تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

فقير ڪير آهي؟! ….آفتاب حسين راڄپر

هڪ ڏينهن هڪ امير شخص رستي تان گذري رهيو هيو ته هڪ نوجوان کي پنندو ڏسي ڏاڍي تعجب پيو ۽ کيس ان تي رحم آيو. ويجهو وڃي کائنس پنڻ جو سبب پڇائين ته “اي نوجوان مون کي ڏاڍو تندرست ٿو نظر اچين پوءِ به هيءُ ڪم ڇو ڀلا؟”
فقير (نوجوان) وراڻيو، “آئون پڙهيو لکيو آهيان، ڪيترائي سال نوڪري لاءِ ڌڪا کائڻ کان پوءِ آخر هي ڌنڌو اختيار ڪيو اٿم”
امير شخص ان فقير کي چيو ته، “جيڪڏهن مان توکي ڪم ڏيان ته پنڻ ڇڏي ڏيندين؟”
فقير وراڻيو، “ڇو نه ضرور، ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي؟”
امير شخص چيو، “تون منهنجو بزنس پارٽنر ٿيندين؟”
فقير کلندي چيو،“توهان مون سان مذاق ٿا ڪريو”
امير شخص چيو، “نه مان سچ ٿو چوان، مان چانورن جو واپار ڪندو آهيان، جيڪڏهن توکي چانور ڏيان ته مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندين. توکي دڪان به ڪرائي تي وٺي ڏيان ۽ پوري مارڪيٽ کي توکي چانور فراهم ڪرڻا پوندا”
فقير خوشي مان وراڻيو، “ها مان ضرور ڪندس، پوءِ منافعي مان 10 سيڪڙو مونکي ملندو”
امير شخص چيو، “نه جڏهن مهيني تي حساب ڪتاب ڪنداسين ته 90 سيڪڙو منافعو تون کڻجان ۽ 10 سيڪڙومونکي ڏجان”
اهو ٻڌي فقير کي پنهنجي ڪنن تي يقين نه پيو اچي، هن وري ٻيهر امير شخص کان ورجائي پڇيو ته “ڪيترو مان کڻان ۽ ڪيترو توهان؟”
امير شخص چيو، “90 سيڪڙو منافعو تون کڻجان ۽ 10 سيڪڙومونکي ڏجان”
فقير ڪم شروع ڪيو، ڏاڍي محنت ۽ جدوجهد سان ڪم ڪندو رهيو. جڏهن مهينو پورو ٿيو، حساب ڪتاب جو وقت آهيو ته پنهنجي هٿن ۾ پئسا ڳڻيندي ڳڻيندي فقير کي لالچ جاڳي پئي ۽ دل ۾ سوچيائين ته سڄو مهينو مان محنت ڪري، پگهر وهائي هن شخص جا چانور کپايا آهن، مور جا پئسا کيس ڏيندو آيو آهيان، هاڻي 10 سيڪڙو به منافعو هن کي ڇو ڏيان. ايتري دير ۾ اهو امير شخص به اچي ويو ۽ کائنس 10 سيڪڙو گهرڻ لڳو ته فقير چيس، “ڏسو سائين مان توهان جو ٿورائتو آهيان جو توهان مونکي ڪم ڏنو، پر مان پورو مهينو پگهر وهائي توهان جا چانور کپايا آهن، هاڻي منافعو ته منهنجو حق آهي. اهو آئون توهان کي نه ڏيندس”
ان تي امير شخص وراڻيو، “تون بلڪل صحيح ٿو چئين اهو تنهنجو حق آهي. جيڪڏهن تون مون کي مطلب هڪ انسان کي راضي ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو. ساڳي طرح الله سائين اسان کي زندگي ڏني، جسم، هٿ، پير، اکيون، ڳالهائڻ لاءِ زبان، ڪمائڻ لاءِ هٿ، دل، دماغ ۽ احساس ڏنا. روزي رزق جو ذمو کنيو، رهڻ لاءِ جاءِ ڏني.
ڇا اسان کي ان کي بدلي ۾ ڪجهه ڏيڻ کپي؟
ڇا اسان کي ان جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي؟ڇا اسان کي ان جا چيل حڪم مڃڻ کپن؟”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *