تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

فلسفي مطابق “هي دنيا، چرين ۽ سياڻن جي دنيا آهي” … يوسف جميل لغاري

سياڻا ماڻهو هڪ نقطي تي ڪڏهن به اٽڪي ڪونه بيهندا آهن ڇاڪاڻ ته کين اها سُڌ هوندي آهي ته واچ جو ننڍي ۾ ننڍو ڪانٽو جيڪڏهن بيهي وڃي ته ان واچ کي جلد کان جلد واچ ٺاهيندڙ ڪنهن مستري کي ڏيکارجي. پر پاڻ وٽ ائين ڪونه آهي. پاڻ وٽ جيڪڏهن ڪنهن جي واچ خراب ٿي پوندي آهي ته هو خراب ٿيل واچ پاڻ ئي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سندس اِها ڪوشش ويچاري واچ جو ستيا ناس ڪري ڇڏيندي آهي. ان لاءِ ئي فلسفو اسان کي اجاين ڪمن کان ۽ اجايو فضول غور ويچار ڪرڻ کان روڪي ٿو. فلسفي جو اهم نقطو ئي اِهو آهي ته هر شئي کي سامهون کان نه پر سائيڊ کان ڏسجي ته جيئن سندس اصلي قد ڪاٺ جو پتو پئجي سگهي.
جڏهن ملڪيتن کي ورهائڻ ۽ پاڻ ۾ ونڊي کائڻ جو جديد طرز جو طريقو آيو آهي تڏهن کان هن دنيا جا دعويدار به وڌي ويا آهن. سياڻا چون ٿا ته هي دنيا اسان جي موروثي ملڪيت آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي عقل، فهم ۽ دانش سان هن کي هڪ نئين بناوٽ ڏئي خوبصورت کان خوبصورت تر بڻايو ۽ هن دنيا کي جنت جهڙو ٺاهڻ ۾ انهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان لاءِ پهرين دعويداري اسان جي هلندي پوءِ ٻيا. انهي کان علاوه اسان وٽ کوڙ سارا ٺوس ثبوت به آهن ته هي ڪُل ڪائنات اصل ۾ سياڻن جي ئي ميراث آهي. چرين جو هن تي ذرو به حق ڪونه آهي. ٻئي پاسي چريا حضرات اِهو اعتراض واريو ويٺا آهن ته “جن وڏن کي سياڻا پنهنجا ابا ڏاڏا ڪوٺي رهيا آهن ۽ انهن جي سياڻپ جا قصيدا بيان ڪري رهيا آهن. سي ابا ڏاڏا دراصل اسان جا ابا ڏاڏا هئا. ڇاڪاڻ ته اُنهن پنهنجي چريائپ جي حد کي ڪراس ڪندي ڪا نه ڪا نئين تخليق ڪئي ۽ انهن جي انهي چريائپ سبب جهاز، دوربين، ٽيليفون ۽ انهن سان لاڳاپيل کوڙ ايجادون ٿيون.
توهان ڀلي تاريخ جا ورق ورائي ڏسو. هن سماج جا ماڻهو انهن مهان تخليقڪارن کي پهريان چريو چوندا هئا ۽ انهن جي ڪنهن به ڳالھه يا عمل کي درست ڪونه سمجهندا هئا. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ اسان سڀئي چريا پنهنجي هن دعويداري تان هٿ کڻئون ٿا”. هاڻ جيڪڏهن اعتدالي نموني سان فيصلو ڪجي ته هي دنيا واقعي حقيقتن چرين جي دنيا آهي. سياڻن ماڻهن هن دنيا کي ڪڏهن به سنجيده ڪونه ورتو ۽ اُهي هن دنيا کي مانجهاندي جو ماڳ سمجهي هتي پنهنجو وقت پورو ڪري هليا ويا ۽ پويان هي گيت هلندو رهيو ته” پکي پرواز ٿي ويندا، حويلي ۾ نه ھُل رهندو”.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *