آھي نه گئيس نه وري ڪوئيلي جا ذخيرا آھن، فقط عقل، دانائي ۽ علم جي دولت آھي. بيروزگارن کي 587 کان 2000 ڊالرن جو وضيفو سرڪار ادا ڪندي رھي ٿي، ھر ماڻھو جي سالياني آمدني سرڪار جي رڪارڊ تي آيل آھي.
فن لينڊ جي GDP تقريبن 353 آمريڪي ارب ڊالر آھي، جيڪا آبادي جي حساب سان تمام وڏي آھي ۽ في ماڻھو جي سراسري سالياني آمدني پاڪستاني رپين جي حساب سان تقريبن 59 لک 36 ھزار آھي. فن لينڊ ۾ امير ترين ماڻھو ھرلن نالي شخص جي ملڪيت جو اندازو 4 ارب ڊالر لڳايو ويو آھي، جيڪو دنيا جي امير ترين ماڻھن جي لسٽ ۾ 514 هين نمبر تي اچي ٿو، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته فن لينڊ جا ماڻھو ذاتي طور تي ايترا وڏا امير نه آھن، جو انھن جو شمار دنيا جي ٿورن ماڻھن ۾ ٿيندو ھجي. فن لينڊ پاڪستان کان 30 سال اڳ 6ڊسمبر 1917ع تي آزادي ماڻي پر ملڪي معشيت، تعليم، صحت ۽ عوامي خوشحالي جي حساب سان پاڪستان کان سئو ڀيرا اڳتي وڌيل ملڪ آھي.فن لينڊ ۾ 70.9 سيڪڙو يعني 40 لک کن ماڻھن جو تعلق لترن نالي فرقي سان آھي، جڏھن ته 26 سيڪڙو يعني 14 لک ماڻھو پنھنجي ڪنھن به مذھب جو اظھار نه ٿا ڪن، ڪل آبادي ۾ گريڪ ۽ ارٿوڊڪ تمام ٿورا آھن، 93.3 سيڪڙو يعني 51 لک ماڻھو فِن قوم سان تعلق رکن ٿا، 5.6 سيڪڙو سوڊش، 0.5 سيڪڙو روسي، 0.3 سيڪڙو اٿونيئن ۽ 0.1 سيڪڙو سامي نسل جا ماڻھو آھن، فن لينڊ دنيا ۾ تعليم ۾ اڳتي ھجڻ جي حوالي سان پھرين نمبر تي آھي، ان ملڪ جي تعليم جو نظام ۽ انداز دنيا جي ٻين ملڪن کان گھڻو مختلف به آھي، فن لينڊ ۾ فن لينڊ جي وزيرِ داخلا عورت، وزيراعظم عورت، ۔وزير خزانه عورت ۽ وزيرِ تعليم ‏به عورت آھي.
اھم ڳالھيون:
(1) فن لينڊ جو ڪو به اسڪول وڌ ۾ وڌ 195 شاگردن تي مشتمل آهي، ان کان وڌيڪ شاگرد ڪنھن اسڪول ۾ نه ھوندا آھن.
(2) اسڪولن ۾ پرائمري کان سيڪنڊري يعني 6 کان 16 سال تائين جي عمر جي ٻارن کي اسڪول ۾ مفت کاڌو ڏنو ويندو آهي، جنهن جي شروعات ستر سال پهرين 1953ع کان ٿي هئي
(3) شاگردن جي کاڌي ۾ اٻاريل ٻٽالو، ڪچيون سبزيون، مڇيءَ جي ڪتري، ڊبل روٽي ۽ کير جو ڀريل گلاس شامل هوندو آهي. چوڻ آھي ته اھا خوراڪ ٻارن کي ذهني ۽ جسماني طور مضبوط ڪري ٿي جنهن سبب هو پڙهائي ۾ تيز ثابت ٿين ٿا.
(4) پرائمري تائين ٻارن لاءِ ڪنھن به قسم جو يونيفارم لازمي ناهي. ٻار پنهنجي پسند جا ڪپڙا پهرين ٿا. ان جو اهو اثر ٿئي ٿو جو ٻارن جي هن دنيا ۽ زندگي جي رنگن ۾ دلچسپي وڌي ٿي ۽ انھن ۾ شخصي انفراديت جا بنياد پون ٿا.
(5) ڪلاس ۾ ٻارن جي مرضي آهي ويهي پڙهن يا ٽيڪ ڏئي ايتريقدر جو ليٽي به پڙهائي ڪري سگهن ٿا، مطلب ته ٻارن کي ڇوٽ هوندي آهي جنهن به طريقي سان چاهين پڙهي سگهن ٿا. ان قسم جي آزاديءَ سان ٻارن ۾ دلچسپي برقرار رهي ٿي.
(6) ٻارن لاءِ اهو ضروري ناهي ته هر پڙھائي رڳو ڪلاس روم ۾ ٿئي، گرائونڊ يا جهنگ ۾ به پڙھائي ٿي سگهي ٿي.
(7) ٻارن کي هيسائي نه پر خوش رکي پڙھايو ويندو آهي، ڪنھن به قسم جي سزا يا دڙڪي يا بري لفظ جي استعمال جو ڪو به تصور نه آھي.
(8) ٻار 7 سالن جي ڄمار ۾ اسڪول وڃڻ شروع ڪندو آهي. اهي ست سال ٻار کي هوم ايجوڪيشن جي صورت ۾ ڇوٽ ڏني ويندي آهي ته اهو پنهنجي ڏاڏي، ناني، پيءُ ۽ ماءُ کان سکي، ڪهاڻيون ٻڌي، ڪُڏي، کيڏي ۽ پنهنجون ماضي ۾ پاڙون پکيڙي.
(9) 15 سالن تائين ٻارن کان باقاعده ڪوبه امتحان ناهي ورتو ويندو.
(10) دنيا ۾ سڀ کان ڊگهي رسيس به فنلينڊ ۾ ٿيندي آهي ٻار اسڪول ٽائيم منجهان 75 منٽ رسيس ۾ گذاريندا آهن.
(11) پوري هفتي ۾ اسڪولن ۾ ڪُل 20 ڪلاڪ پڙهائي ٿيندي آهي.
(12) استادن جا روزانو ٻه ڪلاڪ پنهنجون صلاحيتون وڌائڻ تي صرف ٿيندا آهن.
(13) فنلينڊ جي پوري ملڪ جي سمورن اسڪولن ۾ هڪ ئي امتحاني سسٽم رائج آهي.
(14) هر 14 شاگردن جي مٿان هڪ استاد مقرر هوندو آهي.
(15) ٻارن جا ڪلاس ته بلدلبا آھن پر ڪلاس ٽيچر ساڳيو هوندو آهي.
(16) هڪ ڏينهن ۾ استاد صرف 4 ڪلاڪ ڪلاس ۾ گذاريندو آهي.
(17) 99 سيڪڙو ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندا آهن.
(18) هر طبقي جي ٻارن جي پڙهائي مفت ۽ هڪجهڙي هوندي آهي.
(19) هتي پرائيويٽ اسڪول نه هجڻ جي برابر آهن.
(20) ٻارن کي هوم ورڪ نه جي برابر ڏنو ويندو آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته هوم ورڪ ڪرڻ بدران زندگيءَ کي بهتر نموني سمجهڻ ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ وڌيڪ ضروري آهي.
(21) حيرت ڏياريندڙ ڳالهه اها آهي ته 2020ع تائين فنلينڊ دنيا جو اهو اڪيلو ملڪ هوندو جتي مضمون يا سبجيڪٽ نالي ڪا شئي اسڪولن ۾ رائج نه هوندي.
(22) بين الاقوامي ادارو پيسا Pisa جيڪو پوري دنيا ۾ شاگردن کان ميٿس، سائنس ۽ ريڊنگ جون ٽيسٽون وٺندو آهي ۽ ٻارن جي قابليت جو تعين ڪندو آهي، جنهن مطابق هر دفعي فنلينڊ جا شاگرد پهرئين نمبر تي اچن ٿا.
(23) فنلينڊ ۾ استاد ٿيڻ ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ کان وڌيڪ ڏکيو ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي. جنهن جي لاءِ پنجن سالن جي ماسٽر ڊگري حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
(24) استادن لاءِ مختلف ٽرينگون ڪرڻ به ضروري آهن. انهيءَ ڪري ھتي ٽيچرس ٽريننگ ۾ داخلا ڏاڍي ڏکي ملندي آهي.
(25) پوري ملڪ جي يونيورسٽين مان پاس ٿيل ٽاپ ٽين شاگردن کي ڪجهه خصوصي امتحانن کان پوءِ بطور استاد ڀرتي ڪيو ويندو آهي.
(26) ٻارن کي پڙھائڻ لاءِ فنلينڊ جي حڪومت والدين جي هر لحاظ کان مدد ڪري ٿي. ٻار جي ڄمڻ کان اڳ ئي هر ڳورهاري عورت جي گهر مفت بيبي باڪس موڪليو وڃي ٿو. جنھن ۾ ڄمڻ واري ٻار لاءِ ڪپڙا، ڪتاب ۽ ٻيون ضروري شيون موجود هونديون آهن.
(27) هاڻي انٽرنيشنل رينڪنگ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ جپان جهڙا ملڪ فنلئنڊ جي برابر ته اچي ويا آهن، پر جيڪو طريقيڪار فنلينڊ ۾ آهي اهو انهن ملڪن ۾ رائج ناهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *