تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

فلسفي جو علم … راشد علي ڀرڳڙي

هن دنيا ۾ علم جي جوڙ فلسفو آهي. ۽ فلسفو علم جي ماءُ آهي فلسفو بنيادي جوڙ مذهب، سائنس، رياضي، تاريخ، ادب هجي يا دنيا جي هر شيء فلاسافي مان جنم وٺندڙ آهي. دنيا ۾ فلسفي جو علم هن دنيا ۾ هڪ وڏي رستي جيان آهي ۽ ان ۾ انسان جا ذهن ان رستي تي سفر ڪري عقل ۽ ڏاهپ جي ملڪ ۾ اندر داخل ٿين ٿا. انسان جي اصلي حقيقت فلسفي ڏانهن ڪشش ڪندي آهي. فلسفو هڪ ماڻهو جي عينڪ جيان آهي جيئن انسان جي نظر گهٽ جي ويندي آهي ته انسان نظر جو چشمو استعمال ڪندو آهي. ته ان کي عينڪ ذريعي ھر شي نظر ايندو آهي ائين فلسفو به هڪ عينڪ جيان آهي جنهن کا استعمال ڪرڻ سان ڪائنات جي ھر شي ڏسي سگهي ٿو ۽ زندگي جي ٻاري پڙهي ٿو. ان کي هر شئي نظر ايندي آهي دنيا جي هر علم جو ڪمال فلسفو آهي. فلسفي جي ڪري دنيا جي هر شي کي ڏسي ٿو. فلسفو هن دنيا جي اندر هر دور ۾ انسانن جي مدد ڪندو پيو اچي فلسفي جي پراڻي تاريخ آهي. جڏهن انسان جي سوچ ننڍڙي ٻار جيان بانبڙا پائڻ شروع ڪئي. ڪائنات جي تخليق ۽ خدا جي وجود، انسان جي پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ جو احساس ۽ پنهنجي زندگيءَ جا سوال ارتقا ڪيا. ڪائنات جي جوڙ جڪ ڪئين ٿي؟ انسان ڇو پيدا ڪيا ويا؟ خدا ڪير ۽ ڪٿي آهي؟ خدا انسان کي ڇو پيدا ڪيو؟ اهڙن سوالن جي جوابن جي ڪري فلاسافرن پنهنجون زندگيون ارپي ڇڏيون. هن دور ۾ سائنس فلسفي کي حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ۽ فلسفي کي گهر جي علم کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. ڪنهن دور ۾ عظيم شخصيتون فلسفي لاءِ پنهنجي زندگي جون بازيون لڳائڻ تيار هئا فلسفي لاءِ سقراط پنهنجي دشمنن کان ڀڄڻ بدران جام شهادت پيڻ بهتر سمجهو ۽ ان فلسفي لاءِ جام شهادت پيتو. افلاطون فلسفي جي لاءِ رياست قائم ڪرڻ لاءِ ٻه دفا پنهجي زندگيءَ کي خطري ۾ ڏني استاد ڪارل مارڪس دنيا جو عظيم فلاسافر ۽ انقلابي جنهن کي تخت، تاج ۽ دنيا جي هر سک کان وڌيڪ فلسفي سان محبت هئي مرڻ جي گهڻي تائين. هنن جهڙن عظيم شخصيتن جي ڪري فلسفو زنده رهيو.
اڳتي هلي فلسفو هڪ ڪشادو ۽ وسيع ٿيندو رهيو. فلسفو زندگي ننڊن کان ننڍين ڳالهين ۽ زندگي جي غور ۽ فڪر ڪرڻ شروع ڪيو. مثال سچ ڇا؟ سک ڇا آهي؟ ڏک ڇا آهن؟ اهڙا زندگي جا سوال پيدا ٿيا معني ته انسانب جي زندگي جي ڪجهه سوالن ۽ زندگي جي لانن کي فلسفي پنهجي طور طريقي سان هل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مٿي جئين مون ذڪر ڪيو آهي ته فلسفو علم جي ماءُ آهي. ان جي معني ته فلسفي کان بغير علم ڪجهه به ناهي. علم هڪ مجسمن جيان بي جان آهي فلسفو ان علم کي روح ڦوڪيندڙ علم جيان آهي اسان کي فلسفي سان ان جي ڪري محبت آهي. ته فلسفو جو علم هيرا، موتي ۽ سون جيان لڪيل خزانو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو فلسفيجي علم جي در تي پير رکندو آهي ته ان کي پنهنجي پاڻ کي لاعلم جو احساس ٿيندو آهي. جڏهن انسان مڇي کائيندو آهي ته ان پاڻي جي تمام گھڻي پياس لڳندي آهي جڏهن انسان فلسفي جو علم حاصل ڪري ٿو ته ان کي حق سچ جي هڪ لهر پيدا ٿيندي آهي جيڪا حق ۽ باطل ۾ فرق ظاهر ٿيندو آهي فلسفو جو سياري جي باھ جيان آهي. اها باھ انسان جي ذهن کي گرم ڪري ٿي . فلسفو انسان کي ڪيترن ئي سوالن سوچڻ جي صلاحيت رکي ٿو. فلسفو انهن خيالن کي محل جيان سجائي ٿو. اهو هڪ فڪري سوچ پيدا ڪندو آهي اجھو فلسفي وانگر ڳالهڻ جو انداز سکاريندي آهي. هڪ ماڻهن جي هجوم ۾ هڪ بحث ٿي رهيو آهي ته گهوڙي جي وٽ ۾ ڪيترا ڏند آهن.؟ هر ماڻهوءَ پنهنجي حصاب سان جواب پيو ڏئي هڪ هڪ نوجوان فلاسافر ان هجوم ۾ داخل ٿي انهن جي بحث تي هڪ نظر اندر سوچ رکي ڇو نه گهوڙي جو وات کولي ان جا ڏند ڏسجن ان هجوم ان فلاسافر ان هجوم اهو جواب ڏئي ان هجوم کي لاجواب ڪري ڇڏيو. اسان انسانن هن دور ۾ فلسفي ڄڻ ڪنهن ميشن اندر ڏئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن دنيا ۾ نافرمان اولاد جيان فلسفي نافرمان علمن جيان ڪيترائي سوال پيدا ڪيا. اسان جي معاشري ۾ اسان جا ماڻهن چوندا آهن ته فلسفي پڙهڻ بلڪل ضروري ناهي آشنا جي معاشري جا فلسفي علم کي بي معني سمجهندا آهن. اسان جي هن دور ۾ اسان فلسفي جي پڙهڻ کان صفا بذار ٿي ويا آهيون. گذريل دور ۾ فلسفي جي خوشبو پوري دنيا ۾ ڦهليل هئي. اسان جي دور ۾ فلسفي جو لهندڙ سج جيان زوال جو دور گذري رهيو آهي. انسان جي بنيادي ارتقا فلسفو آهي. ارتقا جي سفر ۾ فلاسافي جو سهارو ورتو ويو آهي. ظلم ۽ جهالپ جي اونداهي جي دور ۾ فلسفي مقابلو ڪيو آهي. فلسفي سان هر ظلم جو مقابلو ڪيو. گذريل دور ۾ فلسفي جي روشني انسانن لاءِ قوت پيدا ڪندڙ هئي. ماضيءَ ۾ ماڻهون عزت ڪندا هئا. هن دور ۾ سائنس جي ٽيڪنالوجي جي ڪري فلسفي پوڙهي عورت جيان سمجهيو ويندو آهي. سائنس فلسفي کي هڪ ٻي وفا محبوب ڪيا ڇڏي ڏنو آهي. گذريل زماني ۾ فلسفي جو احترام ڪيو ويندو هو.
اسان انسانن کي ان ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي ته فلسفي جي معني آهي علم سان محبت جو اظهار ڪرڻ هر دور ۾ جن قومن علم سان محبت ڪئي آهي انهن قومن ئي دنيا ۾ ترقي ڪئي آهي. جيڪڏهن اسان هن دور ۾ فلسفي پڙهي سمجهون ته پوءِ هن سماج کي بهتر ڪري سگهون ٿا. اهو ئي فلسفي جو علم آهي.
جيڪي ماڻهو اسان جي معاشري محال ۾ جيڪو اسان هي نظام ٺاهيو آهي جيڪو سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ سربراهه جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ ٻئي انسان جي زندگيءَ سان کيڏي رهيا آهن . اهي انهن ماڻهن جي زندگي سان کيڏي جنهن ماڻهوءَ وٽ علم جو خزانو ناهي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *